ڪالا باغ ڊيم خلاف سرگرم پ پ ۽ ٿل ڪئنال جو گم ٿيل معاملو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڪالا باغ ڊيم خلاف سرگرم پ پ ۽ ٿل ڪئنال جو گم ٿيل معاملو
    ڪالا باغ ڊيم خلاف سنڌ اسيمبليءَ ڇوٿون ڀيرو ٺهراءُ پاس ڪري يقينن هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. شايد هي پهريون ڪو سنڌ دشمن منصوبو آهي، جنهن کي سنڌ اسيمبليءَ ايترا ڀيرا رد ڪيو آهي. هونءَ ته پاڻ وٽ پاڪستان جي قيام کانپوءِ مسلسل ابتي گنگا وهندي آئي آهي. اها ئي سنڌ اسيمبلي هئي، جنهن مان ايوب کهڙي ون يونٽ جهڙو ٺهراءُ پاس ڪرايو ۽ ان کانپوءِ ايوب کهڙي جي ڀائٽي نثار کهڙو جي صدارت ۾ ساڳيءَ اسيمبليءَ هڪ ٻئي تمام وڏي سنڌ دشمن عمل يعني نئين مڪاني نظام وري بل کي منظور ڪري سنڌ جي انتظامي ورهاڱي کي قانوني شڪل به ڏني. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ آيل يا هٿراڌو طور آڻايل لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪرڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم خلاف جيڪي چار ٺهراءُ پاس ڪيا آهن، ان عمل کي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ بطور ڪارڊ به استعمال ڪيو ويندو پر ان جي باوجود سنڌ اسيمبليءَ جو اهو فيصلو ساراهه جوڳو ضرور آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجن اختيارن کي اورانگهي وفاقي نوعيت جي معاملي ۾ نه رڳو مداخلت ڪئي پر ان تي سنگل بينچ فيصلو به ٻڌائي ڇڏيو هو. ڪالا باغ ڊيم وفاقي نوعيت جو مسئلو آهي ۽ ان تي ٻن صوبن ۾ سخت احتجاج ٿي چڪا آهن، بلوچستان اسيمبلي به ان ڊيم خلاف ٺهراءُ پاس ڪري چڪي آهي پر ان جي باوجود لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تعجب جهڙي ڳالهه آهي. اهڙي عدالتي فيصلي کانپوءِ ٻيو سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا سڀاڻي پاڻي جي ورڇ واري معاملي تي به عدليا فيصلو ٻڌائي ڇڏيندي؟ ڇاڪاڻ ته ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو به سنڌو درياهه جي مالڪي ۽ پاڻي جي ورڇ سان تعلق رکي ٿو. اهو نه وسارڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جو مسئلو شروع کان ئي انتهائي حساس رهيو آهي. پنجاب طرفان سنڌ جي حصي جو پاڻي زبردستي کڻڻ واري حقيقت ڪنهن کان به ڳجهي ناهي. ڪالا باغ ڊيم تي اٽڪيل لاهور هاءِ ڪورٽ کي سنڌ جي حصي جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙن بابت به ٿورو پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ کپندا هئا. دراصل هڪڙي صوبي جي هاءِ ڪورٽ جو اهڙو فيصلو ان حقيقت جي نشاندهي ڪري ٿو ته هن ملڪ ۾ سنڌ سميت ٻين صوبن جي اهميت فقط ايتري آهي، جيڪا حيثيت برصغير هند جي انگريزن جي حاڪميت واري دؤر ۾ هئي.
