گهوري توتان ماءُ

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    گهوري توتان ماءُ
    مختيار گهمرو
    ويرين تي ٿئي ڌاڪو تنهنجو،
    ڏور ٻجهي ڏهڪاءُ او پٽڙا!
    گهوري توتان ماءُ
    ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين،
    پهچي جيئن پڙلاءُ او پٽڙا!
    گهوري توتان ماءُ
    ڪين ڪجانءِ ”مختار“ ڪڏهن تون،
    ٺوڳيءَ سان ٺهراءُ او پٽڙا!
    گهوري توتان ماءُ
    او پٽڙا!
    گهوري توتان ماءُ
    گهوري توتان ماءُ او پٽڙا!
    گهوري توتان ماءُ
    شال وڏو ٿي جواني ماڻين
    ڏسين نه ڪوسو واءُ، او پٽڙا
    گهوري توتان ماءُ.
    علم جي دولت حاصل ڪر تون،
    دلبر ٿي داناءُ او پٽڙا!
    گهوري توتان ماءُ.
    دولهه بڻجي دودي وانگي
    دشمن تي ڪر داءُ او پٽڙا!
    گهوري توتان ماءُ
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو