• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 11 جنوري تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 11 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:
11 جنوري 1927ع قمبر سان تعلق رکندڙ مولوي عبدالحئي (جامي چانديي جو والد) جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1932ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ سيد خادم حسين شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1937ع ڪرڪيٽر راهول ڊريوڊ جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1954ع ليکڪ ڀون سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1956ع قمبر سان تعلق رکندڙ اديب ڀائو در محمد ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1962ع صحافي احمد بخش ڏيپر جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1962ع جهڏي سان تعلق رکندڙ شاعر موسا ڏيٿو جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1965ع ليکڪ صائب ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1966ع مزاحيه اداڪار عبدالمنان عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1971ع صحافي قيوم ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1980ع شاعر حاڪم ڪٽوهر جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1983ع شاعر محمد صالح خادم مهر جو جنم ڏينهن آهي.


وڇوڙو:
11 جنوري 1872ع مرزا فريد الدين بيگ (مرزا قليچ جو والد) لاڏاڻو ڪري ويو.
11 جنوري 1876ع شاعر مير سهراب خان مسڪين ثاني جو لاڏاڻو ٿيو.
11 جنوري 1927ع هالا سان تعلق رکندڙ اسڪالر ۽ صوفي مخدوم ظهيرالدين لاڏاڻو ڪري ويو.
11 جنوري 1938ع مذهبي اسڪالر مخدوم بصيرالدين انتقال ڪري ويو.
11 جنوري 1965ع صحافي رامچند بچاڻي جي ديهانت ٿي.
11 جنوري 1966ع هندستان جي اڳوڻي وزير اعظم لال بهادر شاستري جي ديهانت ٿي.
11 جنوري 1978ع اردو جو مشهور شاعر ابنِ انشاء انتقال ڪري ويو.
11 جنوري 1993ع ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيت مخدوم محمد زمان طالب المولا لاڏاڻو ڪري ويو.
11 جنوري 1998ع تاريخدان ۽ تعليمدان دادا سنڌي جو انتقال ٿيو.
11 جنوري 2011ع اداڪار ايم يحيٰ ڀٽو ڪراچي جي اسپتال ۾ انتقال ڪري ويو.

_______

اڄوڪي ڏينهن 11 جنوري جا ڪجهه اهم واقعا

iDPmmhOABhPa3.jpg

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

____

 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
8412_459586150779018_908097748_n.jpg

1601139_10201851566469219_1920948742_n.jpg


سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
 
مخدوم بصرالدين سيوهاڻي رح [ 1865ع – 1937ع ]۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ميمڻ عبدالغفور سنڌي
حضرت ابوبڪر صديق رضه جي نسبي سلسلي مان، رڪن الدين عرف مخدوم بصرالدين ولد مخدوم احمد صديقي رح، 29 رمضان المبارڪ 1282هه مطابق 17 سيپٽمبر 1865ع تي سيوهڻ شريف ۾ تولد ٿيو. سندس ڏاڏو مخدوم محمد وڏو عارف ۽ ڪامل بزرگ هو؛ جنهن جو سلسله- عمل ۽ فضل دور دراز زماني تائين هشت پشت ۾ مسلسل قائم رهيو.
مخدوم بصرالدين شروعات ۾ دينيات ۽ عربيءَ جا ڪتاب پنهنجي شفيق ڏاڏي وٽان پڙهيو؛ ۽ باقي درس (ڪتابن جي تڪميل) پنهنجي سوٽ، شيخ الوقت حضرت عارف باالله، مخدوم حاجي حسن الله پاٽائي رحه (وفات 1339هه = 1920ع) وٽان ورتائين. سندس والد بزرگوار سرڪاري عهدي تي فائز هو؛ جنهن هن نينگر کي انگريزي تعليم ڏيارڻ لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ ڇڏيو، جتان خداداد لياقت ۽ پنهنجي اورچائيءَ سان قانون جي سند وٺي، دنيا کان قطع تعلقات ڪري، هميشہ لاءِ گوشهء- نشين رهيو.
[URL='http://www.blogger.com/post-create.g?blogID=2338037324079320566#_ftnref15'](1)– ٻيو ته ٺهيو، پر خود منهنجي چاچي ۽ سهري، حاجي محمد عثمان ميمڻ (حال عمر اٽڪل 80 ورهيه) کي جوانيءَ ۾ گردي جو سور پوندو هو. هڙ حيلا هلايائين، مگر ڪنهن به ڦڪيءَ فرق نه ڪيس. لاچار ٿي ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ آپريشن لاءِ داخلا ورتائين. اڃا آپريشن وارو سج سامهون مس آيس، ته ڪنهن بهاني ڀؤ کان لڪي اچي لاڙڪاڻي پهتو، جتي ساڳئي ڏينهن مخدوم بصرالدين رح جي زيارت جو شرف حاصل ڪندي، کيس اندر جي اونهاين سان پنهنجو سمورو سماچار سڻايائينس. مخدوم صاحب مشڪندي چيس، ته ”ميان! چڱو ٿيو جو ڊاڪٽرن جي ور نه چڙهين، ورنه پيٽ ڦاڙي ڇڏني ها!! فائدو ته فائدي جي ماڳ، ويتر سر به سهائين ها!!!“– پوءِ پاڻ هڪ ڪاغذ جي ٽڪر تي ٽن معمولي ڦڪين جي فهرست لکي، فوري استعمال جو امر ڪيائينس. چاچي سائينءَ کي پهرين ڦڪيءَ مان ئي ايترو ته فرق پيو، جو اڄ تائين هي موذي مرض، ٻيهر نه ڏٺو اٿس، ڦڪي ته خير معمولي هئي، مگر مخدوم صاحب جي دعا ۽ درست نسخي، ڪرامت جهڙو ڪرشمو ڪري ڏيکاريو. سندس ئي دعا سان اڄ به جيڪو شخص هن نسخي کي استعمال ڪري ٿو، اهو نجات حاصل ڪري ٿو.[/URL]​
 
Back
Top