نثارابڙو
نائب منتظم
ڪمپيوٽر جي اهميت اسانجي زندگي ۾ اصل اهڙي جو جان ٿي وڃي ۔۔۔۔

دوستو! گهر جو ڪمپيوٽر بيمار ٿي پيو آهي، ڪمپيوٽر فزيشن کي اطلاع ڪيو آهي، جنهن وري سرجن کي مريض جي تيمارداري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هوندو، پر جيستائين اهو ڪمپيوٽر چاڪ ڇڱو ڀلو ٿئي تيستائين گهر وارن سان رابطو منقطعه آهي ... ان ڏک ۾ مون اندر جي اڌمن کي هي لفظ ڏنا آهن ...
وزن بحر کي گولي هڻو ... رحم جوڳي حالت ڏسو!
زندگيء ۾ مزو رهيو ناهي
ڪمپيوٽر جو رهيو ناهي
درد هرروز وڃي ٿو وڌندو
هُنَ جو ديدار جو رهيو ناهي
زندگيء ۾ مزو رهيو ناهي
لڳي ٿو واپسي ٿيندي ضرور
نوڪريءَ ۾ ڀروسو جو رهيو ناهي
زندگيء ۾ مزو رهيو ناهي
ڏس! سنڌ ديس جون حالتون،
وڻج واپار ۾ ايمان جو رهيو ناهي
زندگيء ۾ مزو رهيو ناهي