ڇا سنڌ ٽڪراءُ ڏانهن وڃي رهي آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڇا سنڌ ٽڪراءُ ڏانهن وڃي رهي آهي؟
    سنڌ ۾ مڪاني نظام ۽ فنڪشنل ليگ جي عورت ايم پي ايز سان سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش آيل واقعي خلاف فنڪشنل ليگ ۽ سنڌ بچايو ڪاميٽيءَ جي گڏيل هڙتال دوران ڪجهه شهرن ۾ انتهائي افسوسناڪ ۽ ڳڻتي جوڳا منظر ڏسڻ لاءِ مليا. چودڳي، مٺياڻي ۽ ٺل ۾ احتجاجي ريلين تي تشدد جهڙو ردعمل ظاهر ٿيڻ يقينن سنڌ جي سياسي رواداريءَ لاءِ هڪڙو سواليا نشان آهي. ساڳيءَ جڳهه تي اهڙي نوعيت جا واقعا سنڌ جي حساس مستقبل کي به وڌيڪ خطرن ۾ گهيرڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا. سنڌ لاءِ هونءَ به ڪيترائي چئلينج موجود آهن. سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي معاملي کان ويندي آباديءَ جي توازن ۾ ڌاري آبادڪاريءَ جي وڌڻ سبب ايندڙ تبديلي، سامونڊيءَ پٽيءَ جو سنڌي ماڻهن کان کسجڻ، شهرن جي مالڪيءَ جو مسئلو، مجموعي طور تي ائين کڻي چئجي ته سنڌ هن وقت مسئلن جي آڪٽوپس ۾ ڦاٿل آهي، جنهن مان نڪرڻ لاءِ هونءَ ئي سنڌين کي جدوجهد جي انتهائي ڪڙي امتحان مان گذرڻو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪي اهڙا واقعا رونما ٿين ٿا، جيڪي سنڌي ماڻهن جي اتحاد ۽ مقصد جي هيڪڙائي کي هاڃو ٿا رسائن، ته ان جي نتيجو سنڌ خطرناڪ تباهيءَ جي صورت ۾ سامهون ايندو.
    سياست جو بنيادي متو رواداري آهي. سياست ۾ اختلافن جي گنجائش موجود هوندي آهي، جڏهن ته جمهوري طرز حڪومت يا معاشري ۾ احتجاجن کي به نٿو روڪي سگهجي. هر ماڻهوءَ يا جماعت کي پنهنجي راءِ جو کليل اظهار ڪرڻ جو حق به حاصل هجي ٿو پر جڏهن عمل ۽ ردعمل انتهاپسنديءَ جي صورت اختيار ڪن، تڏهن اهي انساني معاشرا روانڊا بڻجي ويندا آهن. يعني هڪڙي ختم نه ٿيندڙ جنگ جي ابتدا ٿيندي آهي، جيڪا سماج جي هر شيءِ کي تباهه و تاراج ڪري ڦٽو ڪندي آهي. سنڌ ۾ هن وقت سڄي ٽڪراءُ جو سبب مڪاني نظام آهي ۽ مڪاني نظام جي معاملي تي سڄي سنڌ هڪڙي پاسي بيٺي آهي، ٻئي پاسي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم آهن. جيتوڻيڪ سنڌ چاهي ٿي ته اهڙي نظام کي ختم ڪرڻ کپي، جنهن سان سنڌ جي وحدت جهڙي حساس معاملي تي ڪي خدشا پيدا ٿيندا هجن. ٻئي پاسي پيپلز پارٽيءَ وٽ ان لاءِ فقط ٻه دليل وڃي بچيا آهن. هڪڙو دليل اهو آهي ته هوءَ جيئن ته حڪومت ۾ آهن ۽ عوام کين ووٽ ذريعي اهو حق ڏنو آهي ته هو سنڌ جي معاملي تي ڪهڙا به فيصلا ڪري سگهن ٿا، تنهنڪري جمهوري حق ۽ مينڊيٽ جي مدنظر هنن نئون مڪاني نظام لاڳو ڪيو آهي. ٻيو دليل اهو آهي ته مڪاني نظام ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، جنهن سان سنڌ جي وحدت کي ڪو هاڃو رسڻ جو امڪان هجي، بلڪه اهو نظام سنڌ جي مفادن ۾ آهي. جيڪي ڌريون ان نظام خلاف واويلا پيون ڪن، انهن کي هڪڙو ته عوام جو مينڊيٽ حاصل ناهي ۽ ٻيو عوام به ساڻن گڏ ناهي. عوامي حمايت جي نالي تي جنهن دليل کان ڪم ورتو وڃي ٿو، اهو ووٽن ۾ يوسي ناظمي کٽڻ تائين محدود آهي. مڪاني نظام جي معاملي تي هڪ ٻي اهم ڌر، جنهن جي فرمائش تي اهو نظام لاڳو ٿيو آهي، اها آهي متحده ۽ متحده سنڌ ۾ هڪڙو نئون طوفان برپا ڪرڻ کانپوءِ اهو تماشو ڏسڻ لاءِ خاموشي اختيار ڪري ويٺي آهي. اها ئي متحده ڪراچيءَ ۾ غيرقانوني هٿيارن خلاف آپريشن خلاف احتجاج ڪري ٿي، ڪراچيءَ ۾ نئين تڪبندين جي معاملي تي به سپريم ڪورٽ جي جج جي رمارڪس خلاف نوٽيس وٺڻ جا مطالبا به ڪري رهي آهي پر مڪاني نظام جي معاملي تي خاموش آهي. شايد ان جو سبب اهو هجي ته نئين مڪاني نظام ۾ سندس مفادن کي تحفظ حاصل آهي. جڏهن متحده پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ سپريم ڪورٽ جي جج خلاف به ڳالهائي ٿي ۽ ان وقت اهو خيال به نٿو رکيو وڃي ته ڪٿي اهو معاملو توهين عدالت جي ڪارروائي نه بڻجي وڃي، شهر ۾ غيرقانوني هٿيارن جو معاملو اچي ٿو ته ان کي قومي اسيمبليءَ ۾ نئون ۽ انتهائي منجهائيندڙ بل آڻي ڪائونٽر به ڪري ٿي ڇڏي ته پوءِ ساڳيو سوال پ پ قيادت کان به ڪري سگهجي ٿو ته اها ڪهڙن مفادن جي مدنظر سنڌي ماڻهن جي احتجاجن کي بلڊوز ڪري رهي آهي؟ جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ جو ووٽر سنڌي ماڻهو آهي ۽ ٻيو اهم سبب اهو به آهي ته سنڌ سنڌي ماڻهن جو تاريخي وطن آهي، ته پوءِ ڪهڙي نيت ۽ مفادن سبب پيپلز پارٽي سنڌي ماڻهن جي تاريخي وطن جي معاملي تي پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا ڪري رهي آهي؟ ڇا پيپلز پارٽي اقتدار جي حوس ۾ سنڌ کي ٻاهريان آيل ماڻهن جي حوالي ڪري چڪي آهي؟ جو سنڌي ماڻهن جي احتجاج کي مانُ ڏيڻ بدران فقط هڪڙي اتحادي جي فرمائش تي سنڌ کي نئين مڪاني نظام جي واچوڙي ۾ ويڙهي مستقل تباهيءَ جي حوالي ڪيو ويو آهي.
    خبر ناهي ڇو پاڻ وٽ هر دور جي حڪمرانن سنڌ جي سيني جي تپش کي محسوس ناهي ڪيو ۽ نه ئي سنڌي ماڻهن جي مطالبن کي رديءَ جي ٽوڪريءَ حوالي ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا اهميت ڏني آهي. بلوچستان سان به ساڳيو ورتاءُ ڪيو ويو هو ۽ نتيجي ۾ بلوچستان جي سيني ۾ سالن کان موجود تپش اڄ لائو بڻجي پهاڙن کي گرمائي رهيو آهي. سنڌ جي سيني جي تپش به هڪڙي وڏي اٿل لاءِ بيتاب آهي. فرض ڪريو، جيڪڏهن سنڌ جي سيني جي تپش هن ديس جي شهرن ۽ واهڻن کي گرمائش شروع ڪيو ته پوءِ پيپلز پارٽي يا ٻيو اهي قوتون، جيڪي سنڌي ماڻهن جي وجود کان بيزارگي ظاهر ڪري کين دنيا جو ناياب نسل بڻائڻ گهرن ٿيون، اهي ان تپش جي سيڪ برداشت ڪري سگهنديون؟ يا پوءِ حقوق بلوچستان جهڙو هڪڙو ڪاغذي پئڪيج سنڌ لاءِ به اعلانيو ويندو؟ جبر جي ڄمار مڙوئي گهٽ ٿيندي آهي. هونءَ به هيءُ ڪو ڪولمبس جو زمانو ناهي، جو سنڌي ماڻهن کي ريڊانڊينز جيان تباهه ۽ برباد ڪري سگهجي ٿو. سنڌ کي جيڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، ان سان خطي ۾ خطرناڪ تشدد جي لهر پيدا ٿي سگهي ٿي. اهو به ذهن نشين ڪرڻ کپي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي جاگرافيڪل بيهڪ ۾ به ڏينهن رات جو فرق آهي. جيڪڏهن سنڌي ماڻهن کي تشدد جو رستو ڏيکاريو ويو ته ان جا اثر افغانستان کان ازبڪستان تائين به محسوس ڪيا ويندا. چوڻ جو مطلب ته سنڌين کي ڀت سان لڳائڻ واري ڪوشش هن سڄي خطي کي متاثر ڪندي. مون مٿي عرض ڪيو آهي ته جبر جي ڄمار بنهه ٿوري ٿيندي آهي. جبر جي سهاري تي تامل پناهگيرن به سريلنڪا جي ٻيٽ جافنا تي قبضو ڪيو هو پر پوءِ اڄ ويلوپلائي پرڀاڪرن ڪٿي آهي؟ هندستان مان انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ ڀارتي علائقي گوا تي به پورچوگيزن قبضي جي دعويٰ ڪئي هئي پر پورچوگيزن جون گوليون هڪڙي تمام وڏي سنڌي قلمڪار موهن ڪلپنا کي گوا تي ڀارت جو جهنڊو ڦڙڪائڻ کان روڪي نه سگهيون هيون، ته پوءِ ڇا سنڌي قوم کي پنهنجي وطن ۾ باندي بڻائڻ ۽ سندن شهرن توڙي سامونڊي پٽي کانئن کسڻ واريون حڪمت عمليون جٽاءُ ڪري سگهنديون؟
    گهڻ قومي ملڪن ۾ ڪنهن تاريخي وطن جي جاگرافيائي وحدت سان هٿ چراند واري عمل سدائين نقصانڪار نتيجا ڏنا آهن. ٻيو ٺهيو پر پاڪستان پاڻ به ڍاڪا سانحي جهڙو واقعو ڏسي چڪي آهي. ان جي باوجود سنڌين ۽ بلوچن تي جبر ذريعي پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. بلوچستان حقيقي امنگ ته اڄ پهاڙن کي روشن ڪري رهي آهي پر هيڏانهن سنڌي ماڻهن کي به ڪجهه اهڙي دڳ ڏانهن وٺي وڃڻ جا سانباها پيا ٿين ۽ بدقسمتيءَ سان اها سڄي تياري هيءَ رياست ۽ پ پ جا حڪمران ڪري رهيا آهن. هڙتال واري ڏينهن ڪجهه شهرن ۾ احتجاجي ريلين تي جيڪا جبر جي زورآزمائي ٿي، ان سبب ٻيو ڪوبه نه هو پر اها سڄي راند حڪومتي ڏڍ تي رچائي وئي پر اهڙي راند ڪندڙن کي اها ساڃاهه ئي ڪانه آهي ته اهڙي قسم جا عمل دراصل پنهنجي گهر کي پنهنجن هٿن سان باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش آهي. فرض ڪريو، چؤدڳيءَ جي زردارين جيڪا حرڪت ڪئي، ان جو سبب سندن زرداري پرستي هو پر کين اها سمجهه ڪانه هئي ته زرداري هڪڙو فرد آهي، ڪو وطن ناهي. فرد اڄ آهن ۽ سڀاڻي نه هوندا. پيپلز پارٽيءَ جو بنياد ته ڀٽن رکيو پر اڄ اها ئي جماعت هڪڙي زرداري وٽ آهي، ڀٽن وٽ ناهي. چوڻ جو مطلب ته فردن کي بقا ناهي پر وطن کي بقا هوندي آهي ۽ وطن سان ئي ماڻهن جي نسلن جي بقا ڳنڍيل آهي. اهي زرداري سنڌ ۾ رهن ٿا ۽ سنڌ ئي انهن جو وطن آهي. جيڪڏهن سڀاڻي سنڌ کي ڪو نقصان رسي ٿو ته ڇا اهي زرداري ان نقصان کان بچي ويندا؟ ڌاريو دشمن فقط ان ڪري ڇڏ ڏيندو ته هي زرداري آهن! ائين قطعي ناهي، تنهنڪري سنڌي ماڻهو ڀلي کڻي ڪهڙي به جماعت سان هجن، انهن کي اهڙي هر عمل کان گريز ڪرڻ کپي، جنهن سان سنڌ ۾ گهرو ويڙهه پيدا ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿئي. خدانخواسته ائين ٿيو ته ان جو فائدو سنڌ دشمن قوتن کي ئي ٿيندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو