هڪ سبق جيڪي سمجهي سگهن..

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    مان اهڙن ماڻهن کان آٽوگراف وٺڻ جو خواهش مند آهيان جن تي دنيا جي رنگيني جو بوجهه نه هجي ۔۔۔ مون وٽ جيترا به ڪاغذ آهن انهن تي صحيحون ته گهٽ ماڻهن جون آهن۔۔ پر آڱوٺا گهڻن ماڻهن جا لڳل آهن۔۔۔
    ڪنهن ڪاٺير جو آڱوٺو آهي۔۔ ڪنهن واڍي جو آڱوٺو آهي۔۔ ڪنهن قاصائي جو آ۔۔ ۽ ٻين سخت ڌنڌي ڪرڻ وارن جا به آهن۔۔ هاڻي تازو تازو مون جنهن جو آڱوٺو لڳرايو آهي اهو ننڍي ڳوٺ جي هڪ دڪاندارجو آهي۔۔
    منهنجي وچين پٽ کي پکين جو وڏو شوق آهي۔۔ هن گهر ۾ پکين کي داڻو کارائڻ لاءِ اهڙا ڊٻا ٽنگي رکيا آهن جنهن مان پاڻمرادو هڪ هڪ داڻو هيٺ ڪرندو رهندو آهي ۽ پکي شوق سان اچي اهي داڻا چڳندا آهن۔۔۔
    جڏهن اسان ٻاهران گهمندي پنهنجي شهر پئي موٽياسين ته اسان جو گذر ان ڳوٺ مان ٿيو۔۔۔ دڪان مين روڊ تي ئي هو۔۔۔ ۽ دڪان تي پنجن پنجن ڪلو ٿيلها لٽڪيل هيا۔۔۔ جنهن ۾ ٻاجهري ۽ چانورن جا ٽوٽا ڀريل هئا۔۔ منهنجي پٽ مون کي چيو ته ”بابا ۔۔ هي داڻا پکين لاءِ ڀلا ٿا لڳن۔۔
    منهنجو پٽ ان دڪاندار وٽان چانور ۽ ٻاجهري وٺڻ ويو ته دڪاندار کائنس پڇيو ته ”توهان کي هي ٻاجهري ڪهڙي مقصد لاءِ کپي۔۔۔؟“
    منهنجي پٽ کيس جواب ڏنو ته ۔۔ ”پکين کي داڻي طور ڏيندس۔۔۔“ تنهن تي دڪاندار کيس چيو ته ”توهان ڪنگني (ٻاجهري نما داڻي جو هڪ قسم جنهن کي انگريزي ۾ Setaria italica چئبو آهي) به ضرور وٺو ڇو ته ڪجهه پکي اهڙا به هوندا آهن جيڪي ٻاجهري کائي نه سگهندا آهن۔۔ اهي ڪنگني کائي وري وري توهان وٽ ضرور ايندا۔۔ “
    منهنجي پٽ کيس چيو ته ”توهان ڪنگني به ضرور ڏيو۔۔ ۽ ان رهنمائي لاءِ مان توهان جو ٿورائتو آهيان۔۔۔“
    اهي شيون خريد ڪري جڏهن هن کيسي مان ٻٽون گهٽيو ته اهو کيس نه مليو۔۔ ٻٽون جانچڻ لاءِ هو گاڏي کان سواءِ آس پاس به ڳوليو پر کيس نه مليو۔۔ تڏهن منهنجي پٽ ٽئي ٿيليون گاڏي مان واپس کنيون ۽ دڪاندار کي واپس ڏيندي چيو۔۔۔ ” معاف ڪجو۔۔۔ مان ته پنهنجو ٻٽون ئي گهر وساري آيو آهيان۔۔۔“
    دڪاندار چيو ۔۔ ”صاحب ۔۔ ڪمال ٿا ڪريو۔۔ هي کڻي وڃو ۔۔ پئسا اچي ويندا۔۔“
    منهنجي پٽ کيس چيو۔۔۔ ”توهان ته مون کي سڃاڻو ئي ڪونه ٿا۔۔ “
    دڪاندار وراڻي ڏني۔۔ ”صاحب۔۔ جيڪو ماڻهون پکين کي داڻا چڳائيندو هجي۔۔ اهو ڪڏهن به بي ايمان نه ٿو ٿي سگهي۔۔“
    مون جهٽ آٽوگراف بڪ ڪڍي ورتي ۽ سندس آڱوٺو هڻائي ورتو۔۔


    اشفاق احمد جي ڪتاب زاويه تان ترجمو ڪيل
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب

    سبق آموز نصيحت
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دڪاندار وراڻي ڏني۔۔ ”صاحب۔۔ جيڪو ماڻهون پکين کي داڻا چڳائيندو هجي۔۔ اهو ڪڏهن به بي ايمان نه ٿو ٿي سگهي۔۔“

    اهڙائي ته ماڻهو آهن، جنهن جي ڪري هي دنيا پئي هلي ۔۔۔۔ اشرف المخلوقات، باقي اڪثريت ته انهن جي آهي جيڪي اشرف المخلوقات جي نالي تي انسانيت تي داغ وانگر آهن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,725
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين بهترين، تمام بهترين، ٻنهي طرفان کان انسانيت جي سڃاڻپ ٿئي پئي، هڪ ته ان دڪاندار وراڻيو ته جيڪي انسان پکين کي داڻو ڏيندا آهن اهي بي اايمان ڪڏهن نه ٿيندا آهن۔۔۔مان ته ان دڪاندار کي هڪ مها انسان سمجهندس جنهن وٽ انسانيت کي پرکڻ جي ايتري ڄاڻ هئي۔۔۔ ۽ يقين ڪيو اسان سان پڻ اهڙا واقعا ٿيندا رهندا آهن، ڪيترائي دڪاندار ۽ ڪاروباري اهڙا ماڻهو ملندا آهن جن وٽ دڪانداري ۽ ڪاروبار کي وڌ انسانيت جي سڃاڻپ ۽ اهميت هوندي آهي، اهڙن ماڻهن کي خاص الله پاڪ جي رحمت شامل هوندي آهي ۽ انهن جا ڪاروبار پڻ الله جي رزق سان ڪشاده رهندا آهن۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,725
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين بهترين، تمام بهترين، ٻنهي طرفان کان انسانيت جي سڃاڻپ ٿئي پئي، هڪ ته ان دڪاندار وراڻيو ته جيڪي انسان پکين کي داڻو ڏيندا آهن اهي بي اايمان ڪڏهن نه ٿيندا آهن۔۔۔مان ته ان دڪاندار کي هڪ مها انسان سمجهندس جنهن وٽ انسانيت کي پرکڻ جي ايتري ڄاڻ هئي۔۔۔ ۽ يقين ڪيو اسان سان پڻ اهڙا واقعا ٿيندا رهندا آهن، ڪيترائي دڪاندار ۽ ڪاروباري اهڙا ماڻهو ملندا آهن جن وٽ دڪانداري ۽ ڪاروبار کي وڌ انسانيت جي سڃاڻپ ۽ اهميت هوندي آهي، اهڙن ماڻهن کي خاص الله پاڪ جي رحمت شامل هوندي آهي ۽ انهن جا ڪاروبار پڻ الله جي رزق سان ڪشاده رهندا آهن۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو