حضرت پيرسائين سيد شاه مردان شاه ثاني ( حصو پهريون(

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالقيوم سڪندري طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2013۔

  1. عبدالقيوم سڪندري

    عبدالقيوم سڪندري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2011
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ننگرپارڪر
    حضرت پيرسائين سيد شاه مردان شاه ثاني پير پاڳارو ستون


    حافظ عبدلقيوم مهر
    ذاتي زندگي
    ولادت
    حضرت پير سائين سيد شاه مردان شاه جن 22 نومبر 1928 مطابق 7 جمادي الاخرى 1347 هجري تي حضرت پير سائين سورهيه بادشاه جي گهر پيرجو ڳوٺ درگاه شريف تي پيدا ٿيا.

    نالو ۽ نسب
    حضرت سيد شاه مردان شاه ثاني سندن خانداني نالو آهي ، جيڪو سندن ڏاڏي شمس العلماءِ حضرت پير سائين ڪوٽ ڌڻي جي نسبت سان رکيو ويو، ۽ سيد سڪندر علي شاه سندن عرفي نانءُ آهي . پاڻ پنجن واسطن سان حضرت پير سائين روضي ڌڻي ۽ واسطن سان حضرت نبي ڪريم جن سان سلسله نسب ۾ ملن ٿا.
    پاڻ اٺن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي خانداني مرشد گهراڻي جي سجاده نشين سيد محمد شاه ثاني گيلاني جي هٿ ٿي بيعت ڪري سلسلي قادري ۾ شامل ٿيا. ٻين سلسلن ۾ نقشبندي ۽ سنوسي طريقن ۾ به سندن بزرگ بيعت هيا، پنهنجي خانداني روايت موجب اجازت صرف قادري طريقي جي ڏيندا هيا.

    لقب
    ٻين پاڳاره بزرگن کي جيئن جماعت لقب ڏنا هئا ، ايئن پير سائين جن کي به جماعت ” ڇٽ ڌڻي“ جي لقب سان ياد ڪندي آهي ، جو پاڻ پنهنجي بزرگن جي مزار مٿان روضو تعمير ڪرائي مٿس سونو ڇٽ لڳرايو هو، محسنِ ملت “ جو خطاب به سندن سياسي ، مذهبي ۽ دفاعي خدمتن جي ڪري مليل هو.

    تعليم
    ميان احمد فقير مهر گهوٽڪي واري ۽ استاد امام بخشن باقراڻي واري کين ابتدائي تعليم ڏني ، ان کان پوءِ سندن عظيم والد ماجد سورهيه بادشاه جي گرفتاري سبب سڄو سلسلو رڪجي ويو، سورهيه سائين گرفتار ٿيو ۽ سندن خاندان کي نظر بندي ڪري ڪراچي آندو ويو، 20 مارچ 1943 ع تي سورهيه سائين کي شهيد ڪيو ويو، سندن صاحبزادن حضرت پير سائين سيد شاه مردان شاه ۽ ميان حزب الله شاه عرف نادر علي شاه کي تعليم جي بهاني علي ڳڙه آندو ويو، پير سائين جن جي بقول ته:

    ”ڪراچي مان اسان کي برقعا پارائي علي ڳڙه آندو ويو، اتي پهچڻ کان پوءِ اسان ڪيترن ڏينهن بعد آزاد فضا ۾ ساه کنيو، علي ڳڙه ۾ ٻي تعليم سان گڏ سندن درخواست تي برطانوي حڪومت پراسيڪيوٽنگ انسپيڪٽر صدرالدين کي قرآن پاڪ پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيو جيڪو ڪڏهن ڪڏهن اچي کين سبق ڏيندو هو، علي ڳڙه ۾ ڪو خاص انتظام ڪونه هو، پوءِ 1946 جي جون مهيني ۾ سامونڊي جهاز ذريعي کين ليور پول ( انگلينڊ) پهچايو ويو، جتي ڪنهن پبلڪ اسڪول ۾ داخل ڪرڻ جي بجاءِ هيرو جي ويجو پنر Pinner نالي ٻهراڙي جي ڳوٺ ۾ هڪ ريٽائرڊ فوجي ميجر سي ڊيوس جي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو،اتي سندن ٽيوٽرمسٽر پلفورڊ ۽ نگران برطانوي پروفيسر ٽرنر هو.
    ان اسڪول جي شاگردن جو تعداد هميشه 10 _ 12 ئي رهيو، ۽ اهي سڀ ڪيترن ئي ملڪن جي باغي اڳواڻن جي اولاد يا رشتيدار هئا ، جن ۾ ٿائيلينڊ ، روڊيشيا ، آئس لينڊ ،عراق، ايران ۽ حبشه ( ايٿوپيا) جا هئا.
    انهن مان حبشه جي بادشاه ” هيل سلاسي “ جو ويجهومائٽ مسٽر ”زوڊي“ اسان جي ويجهو هو ، اسڪول جو ايڏو ته سخت ماحول هو جو ڪنهن کي پنهنجي خاندان متعلق ڳالهائڻ جي اجازت نه هئي ، ان اسڪول ۾ مضمونن جي چونڊ به شاگردن جي مرضي وٽان نه هئي ، ايستائين جو امتحانن جي تياري دوران عيسائيت جو مضمون Divity ( خدائي ) به پڙهايو ويندو هو، پاڪستان جي حڪومت قائم ٿيڻ تائين اهو سلسلو هلندو رهيو، پوءِ مڌيا پرديش جي ڊاڪٽر رحمان جي توجه ڏيارڻ بعد حڪومت پاڪستان نوٽيس ورتو ، ان کان کان پوِءِ اهو ڪورس تبديل ڪيوويو.
    انهيءَ سان گڏ کين لاطيني ۽ ميان نادرعلي شاه کي فرانسيسي جي تعليم ڏني ويندي هئي ، پاڪستان اچڻ بعد مولانا مفتي تقدس علي خان بريلوي سندن اتاليق بڻيو، جنهن اسلامي تعليم ڏني.

    نظر بندي
    سن 1942۾ سورهيه سائين جن کي انگريزن گرفتار ڪري ڪراچي آندو ۽ پويان سندن معصوم صاحبزادن کي گهروارن سميت حراست ۾ وٺي ڪراچي آڻي ، بندر روڊ تي ماما پارسي اسڪول جي ويجهو ميرخدابخش ٽالپر جي بنگلي ۾ نظر بند ڪري مٿن پوليس جو پهرو لڳايو ويو. حضرت پير سائين جي بقول :
    ” ڪنهن سان ملڻ جي اجازت نه هئي ، اسان سان گڏ جيڪي اسان جا چارپنج ملازم هئا انهن کي به ٻاهر وڃي ڪنهن سان ڳالهائڻ جي اجازت نه هئي ، يعني اهي به اسان وانگي قيدي هئا ، اسان سان گڏ ٻه مرد ملازم هئا ، انهن مان هڪڙي کي اسان وڃڻ تي مجبور ڪيو ۽ وڏي مشڪل سان اهو ملازم راضي ٿيو ، ڇاڪاڻ ته هو اسانکي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو . حقيقت ۾ اسان لاءِ اهو ڏاڍو مشڪل وقت هو . نظربندي کان سواءِ ڪافي ٻيون ڪافي تڪليفون هيون ، اسان کي ڪنهن به قسم جي طبي امداد نه ڏني ويندي هئي ، ان ڪري اسان ڪنهن بي قصور ملازم کي انهيءَ مصيبت ۾ گڏ ڏسڻ نٿي چاهيو پر هنن اسان سان گڏ رهڻ کي اهميت ڏني انهن ڏينهن ۾ اسان جي والد محترم پيرسيد صبغت الله شاه شهيد تي حيدراباد جي جيل ۾ خصوصي مارشل لا تحت مقدمو هلايو ويو ، ڪيس هليو ، انگريزن هن کي شهيد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.“
    سورهيه سائين جي شهادت بعدپوليس جي هڪ آفيسر مسٽر محمود حسين جي نگراني ۾ کين علي ڳڙه موڪليو ويو.

    جلاوطني
    1946 ۾ وڌيڪ تعليم ڏيارڻ جي بهاني سان کين پنهنجي برادر ميان نادر علي شاه سان گڏعلي ڳڙه کان ، انگلينڊ اماڻيو ويو، اتي ڪهڙن حالتن ۽ ماحول ۾ رهيا ان جو پيرائتو ذڪر ٿي چڪو آهي.

    پاڪستان جي آزادي
    14 آگسٽ 1947 ع تي پاڪستان جي قيام جو اعلان ٿيو، آزادي جي جو پرچم لهرايو ويو ، سڀ آزاد ٿي ويا ان نئين ملڪ جي خوشي ۾ سڀني کان آزادي جي عظيم سالار سورهيه بادشاه جا صاحبزادا ۽ سندن حر وسري ويا، جن آزادي لاءِ ڪشالا ڪيا، دربدريون ، جلاوطنيون برداشت ڪيون، جن جا اجها ساڙيا ويا ، جن جا ٻچا ڪٺا ويا، مال متاع جائيدادون ۽ گهر ۽ زمينون ضبط ٿيون، جن شهادتون ڏنيون ، جن سَر جو لقب وٺڻ بجاءِ سِر جو نذرانو ڏنو، انهن آزادي جي پرچم لوڙهن ۽ قيد جي سلاخن پويان بيهي ڏٺو ۽ يا وري سندن مرشد جي صاحبزادن وطن کان دور نئين وطن جو اعلان ٻڌو. ها پاڪستان آزاد ٿي ويو، جن جي طفيل آزاد ٿيو سي اڃان به قيد ۽ جلاوطن.

    گادي جي بحالي لاءِ ڪوششون
    حضرت پير سائين جن جي بقول :
    ” 1949 ع ۾ پاڪستان جو پهريون وزير اعظم نوابزاده لياقت علي خان، لنڊن جي دوري تي آيو ، برطانيه۾ مقرر پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ابراهيم رحمت الله جي ڪوششن بعد ، نوابزادي مونکي ۽ منهنجي ننڍي برادر ميان نادر علي شاه کي پنهنجي رهائشگاه ” ڪليرجز“ هوٽل تي گهرايو، آزادي جي تحريڪ ۾ اسان جي خانداني جدوجهد کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته حڪومت پاڪستان اسان جي گادي جي بحالي پنهنجو فرض سمجهي ٿي. ان پنهنجي زبان سان اهو فيصلو ٻڌايو، ۽ اها ڳالهه اسان لاءِ قابلِ فخر آهي.
    1949 ع ۾ گادي جي بحال ڪرڻ جي فيصلي باوجود ان تي 1952 ع ۾ تعميل بابت سندن جي زباني آهي ته ٿي سگهي ٿو اسان جا اهي مهربان ، جيڪي پيرصاحب شهيد جي زماني ۾ انگريزن جا دستِ راست ۽ معاون خصوصي هئا، سي اسان جي وطن واپسي کان پريشان هجن، ۽ اهي اسان کان خوفزده هئا ، جنهن جو اظهار به مختلف جاين تي ڪري چڪا هئا، اسان جي واپسي جي ڪري انهن سوچيو هو ته حر انهن کي ڳولي ڳولي پلاند ڪندا.

    جماعت 51 ع تائين حڪومت جي نيت کي ڏسندي رهي، ٻيو ته اڃان لوڙهن ۾ هئي انڪري ڪا ڪوشش به نه پئي ٿي سگهي ، جڏهن ڪا اميد نظر نه آئي ته پوءِ پير سيد افضل شاه گيلاني ( چناه شريف) سيد محمد علي شاه ڄاموٽ ، پير محمد قاسم مشوري ، پير عبدالخالق ڀرچونڊي ، استاد مولانا محمد صالح ، علي بخش لغاري ، محمد حيات جوڻيجو، محمد موسى وساڻ ،فقير محمد بچل خاصخيلي، ملوڪ فقير مهر ، محمد رحيم مهر جماعت جي خليفن ، معززن ۽ ٻين بزرگن مختلف وقتن تي وفدن جي صورتن ۾ گورنر دين محمد ڪشميري سان ملاقاتون ڪري گادي جي بحالي لاءِ زور ڀريو، گورنر جون به همدرديون خانقاه سان هيون.
    جڏهن پاڻ انگلينڊ مان پهتا ته ڇهه ڏينهن اڳ نوابزاده لياقت علي خان شهيد ٿي چڪو هو، پاڻ سندن گهر تعزيت لاءِ ويا ، هيڏانهن برطانوي حڪومت جي پاليسي تي هلندڙ سنڌ حڪومت کين گادي جي بحالي کان اڳ ڊگهن شرطن جي فهرست موڪلي ڏني، ته هي به نه ڪرڻو آهي ، هو به نه ڪرڻو آهي پر پاڻ اهي شرط قبول نه ڪيا. پوءِ گورنر دين محمد ئي غير مشروط طور گادي بحال ڪئي.

    تاجپوشي
    صاحبزادن جي واپسي جماعت جي اندر هڪ خوشي جي لهر پيدا ڪئي ، انهن کي اميد جوڏيئو روشن ٿيندي نظر آيو پوءِ ڏهن سالن جي ڊگهي وقفي کان پوءِ درگاه شريف جي رونقن ۾ ٻيهر رنگ ڀرجڻ شروع ٿي ويا، 4 فيبروري 1952 تي درگاه شريف جي جامع مسجد جي منبر جي مٿان سورهيه سائين جو نوجوان صاحبزادو رونق افروز هو ، جماعت جي اکيون آسائتيون ان منظر ڏسڻ لاءِ بي تاب هيون ، جڳ مشهور اسڪالر ، علي ڳڙه جي ساٿي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ستين پير پاڳاري طور سيد شاه مردان شاه ثاني جو اعلان فرمايو، درگاه شريف جي فضا گهڻي وقت کان پوءِ ڀيڄ پاڳارا جي نعري جي گونج ٻڌي، چناه شريف جي سجاده نشين سيد افضل شاه گيلاني، سندن برادر ميان نادر علي شاه ، سيد علي شاه راشدي پهريون ور ڏنو ان بعد راشدي سادات ، ٻين معززن دستار جا ور ڏنا.
    جماعت جي مکنغازي فقير منڱريو ( چونڪي جيسلمير) ، فقير خالقڏنو ڪيريو ( چونڪي نارو ) ، ملوڪ فقير پهوڙ ( چونڪي بان) ، ڪمال فقير راڄڙ ( چونڪي اڇڙو ٿر) ، عيدل فقير نهڙي ( چونڪي کاهوڙ) ، الهبچايو فقير وڪيو ( چونڪي ڪليان ) ، فقير عبدالحميد انڙ ( چونڪي شهدادپور) ، فقير فتح محمد ڇڇر ( چونڪي کِتو) ، حضوربخش ڳاهو ( چونڪي ڳاهڪي )، فقير ولي محمد گاڏيوان ( چونڪي لاڙ) ، فقير مير محمد ڀيو ( چونڪي پار)، احمد فقير لغاري ( سنگت ورياماڻي ) ، سرائي سانوڻ خان نظاماڻي ( سنگت نظاماڻي) ، ملوڪ فقير مهر ( سنگت يوسفاڻي ) ۽ خليفو عبداللطيف سلاوٽي ( سنگت سلاوٽ )۽ بين مان رئيس محمد حيات جوڻيجو ، رئيس علي مراد خان سنجراڻي ، مير راڄ محمد ٽالپر ، علي خان سنجراڻيپنهنجون پڳون پيش ڪيون.
    آگم اکڙين ۾ ، موهن روپ ملار
    منهن مهتابان اڳرو ، ڪڪر ڪارا وار
    دلهن ڌنڪبان کي ، سينگاريو سو وار
    قاسم ! پايل پير جي ، گجي منجهه غبار
    جڏ سيج چڙهيو سردار، تڏهن عالم آسودو ٿيو.
    شاديون
    مخدوم الملڪ غلام ميران شاه جي گهران 1953 ع ۾ ٿي ، جنهن مان ٽي صاحبزادا پير سيد صبغت الله شاه راشدي ، پير سيد علي گوهر شاه راشدي، پير سيد صدرالدين شاه راشدي ۽ ٻه نياڻيون آهن . ٻئي شادي سيد محمود شاه راشدي جي گهران 1996 ع ۾ ٿي ، جنهن مان هڪ صاحبزادو پير سيد حزب الله شاه راشدي ۽ ٻه نياڻيون آهن .
    حج ۽ عمري جي سعادت
    سن 1968 ع ۾ پاڻ جج فرض جي ادائيگي لاءِ ويا، ڀلي پار پهچڻ بعد سندن عبادت ۾ اخلاص ۽ تقوى جي شاهدي سندن رفيق ڏيندا .1991 ۾ پاڻ عمري شريف جي لاءِ ويا.
    خدمتون
    لوڙهن جو ختم ٿيڻ
    جماعت جي مٿان حر تحريڪ جي دوران ڏکيا ڏينهن آيا ، تن جو بيان ڪندي به لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا ، پر هنن حريت پسندن پنهنجي مرشد جي حڪم تي لبيڪ چوندي اسلام ۽ پاڪستان لاءِ اهڙيون ته بي مثال قربانيون ڏنيون جنهن جو تاريخ جي اندر ٻيو مثال نٿو ملي. پاڪستان جي آزادي بعد پنجن سالن تائين لوڙهن ۾ قيد رهيا جو انهن جو سالار شهيد ٿي ويو، سندن صاحبزاد جلاوطن هئا، 1952 ع ۾ سندن آمد ٿي ته حرن لوڙهن ۾ خوشيون ملهايون ، کين يقين ٿي ويو ته هاڻي ڌڻياتا آهيون ، پوءِ درگاه جي گادي بحال ٿيڻ کان ستت پوءِ 1 اپريل 1952 ع ۾ حضرت پير سائين سردار جن جي مهرباني سان رات جو ٻارهين وڳي حرن جي آزادي جو اعلان ٿيو ، لوڙها لٿا، هر هڪ پنهنجي ماڳن ڏي موٽيو.

    تعمير جي ابتدا
    جماعت تان لوڙها لاهي نئين ملڪ ۾ انهن کي بهترمقام ڏيارڻ لاءِ پير سائين وڏي دانائي ۽ دانشمندي سان ماضي جي تلخ يادن کي وساري مستقبل جو نقشو تيار ڪيو، ان لاءِ لوڙهن جي ختم ٿيڻ بعد پاڻ جماعت جي علمي ترقي واسطي خانقاه جي ديني اداري جيڪو سندن هم نام ڏاڏي حضرت پير سائين ڪوٽ ڌڻي جاري ڪيو هو، ۽ اهو سورهيه سائين جي دور ۾ ٻين سلسلن جيان منقطع رهيو هو ، ان کي بنا دير جي مئي 1952 ۾ نئين سر جاري فرمائي ، جماعت ڏانهن ان علمي اداري سان تعاون جو حڪم مبارڪ روانو فرمايو.
    اڄ کان 60 سال اڳ جاري ڪيل سندن فرمودي جو نمونو ملاحظه فرمايو.

    مريد درگاه صداقت آگاه سچي ويساه واراجمله سالم ۽ فرق جماعت سلامت
    بعد سلامن سنت واضح هجي ته عام جماعت جي بي علمي ۽ جهالت جو خيال ڪري اسان درگاه مبارڪ جي قديمي مدرسي کي ” جامعه راشديه “ جي نالي سان جاري ڪيو آهي ، جنهن ۾ في الحال ٽي عالم مقرر آهن، جيڪي قرآن ، حديث، فقه وغيره ديني تعليم عربي، فارسي، اردو۽ سنڌي زبان ۾ ڏيئي رهيا آهن.۽ هن مدرسي جي لاءِ عبدالغني ڪلهوڙو کي سفير مقرر ڪيو ويوآهي توهان جماعت مان مخير حضرات پنهنجون زڪواتون ، صدقات ۽ خيرات هن مدرسي لاءِ ڏيئي رسيد وٺندا ته لائق دعا موچاري جا ٿيندا.
    مُهرمبارڪ
    ( حضرت پيرصاحب پاڳارا)
    سياست جو ميدان
    ڪٿي پڙهيو هوم ته هڪڙي حديث پاڪ ۾ مومن جي نشانين مان هڪ هي نشاني به آهي ته هو پنهنجي زماني کان باخبر هوندو آهي ، سو پاڳاره بزرگن پنهنجي زندگي حالات جي رخ ڏانهن موڙي پنهنجي خدمات جي سفر کي جاري رکيو.
    حضرت پير سائين جن آيا ته حالات ڏاڍا تبديل ٿي چڪا هئا ، سندس دوست صحافي اظهر سهيل مطابق 1953 ع جي چونڊن ۾ مير غلام علي ٽالپر کين مشورو ڏيندي چيو هو ته اوهان لاءِ ڀلو اهو آهي ته سياست جي بجاءِ دم ڦيڻن واري جهان سان پنهنجي مريدن جي دلين تي حڪومت ڪريو ، گويا ميرصاحب جي لفظن ۾ سياست ۾ اوهان ڇا ڪندو.
    پر پير سائين سردار پاڻ به فرمايو ته
    سياست مان پنهنجو خانداني ورثو سمجهان ٿو، منهنجي والد جيڪي روايتون ڇڏيون هيون مان ان کان ڪيئن ڌار رهي سگهيس ٿي، ان کان سواءِ سياست ۾ اچڻ منهنجي مجبوري هئي ، سياست اڄ تائين مونکي ڪجهه ناهي ڏنو، وڃايو ئي آهي ، حاصل ڪجهه ناهي ڪيو، منهجي سياست ۾ Existence جي لاءِ ۽ مريدن لاءِ اچڻ ضروري هو.
    1953 ع جي اليڪشن ۾ اسان حالانڪه مسلم ليگ ۾ هئاسين پر پنهنجو گروپ هو ، 53 ۾ وڏو گروپ اسان جي ماڻهن جو هو 37 منهنجا 35 غلام علي ۽ قاضي فضل الله 19 ميمبر عبدالستار پيرزادي سان گڏ هئا ، مير غلام علي ۽ اسان جي ماڻهن کي هڪ جيتريون وزارتون مليون هيون باقي ٻين کي هڪ هڪ وزارت ملي جيڪي پهريان آيا هئا ، سنڌ جي اها حڪومت برطرف ٿي جنهن مان ڇهه وزير ڪڍياويا ۽ پيرزادو عبدالستار برقرار رهيو جنهنکي 54 ع ۾ برطرف ڪيو ويو ۽ خان بهادر کهڙو جيڪو ان وقت اسيمبلي ميمبر نه هو ان کي وڏو وزير بڻايو ويو ته جيئن سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جو بل پاس ڪرائي سگهجي ، جهڙي نموني ون يونٽ جو بل حيدرآباد ۾ پاس ٿيو ، جڏهن ته مير صاحب ۽ ٻيا ماڻهو مختلف هنڌن تي گڏ ڪيا ويا اها ڪا لڪيل ڳالهه ناهي اها تاريخ آهي جيئن ته هو چونڊيل نه هو، ان کي 54 ۽ 55 جي آخر ۾ سانگهڙ مان منتخب ڪرايو ويو ۽ خانبهادر کهڙي کي جنهن طريقي سان منتخب ڪرايو ويو اهو ڪنٽرول ڊيموڪريسي جو هڪ پنهنجو مثال هو سموري سانگهڙ شهر کي يرغمال بڻايو ويو هو ڪو به اندر وارو ٻاهر نٿي وڃي سگهيو ۽ نه ئي ٻاهر وارو اندر اچي ٿي سگهيو ، ان وقت اسان جو اميدوار هاري حقدار ليڊر هو، هو پهرين شهر ۾ اچي چڪو هو . صبح جو نامزدگي فارم جمع ڪرايو ، جنهن کي پوليس کڻي ٽرڪ ۾ وجهي سرن واري موري وٽ اڇلايو ويو، ۽ کهڙو صاحب گهر ۾ ستو پيو هو . ضلع مئجسٽريٽ انوار عادل جيڪو اسان جو علي ڳڙه جو دوست هو، آگره جو رهواسي هو، هن پنهنجي پٽيوالي کي حڪم ڏنو ته گهڙيال ۾ 12 جي بجاءِ 2 وڄائي ڇڏ. گهڙيال ٻه وڄايا ته انوار عادل اعلان ڪيو ته آفيس وقت ختم ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ کهڙي کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو . ون يونٽ ۾ پهريون ڀيرو اسان جي واسطيدارن ۽ حرن کي رليف مليو ڇو ته سنڌ حڪومت جو اهو هولڊ نه رهيو هو پاليسي لاهور ۾ ٺهندي هئي جيڪا سڀن لاءِ هڪ هئي جنهن سبب اسان ٻئي درجي جي شهريءِ جي بجاءِ سنڌ ۾ ......... شهري ٿي وياسين ، پوءِ ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ اوهان ڏٺو هوندو ته جڏهن به سنڌ جي اهڙي حڪومت آئي جيڪا اسان جي نه هئي ته ان هميشه حرن کي انتقام جو نشانو بڻايو ۽ زيادتيون ٿينديون رهيون جيئن ته پاليسيون برطانوي حڪومت جون هيون ان کي هي ماڻهو هلائيندا آيا هئا پر جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي اوهان ڏٺو هوندو ته اسان جي ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍڻ ، انهن جي زمينن کي رد ڪرڻ معمول بنجي ويو هو جڏهن هو آيا ته اهوئي ٿيو، ۽ جڏهن نوازليگ جي حڪومت آئي ته اسان جي حق ۾ ته نه هئي بلڪ اسان جي خلاف هئي ، البته ون يونٽ کان پوءِ پهريون ڀيرو سڪون جي زندگي بسر ٿيڻ لڳي ، ۽ ماڻهن ترقي ڪئي، هر حال ۾ روڪ ٽوڪ کان سواءِ وڌڻ لڳاسون ، 1965 کان پوءِ حالتون ضرورت کان وڌيڪ حرن جي حق ۾ ٿيون ۽ خوشحالي ۽ ترقي وڌندي رهي. “
    ڍاڪا مان ايندي شيخ مجيب ڪراچي ايئر پورٽ کان سڌو هتي مون وٽ آيو هو ، مون کي ڪجهه سرڪاري واسطيدارن چيو ته اسان نٿا چاهيون ته ڪو مسلم ليگي اوڀر پاڪستان مان منتخب ٿئي يا عوامي ليگ جو اولهه پاڪستان مان چونڊجي . مان ته سمجهي ويو هوس ته اصل راند ڇاآهي مون انهن کي چيو ته منهنجو عيد کان پوءِ عوامي ليگ ڇڏڻ جو پروگرام آهي تيستائين مان ان ۾ آهيان ان کان پوءِ مون عوامي ليگ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ اهوئي ٿيو.
    سياست ۾ پاڻ شروع کان ئي هڪ الڳ اسلوب رکيو آهستي آهستي سندن ڪردار وڌندو رهيو، پهرين وزير اعظم لياقت علي کان وٺي سڀ حڪمران ساڻن ملڻ لاءِ ايندا رهيا.
    پوءِ جڏهن ڀٽي جي حڪومت آئي ته هن ” انا ولا غيري“ جي خيال تحت سنڌ ۾ پير صاحب جي طاقت کي ڏسڻ نٿي چاهيو جنهن جو مظاهروهن سياست توڙي 65 ۽ 71 جي جنگين ۾ ڏٺو ، ان لاءِ ڀٽي پير سائين جن کي فون تي ڌمڪيون ڏيڻ کان سواءِ غداري جو الزام به لڳايو، مسٽر فتح محمد ميمڻ جج جي طرفان اهڙو خط به آيو هو جنهن جو پاڻ جواب ڏيندي آخر ۾ لکيو هو ته ” عدالت ۾ ملاقات ٿيندي“ .
    جڏهن سنڌ ۾ ڀٽي کي ڪو جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه هو پر پير سائين يوڊي ايف ( متحده جمهوري محاذ) جو بنياد وڌو ، پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي مسلم ليگ تمام ڪمزور ٿي چڪي هئي 1973 جي ان ڏکين حالتن ۾ پير سائين جن مسلم ليگ جي صدارت سنڀالي کين سهارو ڏنو، 1977 ع ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت خلاف PNA ( پاڪستان نيشنل الائونس ) جو اتحاد جڙيو، تڏهن پير سائين جي سياست جو دنيا هڪ ٻيو نمونو ڏٺو.
    قومي اتحاد جا سمورا اڳواڻ جڏهن گرفتار ٿيا ته پويان اڪيلي پير سائين جن سڄي تحريڪ کي سنڀاليو، نون پارٽين جي ان اتحاد جو نالو ئي نو ستارا ڀيڄ پاڳارا پئجي ويو.
    تاريخي ريڪارڊ جي درستي جي لاءِ اها ڳالهه لکڻ ضروري ٿي وئي آهي ته ڀٽي نه فقط پير سائين سردار سان بغض رکيو، پر پوري جماعت عتاب هيٺ رهي، ڇهن حرن وارو واقعو، امين فقير ۽ ٻين کي گرفتار ڪري شهيد ڪيو ويو، خود حضرت پير سائين سردار کي 29 اپريل 1977 تي هڪ ڏينهن لاءِ انٽرڪانٽينٽيل هوٽل ۾ نظر بند ڪيو ويو، قومي اتحاد جي سرگرمين ان ڀٽي جيڪو کين ڌمڪيون ڏيندو هو ان تي مجبور ڪيو جو خود ان هوٽل ۾ حضرت پير سائين سان ملاقات لاءِ پهتو، اتي چيائين ته توهان ئي مونکي هن ميدان ۾ آندو ، پر مان ڀٽڪي ويس هاڻي توهان ئي مونکي گس ڏيکاريو، ڀٽي کي پاڻ فرمايو هو ته ملاقات لاءِ نظربندي وارو طريقو واه جو اختيار ڪيو اٿئي، ٻيو ڀيرو 15 مئي 1977 تي قومي اتحاد جي سربراه جي حيثيت ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ڊفينس آف پاڪستان رولز تحت پنهنجي گهر اسلام آباد ۾ نظر بند ڪيو ويو، اها خبر ٻڌڻ بعد سان سڄي ملڪ ۾ حضرت پير سائين سردار جي حق ۾ مظاهرا ٿيا نيٺ ٽن ڏينهن بعد سندن نظربندي ختم ٿي. پوءِ خود پير سائين جي لفظن ۾ باري تعالى مون تي مهربان آهي اهو منهنجي مخالفن کي پاڻ ئي ڪيرائي ڇڏيندو آهي، مون کي ڪجهه ڪرڻو ئي نه پوندو آهي.
    ان بعد جنرل ضياءُ الحق آيو ، جنهن 90 ڏينهن ۾ چونڊن جو اعلان ڪيو پر پير سائين جن فرمايو ته ائين هرگز نه ڪندو اهي صرف ڳالهيون آهن . پوءِ ائين ئي ٿيو، پي اين اي جي پليٽ فارم تان پير سائين سردار جي سياست هڪ نئون رنگ اختيار ڪيو، ان دوران سندن اخباري بيانن ۾ به هڪ نئون اسلوب اچي ويو، سندن بيانن کي پهرين مزاح سمجهندا رهيا، پوءِ ان مزاح جي پويان لڪيل حقيقتون سامهون اچڻ شروع ٿيون.
    ضياءُ الحق جي دور ۾ سندن ڪردار وڌيڪ رهيو، پاڻ 1985 ۾ سينيٽ جا ميمبر ٿيا، غير جماعتي اليڪشن بعد وزيراعظم جي ڪرسي تي پنهنجي مريد کي ويهاريائون، ۽ اتان کان سندن حيثيت بادشاه گر جي بڻي ، سندن دلچسپ بيانن سان گڏ پيشن گوين جو به سلسلو شروع ٿيو، پوءِ دنيا ڏٺو ته پير سائين سردار پنهنجا ڪيترائي مريد وزير، وزير اعلى ، وزيراعظم بنائڻ سان گڏ حرن جي اولاد کي سرڪاري طرح اهم عهدن تائين پهچائي ، چٿيل ۽ پيڙهيل حر جماعت کي خو شحالي ۽ ترقي جي راه تي آندو.
    ڪيترائي سياستدان لڪ چوري ۾ GHQ جو آشيرواد وٺڻ لاءِ آتا هوندا هئا ، پر اظهار ڪرڻ کان لنوائيندا هيا، پير سائين سردار پوري زندگي ڪڏهن GHQ جي حاضري نه ڀرڻ جي باوجود برملا طور پاڻ کي ان جو ساٿي چوندو رهيو ، پر جمهوري حڪومت جا سڀ نمائندا سندن در جي حاضري ڀرڻ پنهنجي سعادت سمجهندا هئا.
    1990 ع ۾ پاڻ پنهنجي پارٽي الڳ بنائي ان کي مسلم ليگ فنڪشنل جو نالو رکيو ، جنهن جا تاحيات سرپرست رهيا.
    ڪنگري هائوس پاڪستان جي سياسي سرگرمين جو مرڪز رهيو.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو