هن ٻارڙي سان انصاف ٿيڻ گهرجي 1664 اٽيچمينٽ ڏسو 1664 اٽيچمينٽ ڏسو 1664 اٽيچمينٽ ڏسو ٽنڊي محمد خان لڳ پير احمد جان سرهندي جي هٿان وحشياڻي تشدد جي شڪار ٿيل معصوم ٻارڙي جي اگهاڙي پر فرشتي جهڙي جسم جي ويڊيو منظر تي اچي وئي آهي، جنهن کي ڏسي ڪري لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا ۽ هو به حساس دل رکندڙ ماڻهو اها ويڊيو آخر تائين ڏسي نٿو سگهي. ان ويڊيو کي ڏسندي ساهه مٺ ۾ اچي وڃي ٿو ۽ يقين نٿو اچي ته سال جي پهرين ڏينهن ۾ سنڌ جي عوام کي هي پير، مير ۽ وڏيرا اهڙو تحفو ڏيندا ۽ وحشت ۽ بربريت جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندا. هي ويڊيو جيڪا پهرين جنوري تي نئين سال جي موقعي تي منظر تي آئي آهي، ان ۾ ان معصوم ٻارڙي جنهن تي چوري جو الزام هو ان تي پير احمد جان سرهندي کيس ننگو ڪري مسلسل تشدد جو نشانو بڻائي ٿو. هن جي جسم جي مختلف حصن تي تشدد جا نشان واضح طور تي نظر اچن ٿا. ان ويڊيو ۾ اهو معصوم ٻارڙو پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر اهو پير کيس جسم جي هر حصي تي تشدد ڪري ٿو ۽ هو ريهون ۽ رڙيون ڪندو رهي ٿو، پر ڪو به کيس بچائڻ وارو نه آهي. ڪا به قدرتي ۽ فطرتي قوت به نه آهي، ڪا ازغيبي طاقت به نه آهي ۽ ڪو طاقتور، ڪو حڪمران، ڪو انتظامي عملدار به نه آهي جيڪو هن ٻار کي ان ظلم کان بچائي سگهي. هي تشدد جو شڪار ٿيندڙ معصوم ٻارڙو اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندو رهي ٿو پر هن وحشي پير کي ڪو به رحم نٿو اچي. اڃا سيتا واري واقعي جا ڦٽ تازا ئي آهن ته هي ٻي ويڊيو سامهون آئي آهي جيڪا دل ڏاريندڙ ۽ هانءُ ڦاڙيندڙ آهي. سنڌ ۾ هونءَ ته ڪو اهڙو ڏينهن خالي نه ٿو رهي جو ڪنهن معصوم ماڻهو کي ٽياس تي ٽنگيو نه ٿو وڃي، هن جي تذليل نه ٿي ڪئي وڃي، هن جي عزت ۽ نفس کي مجروح نٿو ڪيو وڃي، ان کي جسماني ۽ روحاني طور تي تشدد جو نشانو بڻائي بي حال ۽ بي عزتو نه ٿو ڪيو وڃي، اهڙو ڪو به ڏينهن خالي نه ٿو رهي جو ڪنهن معصوم انسان کي ماريو نه ٿو وڃي، هن جي جسم کي وحشت جو کاڄ نٿو بڻايو وڃي، پر هي وحشت اهڙي آهي جيڪا انسانيت جو منهن هيٺ ڪري ڇڏي ٿي. هي انتهائي دردناڪ ويڊيو آهي جنهن ۾ هڪ معصوم ٻارڙي جي بي عزتي ڪئي وڃي ٿي. خبر ناهي ته هنن پيرن، ميرن ۽ وڏيرن کي ڪنهن جي هشي آهي، هو خبر ناهي ته ڪنهن جي اشاري تي جيڪو کين وڻي ٿو اهو ڪن ٿا پر سندن ڪو به وار ونگو ڪرڻ وارو نه آهي، هي وحشت جي علامت بڻيل آهن، هي جيئرا جاڳندا جانور آهن، جيڪي روزانو انسانيت جي تذليل ۽ بي عزتي ڪندا رهن ٿا. هن قسم جي ويڊيوز کي ڏسڻ ۽ تشدد جو شڪار ٿيل ماڻهن کي ڏسي ڪري يقين ٿي وڃي ٿو ته اسان مهذب پري تي ڳالهه آهي پر ٿورو انساني جهٻو به نٿا رکون. هي اها سنڌ هئي جتي ڪنهن جانور تي به تشدد نه ٿيندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو ڪتي ٻلي کي لٺ هڻندو هو ته وڏڙا چوندا هئا ته ان جي دانهن آسمان تائين ويندي آهي، پر خبر ناهي ڇو ٽنڊي محمد خان جي معصوم ٻار جي دانهن عرش عظيم تائين ڇو نه پهتي! هن معصوم ٻارڙي کي مارڪٽ ڪرڻ ۽ تشدد ڪرڻ جي باوجود قانون حرڪت ۾ ڇو نه آيو؟ ملڪ جي چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس ڇو نه ورتو؟ انتظامي عملدار مجرماڻي خاموشي اختيار ڪري منهن مونن ۾ وجهي ڇو ويهي رهيا؟ حڪومت ۽ انتظاميا کي اهو ظلم آخر ظلم ڇو ڏسڻ ۾ نه آيو؟ ۽ ان قسم جا ٻيا ڪيترائي سوال هن معصوم جون دانهون ۽ ريهون ڪندڙ وجود پڇي رهيو آهي. هي انساني حقن جي ايڏي وڏي لتاڙ آهي جو ان جي ڪا به معافي ۽ تلافي ٿي نٿي سگهي پر ان جي باوجود انساني حقن جي ڪنهن تنظيم به نوٽيس نه ورتو آهي نه ئي وري ان ٻارڙي سان انصاف ڪرڻ لاءِ ڪا اين جي او يا ڪو ادارو پهتو آهي. هن سموري صورتحال کي سامهون رکندي ان نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو ته مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جو ڪو به اوهي واهي نه آهي. آخرڪار حڪمران ايترا ٻوڙا ڇو ٿي ويا آهن؟ هنن جي اکين تي پٽيون ڇو ٻڌل آهن؟ هنن جا سمورا حواس ڪم ڪرڻ کان ڇو جواب ڏئي ويٺا آهن؟ هو ڪهڙي قسم جا حڪمران آهن جن جي راڄ نيتي ۾ هن نوعيت جا ظلم ۽ بربريت جا واقعا ٿين ٿا، آخرڪار هنن معصوم انسانن سان انصاف ڪير ڪندو؟ آهي ڪا طاقت جيڪا وحشي ۽ درندگي جو مظاهرو ڪندڙ هٿن کي مات ڏئي ۽ انهن پيرن ۽ ميرن کي هميشه بسم ڪري ڇڏي، ڪو خدائي قهر يا ڏمر آهي جيڪو هنن پيرن تي نازل ٿئي ۽ هميشه لاءِ سندن وجود مٽجي وڃي، هي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها هن معصوم سان انصاف ڪري ۽ انهن سمورن ساڃاهه وند ماڻهن جو به فرض آهي ته اهي ان وحشي واقعي جي خلاف اٿي کڙا ٿين.