ذيشان رشيد سليمان وساڻ مون انٽرنيٽ تان ونڊوز ايڪس پي سروس پيڪ 3 ڊائون لوڊ ڪئي آهي ، هاڻ مسئلو اهو آهي ته اها انسٽال نه ٿي ٿئي ، چوي ٿي ته پهرين لڳل ونڊوز کي ختم ڪر ته پو مان اچائين ، هاڻ اگر پهرين ونڊوز کي ختم ڪندس ته هن کي ڪيئن انسٽال ڪندس ڪنهن دوست کي خبر هجي ته رهنمائي ڪري
ڇا توهان رڳو ونڊوز ايڪس پي جو سروس پيڪ 3 اپڊيٽر ڊائونلوڊ ڪيو آهي يا مڪمل ونڊوز ايڪس پي سروس 3 مڪمل ونڊوز ڊائونلوڊ ڪئي۔۔۔ بهتر رهندو ته لنڪ ڏسيو جتان توهان سروس پيڪ 3 ڊائونلوڊ ڪيو آهي۔۔۔ ها البته مڪمل ونڊوز پنهنجي هارڊڊسڪ ۾ رکيل سورس ذريعي انسٽال ڪرڻ لاءِ توهان سائين رحيم بخش جن جي هن موضوع جو پڙهي ڏسو۔۔۔ جڏهن ته پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود اڳ جي ونڊوز سروس پيڪ 2 کي 3 ۾ اپڊيٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه ضروري قدم سمجهڻ لاءِ ونڊوز جي هن سپورٽ پني کي به پڙهي وٺو۔۔۔