    ڪالا باغ ڊيم جو معاملو مختلف وقتن تي ڪر کڻندو رهيو آهي ۽ نتيجي ۾ سنڌ ٻين سمورن مسئلن کي پٺي ڏئي ”ڊيم نه کپي“ جي نعري پويان ڊوڙندي رهي. جنرل ضياءَ جي آمريت کان ويندي پ پ جي پهرين حڪومتي دؤر تائين ڪالا باغ ڊيم جو نانگ سنڌي ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ پيل رهيو. پيپلز پارٽي پنهنجي پهرين حڪومتي دؤر ۾ ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ فنڊ به رکيا پر سنڌي ماڻهن جي سخت ردعمل جي ڊپ سبب ان تي کليل نموني ڪم نه ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ان جا ٽينڊر به ڪرايا ويا ۽ غلام قادر پليجو جهڙن ماڻهن وڃي ٺيڪا به کنيا پر پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جڏهن محسوس ڪيو ته سندن اهو فيصلو سنڌ ۾ ووٽ بينڪ کي سخت متاثر ڪندو ته نتيجي ۾ بنا دير ان معاملي کي ملتوي ڪيو ويو. نواز شريف ۽ جنرل مشرف جي حڪومتي دورن ۾ ڪالا باغ ڊيم جو جن بوتل مان نڪتو هو پر سنڌ جي احتجاجن ۽ خيبرپختونخواهه جي ردعمل سبب ٻنهي حاڪمن کي پويان پير ڪرڻا پيا. جنرل مشرف ڪالا باغ ڊيم سان گڏ گريٽر فلڊ ٿل ڪئنال جي نالي سان هڪ ٻيو منصوبو به آندو. مشرف جي آمريت ۾ جڏهن پيپلز پارٽي اپوزيشن ۾ هئي، تڏهن سنڌ ۾ اينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي ٺاهي وئي هئي ۽ ان جي قيادت قائم علي شاهه ۽ نثار کهڙي ڪئي، سنڌ ۾ انهن همراهن جي اڳواڻي ۾ ٿل ڪئنال خلاف احتجاج ڪيا ويا، ڌرڻا لڳا. سنڌ جي انهن احتجاجن جي نتيجي ۾ وفاقي حڪومت ڪالا باغ ڊيم تي ته خير ڪم نه ڪرايو پر ٿل ڪئنال ٺهڻو هو سو ٺهي ويو. وڏي ڳالهه اها به آهي ته اپوزيشن ۾ هوندي پ پ سنڌ ٿل ڪئنال جي مخالفت پئي ڪئي پر هاڻي جڏهن حڪومت ۾ آئي آهي، تڏهن سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ اسپيڪر نثار کهڙي کان اهو ٿل ڪئنال وسري ويو، جيڪڏهن پ پ سنڌ ڪالا باغ ڊيم خلاف صوبائي اسيمبليءَ مان تڙ تڪڙ ۾ ٺهراءُ پاس ڪري سگهي ٿي ته پوءِ اهو ساڳيو ڪم ٿل ڪئنال لاءِ ڇو نه ڪيو ويو؟ ڪالا باغ ڊيم هجي يا ٿل ڪئنال، معاملو ته پاڻي تي ڌاڙي جو آهي. اهو ڪهڙو سبب آهي جو ڪالهه تائين جنهن قائم علي شاهه ۽ نثار کهڙي کي ٿل ڪئنال سنڌ دشمن منصوبو ٿي لڳو، اڄ کين حڪومت ملڻ کانپوءِ اهو سنڌ دوست ٿي پيو آهي. سنڌ ۾ هڪڙو شڪ اهو به رهيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪالا باغ ڊيم کي ٻين سنڌ دشمن رٿائن خلاف ڍال طور استعمال ڪندي رهي ٿي. جڏهن ڪالا باغ ڊيم جو اعلان ٿيندو ته آهي ته سنڌي ماڻهو فقط ان هڪڙي مسئلي تي احتجاج ۾ لڳي وڃي ٿو ۽ نتيجي ۾ وفاقي سرڪار سنڌي ماڻهن کي منجهائي ٻيا سنڌ دشمن فيصلا ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي. بدقسمتيءَ سان ائين ٿيو به آهي ۽ ان جو ويجهڙ ۾ وڏي ۾ وڏو مثال ٿل ڪئنال جي اڏاوت آهي. جنرل مشرف جي دور ۾ ان ڪئنال جي اڏاوت شروع ڪئي وئي ۽ پ پ جي هاڻوڪي حڪومت ۾ ڪئنال کي مڪمل ڪري ان ۾ پاڻي به ڇڏيو ويو آهي پر خبر ناهي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ اسپيڪر نثار کهڙي کان اهو ڇو وسري ويو آهي ته هنن مشرف جي دؤر ۾ ٿل ڪئنال خلاف عوام کان ڪي نعرا به هڻايا هئا.
