يارو! اوهين به زورآور آهيو، ان مئخاني جي مئه ۾ اهڙو ته خطرناڪ نشو آهي جو، چڙهڻ کانپوءِ بس ٻئي طبق روشن ٿيو وڃن ... هر شئي ۾ پئسو نظر ايندو آهي ... غريب جي جسم تي چڙهيل چمڙي جو پئسو، يتيمن ۽ مسڪينن جي آهن ۾ پئسو، عورت جي عزمت جي لٽجڻ ۾ پئسو، ڪڙميءَ جي فصل ۾ پئسو، ٻارڙن جي ڪتابن ۾ پئسو، ماروئڙن جي چونرن ۾ ٻرندڙ ڏيئي جي تيل ۾ پئسو ...
جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن ڊالر ئي ڊالر... يا بي ايماني تيرا آسرا ...
ادي فقير کي الله بچائي جو هو به ان هنڌ پهتو ته اهو فقيري ويس لاهي رکندو چنچيِءَ ۾ ۽ پاڻ چڙهي ويهندو پيجارو ۾ بس پوءِ ٻيڙا ئي پار ...
يا وري فقير سائين هوندو ايمان ۾ ته ڪندو سڀني جو حشر محترم سائين ارباب رحيم وارو، پوءِ ته ٿيندو هو جمالو .... موچڙو لڳندو هڪ ته ليکبو هزار ...
sindhsalamatsaathsal