سنڌ لاءِ سنجيده جدوجهد جي ضرورتسنڌ جي قومپرستن کي اشوکان اشو ڀٽڪڻ جي سنڌ جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سگهاري حڪمت جوڙي جدوجهد جي ميدان تي اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ هر نئين ڏينهن هڪ نئون مسئلو سنڌ جي ڳاٽي ۾ لڳي ٿو ۽ پاڻ سنڌي ماڻهو پهرين مسئلن کي ڇڏي وري نئين اشو جي پويان نعرا هڻڻ شروع ڪري ٿا ڇڏيون. نتيجي ۾ جدوجهد به هلي پئي ۽ مسئلا به حل ٿيڻ بدران وڃن ٿا وڌندا. ان ئي معاملي تي ڪجهه وقت اڳ جڏهن مون هڪڙي قومپرست ليڊر کان سوال ڪيو هو ته هن وراڻيو اسان ڇا ڪيون، سنڌ لاءِ اشو ئي ايترا پيدا ڪيا ويا آهن جو هڪڙي منهن ڏيندي ڏيندي وڃي ٻئي اشو ۾ ڦاسون ٿا. ڪنهن حد تائين اها ڳالهه ٺيڪ به آهي ۽ اها هن رياست جي پس و پيش واڳ ڌڻين جي فطرت رهي آهي ته ماڻهن کي مسئلن ۾ منجهايو ۽ پنهنجو ڪم ڪندا رهو. ماضيءَ ۾ انگريزن لاءِ ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو جو مثال عام هوندو هو پر هاڻوڪن حڪمران قوتن ان ۾ تبديلي آڻي ماڻهن کي منجهايو ۽ راڄ ڪريو جي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. اهو ئي سبب آهي جو توهان فقط گذريل ڏهاڪو کن سالن جا پيرا کڻو، توهان کي اندازو ٿي ويندو ته واڳ ڌڻي سنڌ لاءِ مسئلن ۽ اشوز جي فيڪٽري ثابت ٿيا آهن. مسئلن جي ايتري روانيءَ جي ڪري ئي سنڌ سواءِ ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت کي روڪرائڻ جي ٻئي ڪنهن به رياستي فيصلي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو خاطر خواهه ڪردار ادا ناهي ڪري سگهي. هوءَ به جڏهن ڪنهن قوم جي جدوجهد تسلسل وڃائي ويهندي آهي، تڏهن اها ڪي به نتيجا حاصل ناهي ڪري سگهندي. ساڳيءَ جڳهه تي پاڻ وارن قومپرستن وٽ به جدوجهد جي نتيجن جو تجربو موجود آهي ۽ هو ان حقيقت کان به واقف آهن ته هن رياست جا واڳ ڌڻي سنڌ جي احتجاج کي ڪيتري اهميت ڏين ٿا. بشير خان قريشي طرفان لکين ماڻهو گڏ ڪرڻ وارو عمل به سگهارين قوتن کي نه وڻيو، نتيجي ۾ کيس سلو پوائزن ڏئي شهيد ڪيو ويو. دراصل هن رياست جا واڳ ڌڻي سنڌي ماڻهن کي روڊن تي ضرور ڏسڻ گهرن ٿا پر اهو غيرمؤثر انداز ۾، جيڪڏهن ڪنهن اشو تي سنڌي ماڻهن جي جدوجهد مؤثر شڪل اختيار ڪري ٿي ته ان کي واڳ ڌڻي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا. سنڌي قوم جي جدوجهد کي منتشر رکڻ لاءِ واڳ ڌڻي هر نئين ڏينهن تي هڪ نئون اشو پيدا ڪري رهيا آهن ۽ نتيجي ۾ پنهنجي جدوجهد به هيڏانهن کان هوڏانهن ٿيڙ کائيندي ٿي رهي. پاڻ ڪڏهن ڪالا باغ ڊيم خلاف نعرن هڻڻ لاءِ بيٺا هوندا آهيون ته ڪڏهن ته وري سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاج ڪندي نظر اچون ٿا. مڪاني نظام کان ويندي ذوالفقار آباد رٿا تائين اشوز جي هڪڙي چين ٺهيل آهي ۽ پاڻ لڳ ڀڳ انهن سمورن اشوز تي نعرا هڻي نڙي سڪائي چڪا آهيون پر نتيجي سواءِ مايوسيءَ جي ٻيو ڪجهه به ناهي مليو.قوم پرستن سميت هر سنڌ دوست ڌر ۽ ماڻهوءَ کي ان بنيادي سوال تي ضرور سوچڻ کپي. هونءَ به تجربن جو تجزيو ڪرڻ ۽ ان مان سکڻ ۾ ڪو عيب ناهي. تجربا ايندڙ جدوجهد کي وڌيڪ منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ توڙي نتيجا خيز بڻائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا آهن. ناڪامي خراب ڳالهه ناهي پر تجربي کان سکڻ خراب ڳالهه ضرور آهي. پاڻ وارن قومپرستن جي صورتحال کي ڏسندي اڪثر ڪري اهو ئي محسوس ٿيندو آهي ته اسان وٽ تجربن کان سکڻ جي روايت ڄڻ ته سري کان ئي موجود ناهي رهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ وٽ جدوجهد جا لوازمات اڃا تائين تبديل ٿي ناهن سگهيا. موجوده حالتن ۾ اهو سوال ان ڪري شدت سان پيدا ٿيو آهي جو پاڻ هاڻي مڪاني نظام خلاف ٿيندڙ جدوجهد کي ڪالا باغ ڊيم جهڙي مردار اشو هٿان تين وال ٿيندي ڏسون پيا. مڪاني نظام جي ڪري ذوالفقار آباد رٿا خلاف جدوجهد رولڙي ۾ پئجي وئي هئي ۽ هاڻي مڪاني نظام خلاف سنڌي ماڻهن جي جدوجهد کي موڙڻ ۽ غيرمؤثر ڪرڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم جو پتو کيڏيو پيو وڃي. جيتوڻيڪ مڪاني نظام ۽ ذوالفقار آباد رٿا جي خطرناڪ هئڻ جو سبب ذري گهٽ ساڳيو آهي ۽ اها آهي ڌاري آبادڪاري. مڪاني نظام سبب سنڌ جي وحدت کي ان ڪري خطرو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ کان ويندي سنڌ جي سمورن اهم شهرن تي ڌارين جو قبضو آهي. جيڪڏهن انهن شهرن ۾ هڪڙو به ڌاريو نه هجي، سڀ سنڌي ماڻهن رهندا هجن ته ڇا پوءِ به نئين مڪاني نظام سبب سنڌ جي وحدت کي هاڃو رسڻ جو ڊپ رهندو! ساڳيو اعتراض ذوالفقار آباد رٿا تي به آهي ۽ ان لاءِ به چيو پيو وڃي ته ذوالفقار آباد شهر اڏجڻ سان اتي ڌارين کي آباد ڪيو ويندو ۽ نتيجي ۾ سنڌ جي وحدت کي هاڃو رسائي خطي ۾ نئين اسرائيل جا بنياد رکيا ويندا. چوڻ جو مطلب ته نئون مڪاني قانون هجي يا ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت ٻنهي تي خدشن جو سبب ڌاري آبادڪاري آهي. هاڻي اچون ٿا ڪراچيءَ ۾ بدامنيءَ جي معاملي تي. مون ڪالهوڪي پنهنجي آرٽيڪل ۾ لکيو هو ته ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ بدامنيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي هڪڙي ڌر به ملوث ناهي ۽ آئون اڄ به چوان ٿو ته ڪراچيءَ ۾ جيڪا دهشتگردي آهي، جيڪا ٽارگيٽ ڪلنگ ٿئي پئي، ان ۾ سنڌي ماڻهو نه پر ڌاريا ملوث آهن، جيڪي ڪراچيءَ تي پنهنجي آپيشاهي قائم رکڻ ۽ مفادن تي قبضي جي جنگ وڙهي رهيا آهن. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جو شهر سنڌين جو آهي ۽ ان تي ويڙهه ڌارين ۾ هلي پئي. اها ماجرا سمجهڻ جوڳي آهي ته اها سڄي راند ڪراچيءَ کي سنڌي ماڻهن کان کسڻ ۽ ڌارين قوتن پاران پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻ سگهارين قوتن جي سهڪار سان شروع ڪئي وئي آهي. ائين ناهي ته ڪراچيءَ ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي پر پس و پيش حڪمران ڪراچيءَ ۾ امن قائم ڪرڻ جي موڊ ۾ ئي ناهن. اهڙيءَ صورتحال ۾ جڏهن سنڌ کي هزارين مڇ مڙي ويا هجن، تڏهن قوم پرستن کي به واضح ۽ شفاف حڪمت عملي اختيار ڪري ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ جي مالڪي ڪرڻ گهرجي.سنڌ جو مسئلو منتشر جدوجهدن جي نتيجي ۾ حل ناهي ٿيڻو پر ان لاءِ منظم ۽ بنيادي مسئلن تي جدوجهد جي ضرورت آهي. جيڪڏهن قومپرست ٽن بنيادي نقطن تي احتجاج کي منظم ڪري سگهاري تحريڪ شروع ڪن، تڏهن به هڪ نئين سمت ڏانهن وڃي سگهي ٿي ۽ جيڪي سنڌ دشمن قوتون آهن، انهن جي اشوز ساز فيڪٽرين کي تالا لڳي سگهن ٿا. اهي ٽي بنيادي مسئلا سنڌ مان ڌارين جي مڪمل نيڪالي، پيداواري وسيلن تي سنڌ جي مالڪي جو حق مڃائڻ ۽ ڪوسٽل بيلٽ کي دفاعي اداري کان واپس وٺي سنڌ جي ملڪيت ۾ ڏيڻ آهي. اهي ٽي اهڙا بنيادي مسئلا آهن، جن جي حل ٿيڻ سان ذوالفقار آباد رٿا ۽ مڪاني نظام جو معاملو به پاڻمرادو حل ٿي ويندو. اهو طئه آهي ته انهن نقطن تي جدوجهد منظم ڪرڻ جو مطلب سڌيءَ ريت سگهارين قوتن سان ٽڪر کائڻ آهي. جيڪڏهن قومپرست گوٿناٿ ۽ اشوز پاليٽڪس واري رويي کي ڇڏي بنيادي مسئلن تي جدوجهد منظم ڪرڻ جي جرئت ڪن ٿا ته اها سنڌي قوم جي وڏي ڪاميابي آهي ۽ اها ئي منظم جدوجهد باقي ثانوي مسئلن کي به حل ڪرڻ لاءِ ڪارگر ڪردار ادا ڪندي. اهڙي جدوجهد جي ابتدا قومپرستن ۽ سمورين سنڌ دوست ڌرين کي ڪراچيءَ مان ڪرڻ کپي. ساڳيءَ جڳهه تي هڪڙو منظم احتجاج ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي معاملي تي به ٿيڻ گهرجي ۽ ان ذريعي دنيا کي ٻڌايو وڃي ته ڌارين جي آبادڪاريءَ سبب سنڌ جي گادي واري شهر جو امن تباهه ٿيو آهي، تنهنڪري ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ ۽ سنڌ تي سنڌي قوم جي مڪمل حق حاڪميت قائم ٿيڻ سان ئي ڪراچيءَ کان ڪمون شهيد تائين مڪمل امن قائم ٿي سگهي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ اڄ جي حالتن ۾ قومپرستن کي سنڌ جي بنيادي اشوز تي سگهاري ۽ نتيجا خيز جدوجهد جي دڳ تي اچڻ گهرجي. جيڪڏهن اڃا به بنيادي نوعيت جي مسئلن کي نظرانداز ڪري غيرنتيجا خيز جدوجهد ڪئي وئي ته ان جو سنڌ کي ناقابل تلافي نقصان رسندو، جنهنجو پوراءُ شايد ممڪن نه ٿي سگهي.