    هاڻي به ڪالا باغ ڊيم جو معاملو ان وقت سامهون آيو آهي، جڏهن سنڌي ماڻهن ڌرتيءَ جي وحدت خلاف آيل مڪاني نظام خلاف احتجاج پئي ڪيا. پ پ سنڌي ماڻهن جي احتجاج کي بي اثر ڪرڻ جي لاءِ پهرين مرحلي ۾ مڪاني نظام جي حمايت ۾ عوامي رابطا مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو پر جڏهن حيدرآباد وارو جلسو بري طرح ناڪام ويو ته هڪڙي ئي ڌڪ سان ڪالا باغ ڊيم جو جن بوتل مان نڪري آيو. ڪمال ته اهو آهي جو ڪالا باغ ڊيم خلاف فيصلو عدالت ڏنو آهي ۽ هيڏانهن پيپلز پارٽي پنهنجن ڪارڪنن کي روڊن تي آڻي ان ڊيم خلاف احتجاج پئي ڪرائي. مڪاني نظام جهڙو سنڌ دشمن فيصلو ڪندڙ پيپلز پارٽي ڪمال مهارت سان سنڌي قوم جي احتجاج جو رخ موڙڻ ۽ پنهنجو ووٽ بينڪ بچائڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم جو ڪارڊ کڻي ميدان تي لٿي آهي. ٺيڪ آهي، سنڌ کي ان تي اعتراض ناهي ته پ پ ڪالا باغ ڊيم خلاف احتجاج نه ڪري يا سنڌي اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس نه ڪيا وڃن ته پيپلز پارٽي کي جيڪڏهن ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ سان سنڌ جي بنجر بڻجڻ جو ايڏو ئي اونو آهي ته پوءِ کيس عوام سان ڪيل واعدي مطابق ٿل ڪئنال جي رٿا رد ڪرائڻ لاءِ به سنڌي اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرائڻ گهرجي. ڳالهه ته ساڳي آهي، ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ سان به سنڌ جو پاڻي بند ٿيندو ۽ ٿل ڪئنال جي وهڻ سان به سنڌ جو پاڻي کڄندو. ٻنهي صورتن ۾ سنڌ جو نقصان آهي. پيپلز پارٽي ڪالا باغ ڊيم جهڙي نقصان کان سنڌ کي بچائڻ لاءِ صوبائي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پاس ڪري ۽ ٿل ڪئنال جهڙي نقصان تي اکيون ٻوٽي ڇڏي، اهو عمل ته کيس نٿو سونهين. ان ڪري سنڌي قوم، قومپرستن ۽ ٻين سمورين پ پ مخالف جماعتن کي پيپلز پارٽيءَ کان ٿل ڪئنال خلاف به ڪو ٺهراءُ پاس ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ کپي. گهٽ ۾ گهٽ فنڪشنل ليگ ۽ اين پي پي مان ڪا جماعت ٿل ڪئنال خلاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪري ۽ پوءِ ان تي پ پ جو ردعمل به ڏٺو وڃي، سندس سنڌ دوستيءَ جي خبر پئجي ويندي.
    هڪ وڏو سوال اهو به آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي موجوده حڪومت پنهنجن ابتدائي ڏهاڙن ۾ سنڌي قوم کي ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي خوشخبري به ٻڌائي هئي پر اهو فقط هڪڙي وفاقي وزير جي اعلان جي حد تائين محدود رهيو. حڪومت ڪالا باغ ڊيم واري منصوبي کي هميشه لاءِ دفن ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به ڪا قانونسازي نه ڪئي ۽ نه ئي وفاقي اسيمبليءَ ۾ ڪو اهڙو ٺهراءُ ئي پيش ڪيو. جيتوڻيڪ ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ مختلف حڪومتن بجيٽ ۾ رقم رکي ۽ پ پ به اهڙي ڪار خير ۾ شريڪ رهي آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل تائين ان ڊيم تي غور ٿيندو رهيو آهي. تنهنڪري ان ڊيم جي خاتمي لاءِ قانونسازي ئي واحد رستو هو، جيڪو لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي به روڪي پئي سگهيو. توهان ڏٺو، جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت جي معاملي تي ڪيس پئي هليو، تڏهن وفاقي حڪومت ان ڊيم کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ بابت ڪوبه دليل نه ڏئي سگهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت فقط سياسي اعلان ڪيو هو ۽ ان جي پويان ڪابه قانونسازي ٿيل ڪانه هئي. تنهنڪري هاڻي جڏهن سنڌ اسيمبليءَ ڪالا باغ ڊيم خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو آهي ۽ ٽي ٺهراءُ ماضيءَ ۾ به اچي چڪا آهن، تنهنڪري پ پ حڪومت کي وفاقي اسيمبليءَ ۾ به قانونسازي ڪري اهو ڊيم هميشه لاءِ ختم ڪرڻ کپي ته جيئن سڀاڻي ٻي ڪا به حڪومت وري ڊيم ٺاهڻ جهڙو اعلان نه ڪري.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو