وفاقي سياست جي نَوَٽڻ ۽ قومپرستن لاءِ امتحان بڻجي ويل ڪالا باغ ڊيم

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    وفاقي سياست جي نَوَٽڻ ۽ قومپرستن لاءِ امتحان بڻجي ويل ڪالا باغ ڊيم
    يونان جي ديومالائي مائي پينڊورا ته پنهنجو باڪس هڪڙو ڀيرو کوليو ۽ ان باڪس ۾ بند سموريون بڇڙايون هڪڙي ئي ڌڪ سان سڄي دنيا ۾ ڦهلجي ويون هيون. پروميٿيئس به انسانذات کي باهه جو استعمال سيکارڻ جي ڏوهه ۾ ديوتائن جي ناراضگي پنهنجي سر تي کنئي ۽ نتيجي ۾ کيس اولمپڪس جبل تي چؤکنڀو ٽنگي کيس هڪڙي ئي سزا ڏني وئي پر هتي روز سنڌ لاءِ هڪڙو نئون پينڊورا باڪس کلي ٿو ۽ هيءَ سرزمين روز هڪ نئين عذاب جي پهاڙ تي چؤکنڀو ٽنگي پئي وڃي. پاڪستان جو حصو بڻجڻ کانپوءِ سنڌ لاءِ هر ايندڙ ڏينهن لاءِ هڪڙو نئون اشو تيار هوندو آهي. ون يونٽ مڙهجڻ کان وٺي هاڻوڪي نئين مڪاني نظام جي لاڳو ٿيڻ ۽ وري ڪالا باغ ڊيم جي جن جو بوتل مان نڪري اچڻ تائين مسئلن جو هڪڙو ڊگهو تسلسل آهي. سنڌ انهن هر نئين ڏينهن پيدا ڪيل مسئلي کي پنهنجي لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو سمجهي سياسي ميدان تي مزاحمت ڪئي، پنهنجي حال سارو پنهنجي وجود جي بقا لاءِ مسلسل وڙهندي پئي اچي. گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان شايد ئي سنڌ ڪجهه وقت لاءِ سانتيڪي ٿي هجي، سنڌي ماڻهن ڊگهي جدوجهد جو ٿڪ ڀڳو هجي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي پنهنجي سانڀر کان هن وقت تائين اهڙو ڪو ڏينهن نظر نٿو اچي. ساڳيءَ جڳهه تي آئون گذريل ڪجهه ڏينهن کان ان ڪوشش ۾ به رهيو آهيان ته پاڪستان جي قيام کانپوءِ اهو ڪهڙو فيصلو آهي، جيڪو سنڌ جي مفادن وٽان ٿيو هجي يا ڪو هڪڙو به فيصلو ڪرڻ وقت سنڌي ماڻهن جي راءِ جو احترام ڪيو ويو هجي. گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙي ماڻهوءَ کي پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ اهڙو ڪو فيصلو نظر نٿو اچي. سنڌ کي پناهگيرن حوالي ڪرڻ، سنڌي ماڻهن جي ملڪيتن تي ٻاهريان آيل ماڻهن کي قابض ڪرڻ، ڪراچيءَ کي سنڌ کان کسي وفاق جي حوالي ڪرڻ ۽ سنڌ کي پنهنجين ملڪيتن جو معاوضو ادا نه ڪرڻ، ون يونٽ مڙهڻ لاءِ سنڌ ۾ وزارتن جي تبديلي ۽ مخالفن لاءِ سخت قسم جا قانون مڙهي کين هيسائڻ تائين جهڙا واقعا 60ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪن سالن تائين هلندا رهيا. 73ع وارو آئين ٺهيو ته ان ۾ سنڌ جي مالڪي سنڌي ماڻهن کان کسي ٻه ٻوليون ڳالهائيندڙن کي سنڌ جو مالڪ ڄاڻايو ويو. جيتوڻيڪ سنڌ پاڪستان ۾ رضاڪاراڻا طور تي شامل ٿي هئي ۽ جڏهن سنڌ پاڪستان جو حصو بڻي، تڏهن سنڌ جي مالڪي اڪيلي سنڌي قوم وٽ هئي پر پاڪستان جي قيام کانپوءِ آهستي آهستي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي سرزمين تي بي اختيار ڪرڻ جهڙا فيصلا ڪيا ويا. پهرين مرحلي ۾ سنڌين کي شهرن کان ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ۽ ان لاءِ پهرين جماعت اسلامي کي پناهگيرن جي دسترس ۾ ڏئي ان کان اهو ڪم ورتو ويو. ٻئي مرحلي ۾ لساني بنيادن تي رياستي مدد سان دهشتگرديءَ کي هٿي وٺرائي ان جو رخ سنڌي ماڻهن ڏانهن موڙيو ويو. اها سڄي ڀوائتي راند فقط هڪڙي مقصد لاءِ ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن اهم شهرن کي سنڌي ماڻهن کان کسي وٺجي. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ کي قانوني تحفظ ڏيڻ، اميگريشن جي قانون کي وفاق جي هٿ وس ڏئي ان کي غيرفعال ڪري ڇڏڻ ۽ هر ٻاهرين ماڻهوءَ کي بنا ڪنهن جاچ جي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل جاري ڪرڻ توڙي روزگار ڪرڻ، پراپرٽي خريدڻ ۽ ووٽ جو حق ڏيڻ اهڙا انتهائي هاڃيڪار ڪم ڪيا ويا. ان جو نتيجو آهي جو اڄ توهان کي ڪراچيءَ ۾ ڀانت ڀانت جي نسل جا ماڻهو ملندا. ٻيو جيڪو وڏي ۾ وڏي سنڌ دشمن ڪم ٿيو، اهو وسيلن کي وفاق حوالي ڪري انهن جي حق کان سنڌ کي محروم ڪرڻ هو. نتيجي ۾ پيداواري ۽ معدني وسيلا ته سنڌ جا آهن پر سنڌ وٽ انهن جي مالڪيءَ جو اختيار ناهي. سنڌ جو ڪوسٽل بيلٽ به وفاق حوالي ڪيو ويو ته روينيو جي مالڪي به وفاق ڪري ٿو. هاڻي ٻڌايو ته باقي سنڌ وٽ بچيو ڇا آهي؟
    سنڌ ۾ آباديءَ جو توازن بگاڙڻ ۽ دنيا جي هر رولوءَ کي سنڌ ۾ آڻي ان کي مضبوط ڪرڻ جا نقصان اهي آهن جو اڄ ڪراچي دهشتگرديءَ جي باهه ۾ ٻري پئي. وڏي ڳالهه اها آهي ته ڪراچيءَ ۾ جيڪا دهشتگردي ٿئي پئي، ان ۾ سنڌي ماڻهن جي ڪابه ڌر ملوث ناهي. سڀ ٻاهريان آڻي جبرن سنڌ ۾ آباد ڪيل ماڻهو آهن، جيڪي شهر کي رت ۾ وهنجاري رهيا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان ستت ئي پوءِ سنڌ جي بئراجي زمينن کي سنڌي ماڻهن کان کسي اهي ريٽائرڊ فوجي آفيسر شاهيءَ کي انعام اڪرام طور ڏنيون ويون ۽ اهو سلسلو اڄ تائين هلندو پيو اچي. ويجهڙ ۾ سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ لاءِ ٻه اهم ڪوششون ٿيون آهن. پهرين ٽيسٽ ڪيس طور ڪوشش جنرل مشرف جي دور ۾ اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقليءَ جي نالي تي ٿي ۽ مڪاني نظام آڻي سنڌ جي شهرن کي انتظامي طور تي باقي سنڌ کان ڪٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان عمل خلاف جيتوڻيڪ قومپرستن سميت پيپلز پارٽيءَ به احتجاج ڪيو هو ۽ عوام سان واعدو ڪيو ويو هو ته اقتدار ۾ اچڻ سان جنرل مشرف جو سنڌ تي مڙهيل ڪارو قانون ختم ڪيو ويندو پر هاڻوڪي پ پ حڪومت ۾ ڪيو وري ان جي ابتڙ ويو. جنرل مشرف جي مڪاني نظام جي ڀيٽ ۾ موجوده پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت وڌيڪ ڀيانڪ مڪاني نظام سنڌي ماڻهن تي مڙهيو آهي. ساڳيءَ جڳهه تي ذوالفقار آباد جهڙو شهر اڏي سنڌ جي سڄي سامونڊي پٽيءَ کي سنڌي ماڻهن کان کسڻ لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۾ عملي ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي. ويجهڙ وارن ڪجهه مهينن ۾ سنڌي ماڻهن لاءِ اشوز جي ترتيب ڪجهه هن ريت رهي. گذريل سال جڏهن جسقم جي چيئرمين بشير خان قريشي ڪراچيءَ ۾ 23 مارچ تي فريڊم مارچ جو اعلان ڪيو ته ان اعلان شرط ڪراچيءَ ۾ ڌار صوبي جي چاڪنگ ٿيڻ ۽ مظاهرا ٿيڻ شروع ٿيا. فريڊم مارچ واري ڏينهن سنڌي ماڻهن جو سمنڊ ڏسي حڪومت جي اتحادي لساني ڌر سنڌي ماڻهن جي ان سمنڊ کي ڦوروئن ۽ لٽيرن جي شهر ۾ داخلا قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. فريڊم مارچ کانپوءِ سگهارين قوتن سنڌ کي بشير خان قريشي جو لاش ڏنو ۽ سنڌي ماڻهن جي جدوجهد کي ٽرن ڏئي بشير خان جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۽ جزن جي چڪاس ڪرائڻ لاءِ ٿيندڙ مظاهرن تي آڻي بيهاريو ويو. اڃا اهو سلسلو هليو پئي ته وري سنڌ کي هڪ ٻئي شهيد مظفر ڀٽو جو لاش مليو. ان دوران ئي ذوالفقار آباد رٿا تي ڪم کي تيز ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته جسقم سميت سمورين قومپرست ڌرين ذوالفقار آباد جهڙي سنڌ دشمن رٿا خلاف احتجاج شروع ڪيو. ان احتجاج اڃا مشڪل سان منظم ٿيڻ شروع ڪيو هو ته پهرين مرحلي ۾ مڪاني نظام جو آرڊيننس آندو ويو ۽ بعد ۾ ان کي ايڪٽ جي شڪل ڏئي باضابطا قانون بڻايو ويو. پيپلز پارٽي جي حڪومت توڙي سندس اتحادي ڌر کي اها توقع ئي ڪانه هئي ته مڪاني نظام واري قانون خلاف سنڌ باهه جو شعلو بڻجي ويندي. جڏهن مڪاني نظام خلاف سنڌي ماڻهو هڪ آواز بڻجي سامهون آيا ته پيپلز پارٽي سگهارين قوتن سان ملي ڀڳت واري روايتي راند ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ جي معرفت ڪالا باغ ڊيم جو فيصلو ڏياريو ۽ هاڻي پيپلز پارٽي ان فيصلي تي سياست به شروع ڪري ڇڏي آهي.
    ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي اچڻ جا ٻه سبب واضح آهن. هڪڙو ته اهو فيصلو ٻڌائڻ وقت عدالت جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي ڪالا باغ ڊيم بابت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاسن جون رپورٽون ڏنيون ويون. اهو ئي سبب آهي جو عمر عطا بنديال گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي معاملي تي بار بار ”ٿي سگهي ٿو“ جهڙا لفظ استعمال ڪندو رهيو. جيتوڻيڪ اها وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها لاهور هاءِ ڪورٽ کي ڪالا باغ ڊيم بابت سمورين حقيقتن کان آگاهه ڪري ها پر ان جي ابتڙ وفاقي حڪومت فقط اهو انتظار ڪندي رهي ته عدالت فيصلو ٻڌائي ته جيئن سنڌ ۾ مڪاني نظام خلاف ٿيندڙ احتجاج کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي پنهنجي ڪلهن تي ڪالا باغ ڊيم جو لاش کڻي ڍنڍورو پٽي سگهي. ٿيو به ائين ئي، جيئن ئي لاهور هاءِ ڪورٽ ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ۾ فيصلو ڏنو، هيڏانهن پيپلز پارٽيءَ جي سياست شروع ٿي وئي. پيپلز پارٽي مڪاني نظام لاڳو ڪري اڳ ۾ ئي هڪڙو تمام وڏو سنڌ دشمن فيصلو ڪري چڪي آهي، مٿان واري ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ۾ فيصلو ڏياري هڪ ٻيو سنڌ دشمن عمل ڪيو. ٻيو ته ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ۾ هڪڙي صوبي جي عدالت فيصلو ٻڌايو آهي، تنهنڪري ان تي سياست ڪرڻ جي ته ضرورت ئي ناهي. حڪومت کي عدالتي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درست انگ اکر کڻي وڃڻ کپي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏياري. اهم ڳالهه ته اها به آهي ته هن وقت تائين حڪومت سپريم ڪورٽ جي ڪيترن فيصلن تي عمل ڪيو آهي ته جو هاڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي بي سُرو راڳ ڳائي سنڌي ماڻهن کي مڪاني نظام جهڙي سنڌ دشمن قانون خلاف جدوجهد تان ٿيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. حيرت ته پيپلز پارٽي تي ٿئي ٿي، جيڪا اڃا تائين سنڌ دشمن فيصلا ڪرڻ کان ڍاپي نه سگهي آهي ۽ روز نوان فيصلا ۽ عمل ڪندي ٿي رهي. پيپلز پارٽيءَ جو ڪالا باغ ڊيم بابت عدالتي فيصلي تي سياست ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. اها ئي پيپلز پارٽي ٿل ڪئنال جي به مخالف هئي ۽ اينٽي ٿل ڪئنال ايڪشن ڪاميٽيءَ جي قيادت به پيپلز پارٽي وٽ رهي آهي. ان جي باوجود سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه ۽ اسپيڪر نثار کهڙو اپوزيشن دوران ڪيل عوام سان واعدي تحت ٿل ڪئنال کي بند ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڇو نٿا ڪن! اصل ۾ پيپلز پارٽيءَ جو بنيادي مقصد ئي مڪاني نظام خلاف ٿيندڙ جدوجهد کي تين وال ڪرڻ آهي ۽ ان لاءِ ئي ڪالا باغ ڊيم جو هٿراڌو اشو پيدا ڪري سنڌي ماڻهن کي منجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
    مسئلو فقط هڪڙي ڪالا باغ ڊيم جو ناهي ۽ نه ئي سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو فقط مڪاني نظام وارو قانون آهي پر سنڌ جي ڳچيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي مسئلا وڌا ويا آهن، جن مان جند ڇڏائڻ لاءِ هڪڙي ئي سگهاري نوعيت جي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. فرض ڪريو، قومپرست ۽ فنڪشنل ليگ جهڙيون سنڌ دوست ڌريون مڪاني نظام خلاف ته احتجاج ڪري رهيون آهن پر ذوالفقار آباد جهڙي تمام وڏي سنڌ دشمن رٿا کي ڪهڙي کاتي ۾ وجهجي. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري کان ويندي وسيلن جي مالڪيءَ تائين جهڙا انيڪ مسئلا آهن، جيڪي سنڌ کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي رهيا آهن. جيتوڻيڪ ڪالا باغ ڊيم ته مڪاني نظام خلاف ٿيندڙ جدوجهد کي تڪراري بڻائڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي پر ٻين مسئلن تي قومپرستن جي ڇا پوزيشن آهي؟ دراصل هن رياست جي واڳ ڌڻين سنڌي ماڻهن کي سدائين منجهائڻ ۽ ٿڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. تنهنڪري ٿيڻ ته ائين گهرجي ته سنڌ جي قومپرستن توڙي سمورين سنڌ دوست ڌرين کي مڪاني نظام ۽ ذوالفقار آباد رٿا سميت سمورن سنڌ دشمن رٿائن خلاف جدوجهد لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي جدوجهد جي ميدان تي اچڻ گهرجي ۽ وفاق سان گڏ هلڻ لاءِ نوان شرط طئه ڪرڻ کپن ته جيئن سنڌ کي مسئلن ۽ اشوز ۾ منجهائي ۽ ٿڪائي تباهه ڪرڻ جهڙين ڪوششن کي مستقل بنيادن تي روڪي سگهجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قومپرستن لاء صرف ڪالاباغ ڊيم ئي نه پر سڀ ڪجهه امتحان بڻيل آهي ۽ مان چوندو آهيان ته هو پنهنجو پاڻ به ته هڪ امتحان آهن۔ هو گڏ ته ٿي ئي نه ٿا سگهن ۽ جڏهن گڏ نه هوندا ته پوء ڪير به ساڻن گڏ نه هوندو ۽ اڪيلو ماڻهو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي۔

    اسان وٽ سور صرف ڪالاباغ ڊيم جا ناهن ، اسان وٽ ته اڻ کٽ سور آهن پر قومپرست سدائين ڪنهن جي ونگار وهي ويندا آهن، هو الائي ڇو پنهنجي سگهه بڻائي ناهن سگهيا، ڪڏهن پ پ پ ته ڪڏهن نواز ليگ ۽ هاڻي فنڪشنل جي ڪڍ آهن۔ بهتر آهي ته هو ڪنهنجي ڪڍ نه هلن پر پنهنجو پاڻ ۾ هڪ ٿي ٻين کي پنهنجي پٺيان ڊڪائين ۔۔۔۔ جيڪو هڪ خواب لڳي رهيو آهي، هڪ اهڙو خواب جنهن جي تعبير شايد ئي ٿي سگهي !!!۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو