الطاف حسين جو سنڌ تي ڪيل ڊرون حملو

'مختلف موضوع' فورم ۾ ڪليم کهڙو طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2013۔

  1. ڪليم کهڙو

    ڪليم کهڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جنوري 2013
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    247
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    الطاف حسين جو سنڌ تي ڪيل ڊرون حملو
    الطاف حسين خطا ب ڪندي چيو آهي ته ” موجوده مڪاني نظام نه ڏنو ويو ته اردو ڳالهائيندڙ سنڌي سنڌ ورهائڻ جو نعرو هڻڻ تي مجبور ٿي ويندا
    مڪاني نظام نه ڏنو ويو ته اردو ڳالهائيندڙ سنڌي سنڌ جي ورهاڱي جو نعرو هڻڻ تي مجبور ٿيندا :الطاف حسين
    پھريون حملو سنڌ تيمڪاني نظام نه ڏنو ويو ته اردو ڳالھائڻ وارا سنڌي سنڌھ جي ورھاست جو نعرو ھڻڻ تي مجبور ٿيندا
    مڪاني نظام جي خلاف اردوڳالھائڻ وارن قومپرستن جي ناراضگي جي پريشاني ڪانھي
    مڪاني نظام تي سنڌي قومپرستن جي ناراضگي جي پريشاني آھيٻيو حملو حڪومت تيگورنر کي سڀاڻي جي بجائي اڄ ھٽائي ڇڏيو
    ايم ڪيو ايم لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندي
    ايم ڪيو ايم کي لانگ مارچ ۾ شرڪت کان حڪومت نه روڪيٽيون حملو پاڪستان انڊيا تيپاڪستان ۽ انڊيا کي ملڻ واري آزادي اڌوري ھئي
    پاڪستان ۽ ڀارت جي گورنر جنرل برطانيه کان وفادار رھڻ جو قسم کنيو ھو
    پاڪستان ۾ بادشاھيت جو خاتمو 23 مارچ 1956 ۾ ٿيوچوٿون حملو قائد اعظم تيقائداعظم کان سر عبدالرشيد انگريزي زبان ۾ حلف ورتو
    قائداعظم اھو عھد ڪيو ته برطانيه جي بادشاھ جارج ڇھين کان وفادار رھندو
    قائداعظم سلطنت برطانيه جو وفادار ھو
    قائد اعظم وٽ ٻٽي شھريت جو پاسپورٽ ھو ھن وٽ برطانيه جو پاسپورٽ ھوپنجون حملو مخالف سمورين سياسي پارٽين تيپاڪستان جي جدوجھد ڪرڻ وارين جماعتن کي غدار جماعتون بنايو ويو
    جيڪي ديني جماعتون پاڪستان جي قيام جي مخالفت ڪري رھيون ھيون اھي اڃ محب وطن ٿي ويون
    آھن
    جيڪي جاگيردار وڏيرا پاڪستان جا دشمن ھئا اڄ انھن جا ٻار وڏن عھدن تي آھن
    اسين الطاف حسين کي سنڌ ي واضع طور ٻڌايون ٿا ته جي اگر سنڌ جي تقسيم جي گالهه ٿي ته سنڌي ماڻهو( سڀ ٽارـ مهاجر مار) جو نعرو هڻڻ تي مجبور ٿيندا، الطاف حسين کي خبر هجڻ گهرجي ته مهاجرن جي ڪا به ڌرتي ڪونه هوندي آهي ،
    عنت جي امڀار وجهڻ سان مسعلو حل نه ٿيندو. هي هڪ سنجيدا ڳاله آهي ۽ هنن پناهگيرن کي انهن جي حمايت آهي جيڪي سڄي د نيان جي مٿان حڪمراني ڪري رهيا آهن. د و ستو سنجيدا ٿيڻ گھرجي هن پنا هگير ايجنٽ جي ان بليڪ ميلنگ و اري بيان تي. اچو ته انهن د و ستن جي هٿ ۾ هٿ ملا يو ن جيڪي هڪ سنجيدا جدو جهد ڪري ر هيا آهن. سڀ جا سڀ مو اسلات جا ذ ريعا ا ستعمال ڪري هنن پناهگيرن جا ا هي نا پاڪ ارادا پاش پاش ڪري ڇڏ يون.
    اسان ته پهرين ڏينهن کان وٺي چيو آ ته ڀل اردو ڱالها ئيندڙ گورنر مقر ڪيو
    پر قاتل گورنر هٽايو، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ائين نه ٿيندو آ جيئن هتي
    ايم ڪيو ايم ، پ،پ،پ ملي ڀگت سان سنڌ لا۽ هاڃيڪار ڪم ڪري رهيا
    آهن
    الطاف حسين خطاب ڪندي چيو آهي ته ” موجوده مڪاني نظام نه ڏنو ويو ته اردو ڳالهائيندڙ سنڌي سنڌ ورهائڻ جو نعرو هڻڻ تي مجبور ٿي ويندا
    ----مان سمجهان ٿو هاڻي گهڻو ٿي ويو، هاڻي ايم ڪيو ايم لاءِ پادر پُسيل هجي
    ...
    ا سين ڊاڪٽر صاحب جي بيان جو به خير مڪدم ٿا ڪيون اسان جا ڀائر ۽ پٽ جي ڪڏهن قرنان ٿيا ته يقينن اهي پناهگيرن جو به ڌڻ بچو رلائي ڇڏڻ کان سواءِ نه ۽ اسان اميد ٿا ڪيون ته جتي سنڌ جا جوڌا جوان ميدان ۾ هوندا اتي سنڌ جون باغيرت ڌيئرون به ڪنهن به طرح پٺ تي نه هونديون،
    ۽ ها ان کان پو۽ اسان جي قومپرستن کي سنڌ سان سنجيده ۽ ڪمينٽيڊ ٿيڻو پوندو رگو اخباري سرخين پريس ريليزن کان هاڻ گهڻو اگتي عملي ڪم ۾ اچڻو پوندو ، باقي رگو اشوز جي پويان ڀٽڪڻ واري سياست کي ختم ڪرڻو پوندو،ان لا۽ سنڌ جي قومپرستن کي اشوکان اشو ڀٽڪڻ جي سنڌ جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سگهاري حڪمت جوڙي جدوجهد جي ميدان تي اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ هر نئين ڏينهن هڪ نئون مسئلو سنڌ جي ڳاٽي ۾ لڳي ٿو ۽ پاڻ سنڌي ماڻهو پهرين مسئلن کي ڇڏي وري نئين اشو جي پويان نعرا هڻڻ شروع ڪري ٿا ڇڏيون. نتيجي ۾ جدوجهد به هلي پئي ۽ مسئلا به حل ٿيڻ بدران وڃن ٿا وڌندا. ان ئي معاملي تي ڪجهه وقت اڳ جڏهن مون هڪڙي قومپرست ليڊر کان سوال ڪيو هو ته هن وراڻيو اسان ڇا ڪيون، سنڌ لاءِ اشو ئي ايترا پيدا ڪيا ويا آهن جو هڪڙي منهن ڏيندي ڏيندي وڃي ٻئي اشو ۾ ڦاسون ٿا. ڪنهن حد تائين اها ڳالهه ٺيڪ به آهي ۽ اها هن رياست جي پس و پيش واڳ ڌڻين جي فطرت رهي آهي ته ماڻهن کي مسئلن ۾ منجهايو ۽ پنهنجو ڪم ڪندا رهو. ماضيءَ ۾ انگريزن لاءِ ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو جو مثال عام هوندو هو پر هاڻوڪن حڪمران قوتن ان ۾ تبديلي آڻي ماڻهن کي منجهايو ۽ راڄ ڪريو جي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. اهو ئي سبب آهي جو توهان فقط گذريل ڏهاڪو کن سالن جا پيرا کڻو، توهان کي اندازو ٿي ويندو ته واڳ ڌڻي سنڌ لاءِ مسئلن ۽ اشوز جي فيڪٽري ثابت ٿيا آهن. مسئلن جي ايتري روانيءَ جي ڪري ئي سنڌ سواءِ ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت کي روڪرائڻ جي ٻئي ڪنهن به رياستي فيصلي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو خاطر خواهه ڪردار ادا ناهي ڪري سگهي. هوءَ به جڏهن ڪنهن قوم جي جدوجهد تسلسل وڃائي ويهندي آهي، تڏهن اها ڪي به نتيجا حاصل ناهي ڪري سگهندي. ساڳيءَ جڳهه تي پاڻ وارن قومپرستن وٽ به جدوجهد جي نتيجن جو تجربو موجود آهي ۽ هو ان حقيقت کان به واقف آهن ته هن رياست جا واڳ ڌڻي سنڌ جي احتجاج کي ڪيتري اهميت ڏين ٿا. بشير خان قريشي طرفان لکين ماڻهو گڏ ڪرڻ وارو عمل به سگهارين قوتن کي نه وڻيو، نتيجي ۾ کيس سلو پوائزن ڏئي شهيد ڪيو ويو. دراصل هن رياست جا واڳ ڌڻي سنڌي ماڻهن کي روڊن تي ضرور ڏسڻ گهرن ٿا پر اهو غيرمؤثر انداز ۾، جيڪڏهن ڪنهن اشو تي سنڌي ماڻهن جي جدوجهد مؤثر شڪل اختيار ڪري ٿي ته ان کي واڳ ڌڻي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا. سنڌي قوم جي جدوجهد کي منتشر رکڻ لاءِ واڳ ڌڻي هر نئين ڏينهن تي هڪ نئون اشو پيدا ڪري رهيا آهن ۽ نتيجي ۾ پنهنجي جدوجهد به هيڏانهن کان هوڏانهن ٿيڙ کائيندي ٿي رهي. پاڻ ڪڏهن ڪالا باغ ڊيم خلاف نعرن هڻڻ لاءِ بيٺا هوندا آهيون ته ڪڏهن ته وري سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاج ڪندي نظر اچون ٿا. مڪاني نظام کان ويندي ذوالفقار آباد رٿا تائين اشوز جي هڪڙي چين ٺهيل آهي ۽ پاڻ لڳ ڀڳ انهن سمورن اشوز تي نعرا هڻي نڙي سڪائي چڪا آهيون پر نتيجي سواءِ مايوسيءَ جي ٻيو ڪجهه به ناهي مليو.قوم پرستن سميت هر سنڌ دوست ڌر ۽ ماڻهوءَ کي ان بنيادي سوال تي ضرور سوچڻ کپي. هونءَ به تجربن جو تجزيو ڪرڻ ۽ ان مان سکڻ ۾ ڪو عيب ناهي. تجربا ايندڙ جدوجهد کي وڌيڪ منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ توڙي نتيجا خيز بڻائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا آهن. ناڪامي خراب ڳالهه ناهي پر تجربي کان سکڻ خراب ڳالهه ضرور آهي. پاڻ وارن قومپرستن جي صورتحال کي ڏسندي اڪثر ڪري اهو ئي محسوس ٿيندو آهي ته اسان وٽ تجربن کان سکڻ جي روايت ڄڻ ته سري کان ئي موجود ناهي رهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ وٽ جدوجهد جا لوازمات اڃا تائين تبديل ٿي ناهن سگهيا. موجوده حالتن ۾ اهو سوال ان ڪري شدت سان پيدا ٿيو آهي جو پاڻ هاڻي مڪاني نظام خلاف ٿيندڙ جدوجهد کي ڪالا باغ ڊيم جهڙي مردار اشو هٿان تين وال ٿيندي ڏسون پيا. مڪاني نظام جي ڪري ذوالفقار آباد رٿا خلاف جدوجهد رولڙي ۾ پئجي وئي هئي ۽ هاڻي مڪاني نظام خلاف سنڌي ماڻهن جي جدوجهد کي موڙڻ ۽ غيرمؤثر ڪرڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم جو پتو کيڏيو پيو وڃي. جيتوڻيڪ مڪاني نظام ۽ ذوالفقار آباد رٿا جي خطرناڪ هئڻ جو سبب ذري گهٽ ساڳيو آهي ۽ اها آهي ڌاري آبادڪاري. مڪاني نظام سبب سنڌ جي وحدت کي ان ڪري خطرو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ کان ويندي سنڌ جي سمورن اهم شهرن تي ڌارين جو قبضو آهي. جيڪڏهن انهن شهرن ۾ هڪڙو به ڌاريو نه هجي، سڀ سنڌي ماڻهن رهندا هجن ته ڇا پوءِ به نئين مڪاني نظام سبب سنڌ جي وحدت کي هاڃو رسڻ جو ڊپ رهندو! ساڳيو اعتراض ذوالفقار آباد رٿا تي به آهي ۽ ان لاءِ به چيو پيو وڃي ته ذوالفقار آباد شهر اڏجڻ سان اتي ڌارين کي آباد ڪيو ويندو ۽ نتيجي ۾ سنڌ جي وحدت کي هاڃو رسائي خطي ۾ نئين اسرائيل جا بنياد رکيا ويندا. چوڻ جو مطلب ته نئون مڪاني قانون هجي يا ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت ٻنهي تي خدشن جو سبب ڌاري آبادڪاري آهي. هاڻي اچون ٿا ڪراچيءَ ۾ بدامنيءَ جي معاملي تي. مون ڪالهوڪي پنهنجي آرٽيڪل ۾ لکيو هو ته ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ بدامنيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي هڪڙي ڌر به ملوث ناهي ۽ آئون اڄ به چوان ٿو ته ڪراچيءَ ۾ جيڪا دهشتگردي آهي، جيڪا ٽارگيٽ ڪلنگ ٿئي پئي، ان ۾ سنڌي ماڻهو نه پر ڌاريا ملوث آهن، جيڪي ڪراچيءَ تي پنهنجي آپيشاهي قائم رکڻ ۽ مفادن تي قبضي جي جنگ وڙهي رهيا آهن. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جو شهر سنڌين جو آهي ۽ ان تي ويڙهه ڌارين ۾ هلي پئي. اها ماجرا سمجهڻ جوڳي آهي ته اها سڄي راند ڪراچيءَ کي سنڌي ماڻهن کان کسڻ ۽ ڌارين قوتن پاران پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻ سگهارين قوتن جي سهڪار سان شروع ڪئي وئي آهي. ائين ناهي ته ڪراچيءَ ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي پر پس و پيش حڪمران ڪراچيءَ ۾ امن قائم ڪرڻ جي موڊ ۾ ئي ناهن. اهڙيءَ صورتحال ۾ جڏهن سنڌ کي هزارين مڇ مڙي ويا هجن، تڏهن قوم پرستن کي به واضح ۽ شفاف حڪمت عملي اختيار ڪري ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ جي مالڪي ڪرڻ گهرجي.سنڌ جو مسئلو منتشر جدوجهدن جي نتيجي ۾ حل ناهي ٿيڻو پر ان لاءِ منظم ۽ بنيادي مسئلن تي جدوجهد جي ضرورت آهي. جيڪڏهن قومپرست ٽن بنيادي نقطن تي احتجاج کي منظم ڪري سگهاري تحريڪ شروع ڪن، تڏهن به هڪ نئين سمت ڏانهن وڃي سگهي ٿي ۽ جيڪي سنڌ دشمن قوتون آهن، انهن جي اشوز ساز فيڪٽرين کي تالا لڳي سگهن ٿا. اهي ٽي بنيادي مسئلا سنڌ مان ڌارين جي مڪمل نيڪالي، پيداواري وسيلن تي سنڌ جي مالڪي جو حق مڃائڻ ۽ ڪوسٽل بيلٽ کي دفاعي اداري کان واپس وٺي سنڌ جي ملڪيت ۾ ڏيڻ آهي. اهي ٽي اهڙا بنيادي مسئلا آهن، جن جي حل ٿيڻ سان ذوالفقار آباد رٿا ۽ مڪاني نظام جو معاملو به پاڻمرادو حل ٿي ويندو. اهو طئه آهي ته انهن نقطن تي جدوجهد منظم ڪرڻ جو مطلب سڌيءَ ريت سگهارين قوتن سان ٽڪر کائڻ آهي. جيڪڏهن قومپرست گوٿناٿ ۽ اشوز پاليٽڪس واري رويي کي ڇڏي بنيادي مسئلن تي جدوجهد منظم ڪرڻ جي جرئت ڪن ٿا ته اها سنڌي قوم جي وڏي ڪاميابي آهي ۽ اها ئي منظم جدوجهد باقي ثانوي مسئلن کي به حل ڪرڻ لاءِ ڪارگر ڪردار ادا ڪندي. اهڙي جدوجهد جي ابتدا قومپرستن ۽ سمورين سنڌ دوست ڌرين کي ڪراچيءَ مان ڪرڻ کپي. ساڳيءَ جڳهه تي هڪڙو منظم احتجاج ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي معاملي تي به ٿيڻ گهرجي ۽ ان ذريعي دنيا کي ٻڌايو وڃي ته ڌارين جي آبادڪاريءَ سبب سنڌ جي گادي واري شهر جو امن تباهه ٿيو آهي، تنهنڪري ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ ۽ سنڌ تي سنڌي قوم جي مڪمل حق حاڪميت قائم ٿيڻ سان ئي ڪراچيءَ کان ڪمون شهيد تائين مڪمل امن قائم ٿي سگهي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ اڄ جي حالتن ۾ قومپرستن کي سنڌ جي بنيادي اشوز تي سگهاري ۽ نتيجا خيز جدوجهد جي دڳ تي اچڻ گهرجي. جيڪڏهن اڃا به بنيادي نوعيت جي مسئلن کي نظرانداز ڪري غيرنتيجا خيز جدوجهد ڪئي وئي ته ان جو سنڌ کي ناقابل تلافي نقصان رسندو، جنهنجو پوراءُ شايد ممڪن نه ٿي سگهي
    نوٽ تعارف واري سيڪشن مان ٿريڊ کي ڪڍي ڪري درست سيڪشن ۾ موو ڪرايو ويو )​
    ڦلپوٽو فقير​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڳالهيون ته گهڻيو ڪيائين ۽ پنهنجي ساڳي انداز ۾ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان سمجهان ٿو اجايو انتظار هو۔

    هڪ ڳالهه جيڪا ڊرون حملو هئي اها صرف سنڌين خلاف ڪيل اها ڳالهه هئي ته اسان کي پنهنجي پسند جو نظام کپي ۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن هرڪو هاڻي پنهنجي پسند جو نظام وٺڻ لاء ڌمڪيون ڏيندو ته ڇا بچندو ۽ حالتون ڪيڏانهن وينديون ۔۔۔ سندس ڪالهوڪي تقرير هڪ فضول جو بحث هو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    مانائتا ڪليم کهڙو!
