رانگ نمبر! هڪ پٺاڻ انگلينڊ مان پنهنجي زال کي لينڊ لائين فون تي ڪال ڪيو، نوڪراڻي فون کڻي وٺيندي آهي۔ پٺاڻ بيگم صاحب سان ڳاله ڪرايو؟ نوڪراڻي جواب ڏنو، بيگم صاحب ۽ صاحب ستا پيا آهن۔ پٺاڻ چيوء ،ڇا پئي چوين ، صاحب ته مان آهين، منهنجي زال وري ڪهڙي صاحب سان ستي پئي آهي؟ نوڪراڻي، هاڻي منهنجي لاء ڇا حڪم آهي؟ پٺاڻ جواب ڏنو، ماري ڇڏ ٻنهي کي۔ نوڪراڻي ايئن ڪندس ته مان پڪڙجي پوندس ۽ جيل هلي ويندس۔ پٺاڻ چيوء ، مان تنهنج انگلينڊ جو ويزو موڪليان ٿو۔ تون هيڏي ڀڄي اچجان۔ نوڪراڻي اهو ٻڌي پستول کڻي ٻنهي کي ماري ڇڏيو۔ نوڪراڻي ، هاڻي مان لاشن جو ڇا ڪيان؟ پٺاڻ چيس، گفهر جي پويان جيڪا نندي آهي ۔ان ۾ ٻنهي جو لاش ڦٽي ڪري ۔ ايئرپورٽ وڃ۔ اتي تنهنجي ٽڪيٽ ۽ ويزو پيو هوندو۔ نوڪراڻي جواب ڏنو، ڪهڙي نندي، گهر جي پويان ته ڪابه نندي نه آهي۔ پٺاڻ پڇو ته ڇا هي فون نمبر 4466592 نه آهي ؟ نوڪراڻي جواب ڏنو،نه اهو نمبر ته نه آهي۔ پٺاڻ جواب ڏنو، آو معاف ڪجو هي ڪنهن ٻئي جو گهر آهي ۽ مون کان غلطي سان رانگ نمبر لڳي ويو آهي۔
`````````````` خليل جبران! مون کي هن شارٽ اسٽوري ۾ مزو آيو، هن منجهه ڊرامائي ايليمينٽس آهن وڏي ڳالهه ته سسپنس رکيل آهي جيڪا ڪهاڻي جي وائينڊ اپ کي شاهڪار بڻائي ٿي۔ٻولي جو صحيح استعمال ڪرين ها ته هوند هن ۾ اڃا وڌيڪ جاذبيت جهلڪي ها ۔مون اوهان جي ”رانگ نمبر “ کي ڪجهه قدر سوڌي سنواريو آهي پر ان جي باوجود آئون مطمئن ناهيان ۔ ”رانگ نمبر “ مان نشانو بڻايل ٽڪرا کي مون رد ڪيو جيڪو ”پٺاڻ“ سان واڳيل آهي ضروري ناهي ته هن منجهه ”پٺاڻ“ ئي اهڙي قسم جو عمل ڪرائي۔ڪردارن جي چرپر جو تعين ڪندي مون ”پٺاڻ“ لفظ کي فضول ڀانئيو ان ڪري هن مان ان کي خارج ڪري تجربو ڪيو ته ڪيئن ٿو اسڪرپٽ آڏو اچي۔ موضوع بهترين آهي ۽ هي ويهه کان ٽيهه منٽن جو ٽي وي ”پلي“ به ٿي سگهي ٿو۔۔هيٺ آئون ان اسڪرپٽ کي پيش ڪيان ٿو ``````````````````````` رانگ نمبر خليل جبرانهن انگلينڊ مان پنهنجي زال کي لينڊ لائين فون تي ڪال ڪئي. گهنٽي وڄڻ تي نوڪرياڻي فون کنئي”بيگم صاحبه سان ڳالهه ڪرايو؟“”بيگم صاحبه ۽ صاحب ته ستا پيا آهن“نوڪرياڻي جواب ڏنوهن رڙ ڪندي چيو ”ڇا پئي چوين ! صاحب ته مان آهيان، منهنجي زال وري ڪهڙي صاحب سان ستي پئي آهي؟“”هاڻي منهنجي لاءِ ڇا حڪم آهي؟“ نوڪرياڻي چيوهن جواب ڏنو ” ماري ڇڏ ٻنهي کي“”ايئن ڪنديس ته پڪڙجي پونديس ۽ جيل هلي وينديس۔“نوڪرياڻيءَ وراڻيو” مان تنهنجي لاءِ انگلينڊ جو ويزو موڪليان ٿو، تون هيڏانهن ڀڄي اچجانءِ“اهو ٻڌي نوڪرياڻي پسٽل جا فائر ڪري ٻنهي کي ماري ڇڏيو۔”هاڻي مان لاشن جو ڇا ڪيان؟“ نوڪرياڻي صاحب کي چيو”گهر جي پويان جيڪا ندي آهي، ان ۾لاش ڦٽو ڪر ، ايئرپورٽ وڃ۔ اتي تنهنجي ٽڪيٽ ۽ ويزو پيو هوندو“”ڪهڙي ندي، گهر جي پويان ته ڪابه ندي نه آهي“”ته ڇا هي فون نمبر 4466592 نه آهي ؟“”،نه اهو نمبر ته نه آهي“”او معاف ڪجو! هي ڪنهن ٻئي جو گهر آهي ۽ مون کان غلطي وچان رانگ نمبر لڳي ويو آهي“ ايئن چئي هن فون جي لائين ڪاٽي ڇڏي
خليل صاحب، توهان ڪوبه ڪمال ڪونه ڪيو آهي، پرائي اسڪرپٽ کي سنوارڻ جو ڪوبه فائدو نه آهي۔ توهان پنهنجي ڪابه تحرير آڻيو۔
ادا اسان ته ان ڳاله جي دعوئي ئي ڪونه ٿا ڪيون ته اسان ڪو ڪمال ڪيو آهي مٿيون ليک موڪلي، نه ئي وري ڪليم ٿا ڪيون ته مٿيون لطيفو ڪو اسان جو آهي، پر هڪ سٺي شي اسان جي نظر کان گذري ان کي هت ونڍ ڪيو آهي۔ هاڻي اسان کي شدت سان توهانجي ڪمال وري تحريرن جو انتظار رهندو۔ جلدي اسان کي پنهنجو اهڙو ڪو ليک پڙهڻ جو موقعو فراهم ڪندا جنهن موضوع تي اسان کي اڳ ۾ ڪا ڄاڻ نه هجئي تاڪي توهان جي ڪمال کان اسان مستفيد ٿئي سگهون۔