سڄي سنڌ سلامت جي سٿ کي منهنجو سلام هجي۔ مان چاهيان ٿو ته توهان سان پنهنجا پرابلم شيئر ڪيان اگر اجازت ملي ته ۔ مهرباني
سنڌ سلامت جا قانون ۽ قاعدا ڪهڙا آهن مون کي اهو ٻڌايو ته سنڌ سلامت جي دوستن سان مان ڪئين پنهنجا مسئلا شيئر ڪري سگهان ٿو ۔ مهرباني
ادا عبدالمنان سڀ کان پهريان اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔ لک قرب اوهان جا اوهان هن سٿ ۾ حصيدار ٿيا آهيو۔۔ پر ادا پهريان اوهان پنهنجو تعارف ته سنگت کي ڪرايو۔۔۔ باقي اوهان پنهنجا مسئلا دوستن سان ونڊڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اوهان ”پُڇڻا نه منجهڻا“ سيڪشن ۾ پنهنجا مسئلا موڪلي سگهو ٿا۔۔۔ وڌيڪ اوهان کي دوست ئي ٻُڌائي سگهن ٿا۔۔۔۔shal judy hujeen
جي ادا عبدالمنان سنڌ سلامت جي محبتن ڀريي اڱڻ تي توهان کي سلام پيش ٿا ڪريون، ڪنهن به ڳالهه يا مسئلي جي حل جي باري ۾ ادي زاهد واري مشوري تي عمل غور و فڪر سان عمل ڪندا.
ادا عبدالمنان سڀ کان پهريان اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔ ادا اوهان جا ڪهڙآ حال اآهين۔؟ ادا اوهان پهنجا مسئلا متعلق سيڪش http://www.sindhsalamat.com/forumdisplay.php?f=9 ۾ پيش ۔ ڪري سگهو ٿا۔ ادا اوهان جي تعارف جو انتظار رهندو
محترم علي علي صاحب نائب منتظم اعلا، سنڌ سلامت.ڪام سائين جنکي عرض آهي ته پاڻ سان به هڪ مسئلو آهي ... اسانجو هڪ دوست هوندو هو علي علي اڄڪلهه چوڏهينءَ جو چنڊ ٿي پيو آهي، ڪڏهن اڀري ٿو سنهڙو ڪڏهن اڀري ٿو ڳچ ... ڪو علاج هجي ته ٻڌائجو ... يا وري اهو مسئلو به ان ڌاڳي تي وڃي ونڊڙو پوندو ... اميد ته ساٿ سميت خيئرن ۾ هوندي ... سنڌ ۾ هوندي يا سنڌ کان ٻاهر هوندي .. اسانجي يادن ۾ ته پيو هميشه وسندي ... سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ها سائين اوهان جي شڪايت نوٽ ڪئي وئي آهي ۽ متعلق کاتي کي ان بابت آگاه ۽ چتاء ڏنو ويو آهي :d هن جو چوڻ آهي ته مان سڄي سنگت سان معذرت خواه اهيان ڀوري مينهن گم ٿي وئي آهي ان جي ڳولا ۾ لڳو پيو آهيان ان جا پيرا شڪار پور روڊ تي وڃي گم ٿي ويا آهين هاڻي دعا ڪيو ته چور پاڻهي مينهن ڏئي وڃن يا اڳتي ڪا واٽ ملي :d:d
سائين علي علي صاحب توهان جي مينهن جا پيرا اهڙي جا۽ تي لڳا آهن جو نه ته توهان کي ڪا اڳتي واٽ ملندي نه مينهن سو ان لا۽ مهرباني ڪري ٽائيم ضايع نه ڪريو سنڌ سلامت تي پنهنجي حاضري کي يقيني بنايو hall charihall chari
ها ادا اوهان کي ڪيئن نه پڪ هوندي چور نه ملڻ جي ڇو ته پيرا به شڪار پور جو ويا آهين اوهان کي تو سو فيصد پڪ هوندي ته ۔۔۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔ ۔۔ ادا ٻيو ته سنڌ سلامت واري سي آئي ڊي واري کاتي جي رپورٽن قمبراڻي جي اطلاع موجب ته پيرن گم ٿي وڃڻ جو سبب چورن جو ڀاڳين ۽ پيرا کڻڻدڙ ٽولي ۾ رلجي ملجي وڃڻ آهي ۔ چورن جي ٽولي جو سردار هڪ فقير آهي asul mattasul matt ۽ چورن کي چتاء ڏنو ٿو وڃي ته هو پهنجو پاڻ ۽ ڀوري مينهن مالڪن حوالي ڪن ۽انعام ۾ انهن جي لاء عام معافي جو اعلان پڻ ڪيو ويندو جي نه ته ٻي صورت ۾ هي ڪيس نثار ابڙو جي نگراني ۾ ابو زين حوالي ڪيو ويندو ابو زين لاء چيو وڄي ٿو ته ان سامهون گونگا به ڳالهائيندا اهين
ادا اوهان کي ته خبر آهي ته ڀوري مينهن مهنجي جان ئي نه پر سڃاڻ به آهي ۽ مون جهوني جي گذر سفر جو سهارو به سو ادا ان کي ڳولهڻو نه آهي نه سو سڌي طرح ملي ٿي ته به ڀلو نه ته گرفتاري لاء ايتري معلومات ڪافي آهي
واه سائين علي علي اوهان کي عيد مبارڪ سڄي ساٿ کي عيد جون مبارڪون هجن سائين نثار ابڙو جن جنهن اسان جي پياري علي علي جي ڳولا لاء اوهان کان صلاح پڇي آهي براء مهرباني جلدي ان جو تدارڪ ڪجو ڇو ته جهونن کان سواء اوطاق اوٻاڻڪي ٿي لڳي هر ڳالهه جو حل جهونائي ڏسيندا آهن جڏهن جهونا ئي غائب هوندا ته پوء اسان جهڙا ته رلي ويندا ۔ بريدن ز ياران خلاف وفا است
بريدن ز ياران خلاف وفا است يار علي اها ادي رحيم واري ڳوٽ ڀنڃ ته خبر پئي ... باقي هاڻي تو واري ڀوري ڪاري ٿي وئي هوندي ۽ ڪاريءَ سان گڏ ضرور ڪو ڪارو به هوندو ... الله خئير ڪري جي ڪاري ۽ ڪاريءَ واري چڪر ۾ مارجي وئي ته ڪيس ئي لڙهي ويندو ... باقي جي ڪو ڦر ڏئي ڪارا ڪاري ٿيا آهن ته ادا علي علي بس ان ڦر کي ڳولهه ته پالي تاتي ڪو گذر سفر جو بندوبست ڪيون جو پوڙاهپ ۾ مڙئي ڪو کير چڪو ته پي وٺجي ... اصلي کير لئه ته سڪي مئا آهيون ... جڏهن کان ڀوري مينهن گم ٿي آهي ته اهو پاڪيٽ وارو کير پي پي قبض جي بهترين شڪايت ٿي پئي آهي ... دوستن کي عرض آهي ته ڀوري جي ڪاري به ٿي وئي آهي ته خئير آهي کير ته ڏيندي نه ... ڏس پتو ڏيو ته ڳولهي وٺجي ... ادي علي عليءَ وارو کوجي ته اسلام آباد ۾ اهڙو گم آهي جو وڃي ٿيا خئير ... علي علي ته چوڏهينءَ جو چنڊ آهي ۽ اسلام آباد وارو ته اصل چنڊ گرهڻ جا ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي آهي ...
ادا رحيم جهونن تي ڪهڙيون ميارون يار ما در خدمت شما هستيم همه شب و روز ۔HaqMojood سائين شابس هجيو پهتو ته صحيح ڪيس کي پڙهيم هاڻي اوهان جي مرضي جي چاهيو ٿا ته پهنجي اوطاق تي مهمانن کي ڪو کير وارو چانهن جو ڪوپ نصيب ٿئي ته اوهان ئي ان ڪاروائي کي اڳتي هلايو اوهان کي خبر ته پئجي وئي آهي ته ان ۾ ڪنهن جو هٿ آهي نه ته اسان به دٻن وارو ديالاڪ کير پي پي هاڻي اصل آنڊا مان گڙ گاٽ ٿا اچن باقي اسان وارو چنڊ گرهڻ اجهو لڳو اوهان جا ڪهڙا حال آهين سائين اسان طرفان کوڙ ساريون عيد واڌايون