    الطاف حسين جي شام واري ڪيل تقرير کي رات جو دير سان بار بار ٻڌڻ دوران مون اوهان جو آرٽيڪل نظر مان ڊوڙايو.سٺو تجزيو ڪيو آهي اوهان پر تڪڙ ڪرڻ سان ان جي حسناڪي مري وئي آهي. لفظن جي ادائگي، سٽاءُ دم، اڌ دم، ڪاما، فل اسٽاپ ۽ ٻولي جي بنيادي جز ۾ شامل علامتن جو صحيح نموني ادراڪ نه رکڻ سبب ڄڻ ته مار کائي وڃو ٿا.انهن کان بچاءُ ڪريو .مون اوهان جي ان ليک کي وري وري ڪري پڙهيو ان جون اوڻايون ڪڍيون ۽ تلفظن کي ترتيب ۾ رکيو گڏوگڏ اسلوب تي به ڌيان ڌريو .جيڪا غير ضروري پٽاڙ هئي ان کي خارج ڪري ڇڏيو اٿم
    هڪ ٻي ڳالهه ته الطاف حسين جي تقرير جو متن ٻڌي اوهان جن نقطن کي تمهيد ۾ ئي رکيو آهي ان بابت ايئن ڪيو ها ته الطاف حسين جي انهن نقطن جو سائنسي ۽ مدلل طريقي سان پوسٽ مارٽم ڪريو ها تڏهن توهان جو موقف واضح نظر اچي ها. خير ڪوشش اوهان ڪئي آهي ان ڏس ۾ جس لهڻو ۽ ايئن ئي لکندا رهو.
    الطاف حسين جو سنڌ تي ڪيل ڊرون حملو
    ڪامران کهڙو​
    ايم ڪيو ايم جو سربراهه الطاف حسين گذريل هڪ هفتي کان چوندو پئي آيو ته تمام جلد سياسي ڊرون حملو ڪندس ۽ اهو اهڙو ڊرون حملو هوندو جنهن سان چڱا ڀلا دهلجيو ويندا. نيٺ خميس جي شام هن لنڊن مان ٽيلي فونڪ خطاب ۾ ان ڊرون حملي جو نشانو سنڌ کي بڻايو.هن خطا ب ڪندي چيو ته ”موجوده مڪاني نظام نه ڏنو ويو ته اردو ڳالهائيندڙ سنڌي سنڌ ورهائڻ جو نعرو هڻڻ تي مجبور ٿي ويندا
    پھريون حملو سنڌ تي مڪاني نظام نه ڏنو ويو ته اردو ڳالھائڻ وارا سنڌي سنڌھ جي ورھاست جو نعرو ھڻڻ تي مجبور ٿيندا
    هن جو ٻيون حملو اهو هو ته ”مڪاني نظام جي خلاف اردوڳالھائڻ وارن قوم پرستن جي ناراضگي تي پريشاني ڪانھي پر مڪاني نظام تي سنڌي قوم پرستن جي ناراضگي تي پريشان آھيون ۽ ايم ڪيو ايم لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندي ايم ڪيو ايم کي لانگ مارچ ۾ شرڪت کان حڪومت نه روڪي.“
    هن جو ٽيون حملو هو پاڪ-ڀارت تي، ته پاڪستان ۽ ڀارت کي ملڻ واري آزادي اڌوري ھئي پاڪستان ۽ ڀارت جي گورنر جنرل برطانيه کان وفادار رھڻ جو قسم کنيو ھو. پاڪستان ۾ بادشاھيت جو خاتمو 23 مارچ 1956 ۾ ٿيو
    هن جو چوٿون حملو قائد اعظم محمد علي جناح تي هو ته ”قائد اعظم محمد علي جناح کان سر عبدالرشيد انگريزي زبان ۾ حلف ورتو قائد اعظم اھو عھد ڪيو ته برطانيه جي بادشاھه جارج ڇھين سان وفادار رھندو يعني قائد اعظم سلطنت برطانيه جو وفادار ھو قائد اعظم محمد علي جناح وٽ ٻٽي شھريت جو پاسپورٽ ھو يعني وٽس برطانيه جو پاسپورٽ ھو.
    پنجون حملو مخالف سمورين سياسي پارٽين تي هو ته پاڪستان جي جدوجھد ڪرڻ وارين جماعتن کي غدار جماعتون بنايو ويو جيڪي ديني جماعتون پاڪستان جي قيام جي مخالفت ڪري رھيون ھيون اھي اڃ محب وطن ٿي ويون آھن، جيڪي جاگيردار وڏيرا پاڪستان جا دشمن ھئا اڄ انھن جا ٻار وڏن عھدن تي آھن
    ايم ڪيو ايم سربراهه جي ان سياسي ڊرون حملي کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي مجموعي راءِ اها وڃي جڙي ته : اسين (سنڌي) الطاف حسين کي واضع طور ٻڌايون ٿا ته جيڪڏهن سنڌ ورهائڻ جي گالهه ٿي ته سنڌي ماڻهو مزاحمتي جنگ جو نعرو هڻڻ تي مجبور ٿيندا، الطاف حسين کي خبر هجڻ گهرجي ته مهاجرن جي ڪا به ڌرتي نه هوندي آهي ،
    هن حساس مسئلي تي هاڻ قوم پرستن کي سنڌ سان سنجيده ۽ ڪميٽيڊ ٿيڻو پوندو، رگو اخباري سرخين ۽ پريس رليزن کان هاڻ گهڻو اگتي عملي ڪم ۾ اچڻو پوندو، اشوز جي پويان ڀٽڪڻ واري سياست کي ختم ڪرڻو پوندو، ان لا۽ قوم پرستن کي اشوکان اشو ڀٽڪڻ ڇڏي سنڌ جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سگهاري حڪمت عملي جوڙي جدوجهد جي ميدان تي اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ هر نئين ڏينهن هڪ نئون مسئلو سنڌ جي ڳاٽي ۾ لڳي ٿو ۽ پاڻ سنڌي ماڻهو پهرين مسئلي کي ڇڏي وري نئين اشو جي پويان نعرا هڻڻ شروع ڪري ٿا ڇڏيون. نتيجي ۾ جدوجهد ته هلي پئي پر مسئلا حل ٿيڻ بدران وڃن ٿا وڌندا. ان ڏس ۾ هڪ قوم پرست ليڊر جو چوڻ آهي ته ”اسان ڇا ڪيون، سنڌ لاءِ اشو ئي ايترا پيدا ڪيا ويا آهن جو هڪڙي منهن ڏيندي ڏيندي وڃي ٻئي اشو ۾ ڦاسون ٿا. “ ڪنهن حد تائين اها ڳالهه ٺيڪ به آهي ۽ اها هن رياست جي پس و پيش واڳ ڌڻين جي فطرت رهي آهي ته ماڻهن کي مسئلن ۾ منجهايو ۽ پنهنجو ڪم ڪندا رهو. ماضيءَ ۾ انگريزن لاءِ ”ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو “ جو مثال عام هوندو هو پر هاڻوڪي حڪمران قوتن ان ۾ تبديلي آڻي ماڻهن کي ”منجهايو ۽ راڄ ڪريو “ جي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. اهو ئي سبب آهي جو گذريل ڏهاڪو کن سالن جا پيرا کڻجن ته اندازو ٿي ويندو ته واڳ ڌڻي سنڌ لاءِ مسئلن ۽ اشوز جي فيڪٽري ثابت ٿيا آهن. مسئلن جي ايتري روانيءَ جي ڪري ئي سنڌ سواءِ ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت کي روڪرائڻ جي ٻئي ڪنهن به رياستي فيصلي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو خاطر خواهه ڪردار ادا ناهي ڪري سگهي. هونءَ به جڏهن ڪنهن قوم جي جدوجهد تسلسل وڃائي ويهندي آهي، تڏهن اها ڪي به نتيجا حاصل ناهي ڪري سگهندي. ساڳيءَ جڳهه تي پاڻ وارن قوم پرستن وٽ به جدوجهد جي نتيجن جو تجربو موجود آهي ۽ هو ان حقيقت کان به واقف آهن ته هن رياست جا واڳ ڌڻي سنڌ جي احتجاج کي ڪيتري اهميت ڏين ٿا. مثال بشير قريشي جو لکين ماڻهو گڏ ڪرڻ وارو عمل به سگهارين قوتن کي نه وڻيو، نتيجي ۾ کيس سلو پوائزن ڏئي شهيد ڪيو ويو. اصل ۾هن رياست جا واڳ ڌڻي سنڌي ماڻهن کي روڊن تي ضرور ڏسڻ گهرن ٿا پر غيرمؤثر انداز ۾، جيڪڏهن ڪنهن اشو تي سنڌي ماڻهن جي جدوجهد مؤثر شڪل اختيار ڪري ٿي ته ان کي واڳ ڌڻي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا. سنڌي قوم جي جدوجهد کي منتشر رکڻ لاءِ واڳ ڌڻي هر نئين ڏينهن تي هڪ نئون اشو پيدا ڪري رهيا آهن ۽ نتيجي ۾ پنهنجي جدوجهد به هيڏانهن کان هوڏانهن ٿيڙ کائيندي ٿي رهي. پاڻ ڪڏهن ڪالا باغ ڊيم خلاف نعرا هڻڻ لاءِ بيٺا هوندا آهيون ته ڪڏهن وري سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاج ڪندي نظر اچون ٿا. مڪاني نظام کان ويندي ذوالفقار آباد رٿا تائين اشوز جي هڪڙي چين ٺهيل آهي ۽ پاڻ لڳ ڀڳ انهن سمورن اشوز تي نعرا هڻي نڙي سڪائي چڪا آهيون پر نتيجي ۾ سواءِ مايوسيءَ جي ٻيو ڪجهه به ناهي مليو..قوم پرستن سميت هر سنڌ دوست ڌر ۽ ماڻهوءَ کي ان بنيادي سوال تي ضرور سوچڻ کپي. هونءَ به تجربن جو تجزيو ڪرڻ ۽ ان مان سکڻ ۾ ڪو عيب ناهي. تجربا ايندڙ جدوجهد کي وڌيڪ منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ توڙي نتيجا خيز بڻائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا آهن. ناڪامي خراب ڳالهه ناهي پر تجربي کان سکڻ خراب ڳالهه ضرور آهي. پاڻ وارن قوم پرستن جي صورتحال کي ڏسندي اڪثر اهو ئي محسوس ٿيندو آهي ته اسان وٽ تجربن کان سکڻ جي روايت ڄڻ ته سري کان ئي موجود ناهي رهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ وٽ جدوجهد جا لوازمات اڃا تائين تبديل ٿي ناهن سگهيا. موجودهه حالتن ۾ اهو سوال ان ڪري شدت سان پيدا ٿيو آهي جو پاڻ هاڻي مڪاني نظام خلاف ٿيندڙ جدوجهد کي ڪالا باغ ڊيم جهڙي مردار اشو هٿان تين وال ٿيندي ڏٺو. مڪاني نظام جي ڪري ذوالفقار آباد رٿا خلاف جدوجهد رولڙي ۾ پئجي وئي ۽ مڪاني نظام خلاف سنڌي ماڻهن جي جدوجهد کي موڙڻ ۽ غيرمؤثر ڪرڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم جو پتو کيڏيو ويو . جيتوڻيڪ مڪاني نظام ۽ ذوالفقار آباد رٿا جي خطرناڪ هئڻ جو سبب ذري گهٽ ساڳيو آهي ۽ اها آهي ڌاري آبادڪاري. مڪاني نظام سبب سنڌ جي وحدت کي ان ڪري خطرو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ کان ويندي سنڌ جي سمورن اهم شهرن تي ڌارين جو قبضو آهي. جيڪڏهن انهن شهرن ۾ هڪڙو به ڌاريو نه هجي، سڀ سنڌي ماڻهن رهندا هجن ته ڇا پوءِ به نئين مڪاني نظام سبب سنڌ جي وحدت کي هاڃو رسڻ جو ڊپ رهندو! ساڳيو اعتراض ذوالفقار آباد رٿا تي به آهي ۽ ان لاءِ به چيو پيو وڃي ته ذوالفقار آباد شهر اڏجڻ سان اتي ڌارين کي آباد ڪيو ويندو ۽ نتيجي ۾ سنڌ جي وحدت کي هاڃو رسائي خطي ۾ نئين اسرائيل جا بنياد رکيا ويندا. چوڻ جو مطلب ته نئون مڪاني قانون هجي يا ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت ٻنهي تي خدشن جو سبب ڌاري آبادڪاري آهي.
    هاڻي اچون ٿا ڪراچيءَ ۾ بدامنيءَ جي معاملي تي. ته ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ بدامنيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي هڪڙي ڌر به ملوث ناهي ۽ ڪراچيءَ ۾ جيڪا دهشتگردي آهي، جيڪا ٽارگيٽ ڪلنگ ٿئي پئي، ان ۾ سنڌي ماڻهو نه پر ڌاريا ملوث آهن، جيڪي ڪراچيءَ تي پنهنجي آپي شاهي قائم رکڻ ۽ مفادن تي قبضي جي جنگ وڙهي رهيا آهن. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جو شهر سنڌين جو آهي ۽ ان تي ويڙهه ڌارين ۾ هلي پئي. اها ماجرا سمجهڻ جوڳي آهي ته اها سڄي راند ڪراچيءَ کي سنڌي ماڻهن کان کسڻ ۽ ڌارين قوتن پاران پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻ سگهارين قوتن جي سهڪار سان شروع ڪئي وئي آهي. ايئن ناهي ته ڪراچيءَ ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي پر پس و پيش حڪمران ڪراچيءَ ۾ امن قائم ڪرڻ جي موڊ ۾ ئي ناهن. اهڙيءَ صورتحال ۾ جڏهن سنڌ کي هزارين مڇ مڙي ويا هجن، تڏهن قوم پرستن کي به واضح ۽ شفاف حڪمت عملي اختيار ڪري ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ جي مالڪي ڪرڻ گهرجي.سنڌ جو مسئلو منتشر جدوجهدن جي نتيجي ۾ حل ناهي ٿيڻو پر ان لاءِ منظم ۽ بنيادي مسئلن تي جدوجهد جي ضرورت آهي. جيڪڏهن قوم پرست ٽن بنيادي نقطن تي احتجاج کي منظم ڪري سگهاري تحريڪ شروع ڪن، تڏهن به هڪ نئين سمت ڏانهن وڃي سگهجي ٿو ۽ جيڪي سنڌ دشمن قوتون آهن، انهن جي اشوز ساز فيڪٽرين کي تالا لڳي سگهن ٿا. اهي ٽي بنيادي مسئلا سنڌ مان ڌارين جي مڪمل نيڪالي، پيداواري وسيلن تي سنڌ جي مالڪي جو حق مڃائڻ ۽ ڪوسٽل بيلٽ کي دفاعي اداري کان واپس وٺي سنڌ جي ملڪيت ۾ ڏيڻ آهي. اهي ٽي اهڙا بنيادي مسئلا آهن، جن جي حل ٿيڻ سان ذوالفقار آباد رٿا ۽ مڪاني نظام جو معاملو به پاڻ مرادو حل ٿي ويندو. اهو طئي آهي ته انهن نقطن تي جدوجهد منظم ڪرڻ جو مطلب سڌيءَ ريت سگهارين قوتن سان ٽڪر کائڻ آهي. جيڪڏهن قومپرست گوٿناٿ ۽ اشوز پاليٽڪس واري رويي کي ڇڏي بنيادي مسئلن تي جدوجهد منظم ڪرڻ جي جرئت ڪن ٿا ته اها سنڌي قوم جي وڏي ڪاميابي آهي ۽ اها ئي منظم جدوجهد باقي ثانوي مسئلن کي به حل ڪرڻ لاءِ ڪارگر ڪردار ادا ڪندي. اهڙي جدوجهد جي ابتدا قوم پرستن ۽ سمورين سنڌ دوست ڌرين کي ڪراچيءَ مان ڪرڻ کپي. ساڳيءَ جڳهه تي هڪڙو منظم احتجاج ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي معاملي تي به ٿيڻ گهرجي ۽ ان ذريعي دنيا کي ٻڌايو وڃي ته ڌارين جي آبادڪاريءَ سبب سنڌ جي گادي واري شهر جو امن تباهه ٿيو آهي، تنهن ڪري ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ ۽ سنڌ تي سنڌي قوم جي مڪمل حق حاڪميت قائم ٿيڻ سان ئي ڪراچيءَ کان ڪمون شهيد تائين مڪمل امن قائم ٿي سگهي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ اڄ جي حالتن ۾ قوم پرستن کي سنڌ جي بنيادي اشوز تي سگهاري ۽ نتيجا خيز جدوجهد جي دڳ تي اچڻ گهرجي. جيڪڏهن اڃا به بنيادي نوعيت جي مسئلن کي نظرانداز ڪري غير نتيجا خيز جدوجهد ڪئي وئي ته ان جو سنڌ کي ناقابل تلافي نقصان رسندو، جنهنجو پوراءُ شايد ممڪن نه ٿي سگهي
    ’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڪليم کهڙو

    ڪليم کهڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جنوري 2013
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    247
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين لک قرب اوهان جا معصوم سنڌي صاحب رات ٿورڙو جلدي ڪرڻ جي ڪري ڪجهه غلطيون ٿيون، توهان پاران رهنمائي ڪرڻ تي اوهان جو ٿورآئتو آهيان۔ اميد ته اگتي به اسان جي رهنمائي ڪند رهندا
    مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو