مست
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
جيئن ته توهان کي خبر آهي ته هن وقت سنڌ کي درپيش ڪيترن ئي خطرناڪ مسئلن سبب سنڌ تباهي ڪناري پهچي چڪي آهي۔ هڪ وڏو مسئلو جيڪو سنڌ جي زمينن کي درپيش آهي ۽ هٿرادو نموني صرف سنڌ جي زراعت کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ مخصوص صوبي پاران پيدا ڪيو ويو آهي، اُهو آهي سم نالن جو مسئلو۔۔۔ جنهن سان سنڌ جي لکين ايڪڙ (شايد لکين ايڪڙن کان به مٿي) زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي وئي آهي۔۔۔
اونئن به سنڌ ۾ سم ۽ ڪلر هئي پر صرف ڪجهه علائقن ۾ جتي جر جو پاڻي مخصوص ليول کان مٿي هو، پر هاڻي هن نين آفتن جي ڪري سنڌ جي زمينن سان ويڌن ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي۔۔۔
هن سلسلي ۾ سنڌ جي هڪ ماحولياتي آرگنائيزيشن پاران سانگهڙ ضلعي ۾ سم جي تباهه ڪارين جي باري ۾ هڪ ڊاڪومينٽري جوڙي وئي آهي، جنهن جي اندر وڊيو ثبوت ۽ انهن علائقن جو سروي ۽ علائقي واسين جا ويچار، اُن کان پوءِ سنڌ جي مختلف تعليمي ۽ سماجي ادارن جي ماهرن جو رايو ۽ ڳڻتيون پڻ هن ۾ شامل ڪيل آهن۔۔۔
مان سمجهان ٿو ته توهان سڀني کي هن ڊاڪومينٽري سان سنڌ جي اندر سم ۽ سم نالن جي تباهه ڪاري جو ڪجهه اندازو ضرور ٿيندو۔۔۔

وڊيو لاءِ هيٺين پوسٽ ڏسو۔۔