نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو، اڄ فيض احمد فيض جو مرڻ ڏينهن آهي، هي شاعر جيتوڻيڪ اردو۽ فارسي زبان جو هو پر کيس پسند برصغير هند جا سڀ ماڻهون ڪندا هئا ۽ آهن ... هو هڪ سٺو شاعر هو جو انساني دل ۽ دماغ کي موهيندڙ شاعري ڪري، ماڻهن کي لاجواب ڪري وجهندو هو ... اڄ سندس هڪ شعر پڙهيم جو اردو ۾ آهي ... مون سندس انهن جذبن کي سنڌي لفظ ڏنا آهن ... اميد ته دوست کيس پڙهي لطف حاصل ڪندا ...
بهار آئي آهي
بهار آئي آهي ته ڄڻ وري
واپس وريا آهن عدم کان
اهي خواب سارا، جوان سارا
جي مري مئا هئا تنهنجن چپڙن تي
جي مري به هر هر جيئرا ٿي پيا هئا
نکرجي پيا اهي گلاب سارا
جي تنهنجن يادن سان واسيل آهن
جي تنهنجي ان عاشق جو خون آهن
اڀري پيا آهن اهي عذاب سارا
ملال- اي-احوال-اي-دوستان پڻ
خمار-اي-آغوش-اي محوشان پڻ
غبار-اي-خطر جا دروازا سارا
تنهنجا منهنجا سوال سارا، جواب سارا
بهار آئي ته کلي ويا آهن
نئين سري سان حساب سارا
بهار آئي آهي ته ڄڻ وري
واپس وريا آهن عدم کان
اهي خواب سارا، جوان سارا
جي مري مئا هئا تنهنجن چپڙن تي
جي مري به هر هر جيئرا ٿي پيا هئا
نکرجي پيا اهي گلاب سارا
جي تنهنجن يادن سان واسيل آهن
جي تنهنجي ان عاشق جو خون آهن
اڀري پيا آهن اهي عذاب سارا
ملال- اي-احوال-اي-دوستان پڻ
خمار-اي-آغوش-اي محوشان پڻ
غبار-اي-خطر جا دروازا سارا
تنهنجا منهنجا سوال سارا، جواب سارا
بهار آئي ته کلي ويا آهن
نئين سري سان حساب سارا