ادا هڪ گذارش ته هميشه اهو ويين ۽ خيال ،تصور امنگ آرزو ڏيو جنهن م دشمن ته نيست نابود هجي پر پنهنجي طرفان هميشه مايوس ڪندڙ نه ،نقصان ٿيندڙ نه ڏيکاريو هميشه دشمنن جا سر قلم ڏيکاريونه ڪي پاڻ کي جوکي ڀري انداز ۾ مان مڃان ٿو قرباني ۽ محبت اسان سنڌين کا ڪو سکي پر ادا هاڻي دنيا جي سوچ کي پڙهندي اهو ضروري ٿي پيو آ ته توهان جو خيال پختو اٽل ارادو ۽ منزل تي پڄڻ وارو لڳڻ لڳي ۽ دشمن کي ڪاپاري ڌڪ لڳل ڏيکارجي۔۔۔۔اها جنگي مشن آهي۔۔۔پاڻ کي ٿورائي ۾ به حاصلات گهڻو ،۽ دشمن جي تباهي وارو هجي ۔۔۔پاڻ کي مايوس ۽ پريشاني واري تصور ۾ نه ڏيکاريو ۽ شاعري وغيره ۾به ساڳو سٽإ يعني خيال مظاهمتي هجي۔۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني
جي ادا سائين ۔۔۔ صلاح سٺي آهي ۔۔۔ مايوس ته پاڻ ڪون آهيون ، انشاء الله هن مشڪل مان پار پونداسون ۔۔۔۔ اوهانجي صلاح ذهن ۾ آهي ۔۔۔ لک قرب
سلام ابا! سڀ کان پهرين تـ دشمن ڪوبه ڪِنهن جو ناهي بس صرف سوچن ۽ خيالن جا تضاد آهن ۽ انسان کي رب پاڪَ اهڙا تـ گُر ڏنا آهن جِن کي استعمال ڪري اسين پنهنجي زبان ،پنهنجي لهجن پنهنجن روين سان سُٺيو تبديليون آڻي سگهون ٿا ٿورو ڏکيو آهي پر نا مُمڪِن ناهي۔اسن پنهنجي زندگيءَ ۾ جي اگر اهو طئع ڪري ڇڏيون تـ ڪِنهن کي بـه دشمن نه سمجهنداسين تـ ايتري قدر جو دشمن کي به دوستيءَ وارو احساس محسوس ڪرائينداسين تـ سڀ هِڪ آهيون۽ جي اگر اسان ڪِنهن جي تباهيءَ وارو مقصد کڻي هلنداسين تـه ڪڏهن بـ ڪامياب نه ٿينداسين۔اسان کي فقط پنهنجي عملن ۽ روين تي غور ڪرڻو آهي۔انصاف َ ۽ فيصلي جا حق رب جي ذات پاڻ وٽ رکيا آهن۔۔۔۔۔اها منهنجي سوچ آهي ۽ ضروري ناهي تـ توهان اِن سوچ سان متفق هجو۔
سائين بهترين صلاح اوهان جي ان موضوع تي ڪم به ٿيڻ گهرجي ۔ ها اها ڳالھ به ضروري آهي ته جا بيماري آهي ان جي تشخيض اهم مسئلو آهي بنان تشخيص جي علاج ڪرڻ مريض جي مرض لاءِ هاڃيڪار ٿيندو ۔ ان تشخيص جو اندازِ بيان تبديل ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو ۽ مايوسي جو عالم به گهٽجي ويندو ۔ وسلام