پاڪستاني ۽ چيني تحقيق خاطر چنڊ تي پهتا ۔ ڌرتي ڏانهن نگاه ڪندي چيني چيو ته هو ڏس ديوار چين پئي نظر اچي تنهن تي پاڪستاني وراڻيو غور سان ڏس ديوار چين نه آهي پاڪستان ۾ سي اين جي ڀرائڻ وارن جي قطار آهي۔
سائين اهو خاڪو پاڪستان جي حوالي سان مختلف اشوز تي ٺاهيو ويندو آهي۔۔ ديوار چين ته هڪڙي ئي آهي، پر هاڻ چنڊ تي وڃبو ته اهڙا ڪيترا ئي ليڪا نظر ايندا۔۔ جن ۾ نادرا جي آفيس ٻاهران قطار، ۔۔يوٽيلٽي اسٽور تان کنڊ وٺن لا قطار، وطن ڪارڊ جي قطار، سيلاب زدگان کي امداد ڏيڻ لا قطار۔۔۔هاڻ وري مارڪيٽ ۾ نئون اشو آيو آهي۔۔ سي اين جي لا قطار۔۔