خليل جبران
سينيئر رڪن
سڀ تعريفون الله پاڪ جون جن سڀني عالمن کي ٺاهيو آهي،۽ اسان سڀني کي انهن جي طرف موٽي وڃڻو آهي۔
اسلام عليڪم!
سٻاجهڙا ساٿيو! ڪافي وقت کان هن پياسي روح جي تسڪين لاء مختلف جڳهن تي وجهائيندو رهيس ۽ انهي تگ وداد ۾ ڪافي ساري دنيا به ڏٺم پر سڪون ڪون مليم،ماء سواء الله پاڪ ڏانهن رجوع ڪرڻ جي۔ اسان جي تعليم ته اهڙي ڪا قابل ئي ذڪر نه آهي پر ننڍي عمر ۾ سلياني طبيعت جي ڪري ڪافي گردش ۾ رهيس ۽ ڪافي سارا ماڳ ۽ مڪان به ڏٺم۔ڪمپويٽر جي ڄاڻ وٺڻ ۽ سنڌي اکرن سان سڃاڻپ لاء ڪجه دوستن ۽ مهربانن کان مدد ورتم ۽ انهن جي ذريعي خبر پئي ته ”سنڌ سلامت“جي نالي سان انٽرنيٽ تي هڪ فورم آهي جيڪو سنڌي ٻولي جي خدمت ڪري رهيو آهي ۽ ان فورم تي ڪافي سارو مواد سنڌي زبان ۾ هرموضوع تي موجود آهي،تڌهن اسان جي دل هڪدم ڇڪ ڀري ته ان فورم جو ڀيرو ڀرجي ۽ ميمبر ٿئجي۔ جڏهن هن فورم تي اسان نظر وڌي ته تمام سٺيون تحريرون ڏسڻ ۾ آيون۔جن کي پڙهي ڪجه مڙئي دل کي تسلي ملي ۽ سوچو سين ته اسان به ميمبر ٿيون۔ ان نيت سان اوهان جي سامهون اچي حاضر ٿيا آهيون۔ اسان جو هڪ دوست جيڪو سنڌي ڪمپوزينگ (ڪمپويٽر) ۾ ماهر آهي جن جي مدد سان پنهنجي باري ۾ هي سڀ ڪجه لکي رهيا آهيون۔ انشالله ڪجه وقت ۾ اسان به سنڌي ۾ لکڻ سکي وٺينداسين۔اسان زندگي جي گاڏي کي هلائڻ لاء بيزنس ڪندا آهيون۔ اصلي ماڳ ته چنيئجا۔ دادو مورو پل جي ويجهو ڳوٺ (مورو تعلقو آهي) پر ڪافي ساري وقت کان ڪراچي ۾ رهيل آهيون۔ توهان جي لاء اسان استاد بخاري جي ڪجه شاعري پيش ڪيون پيا جيڪي اسان جي دل جي ڪفيت جي صحيحي ڄاڻ اوهان کي ڏيندي۔
ڏکي آ پيار جي منزل،هلڻ لاء حوصلا گهرجن۔
هزارين خوف خطرا، کڻڻ لاء حوصلا گهرجن۔
رهي ٿو چنڊ وانگر جو،ڪڏهن گم سم ڪڏهن ظاهر
انهي محبوبزادي سان،ملڻ لاء حوصلاء گهرجن۔
پره جي هير ۾ منهن تان ،هٽائي زلف جا پهرا
پرائي سونهن کي پيارا، چمڻ لاء حوصلاء گهرجن۔