• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ااندر ۾ جهاتي

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
اندر ۾ جهاتي
”منجهانئن ڪيئي مون وٽ آيا چيائون؛ ’اسان کي ڪا صلاح ڏي‘ !
مون جواب ڏنو؛ ”اهڙي ته خاص صلاح مون وٽ ڪانهي، جيڪا اوهان کي ڏئي سگهان. ٻاهرينءَ دنيا ڏانهن اوهان جا پنهنجا جيڪي رد عمل آهن، اوهان جي عملن جو انهن تي ئي دارومدار آهي.۽ آنءٌ پاڻ به اوهان جي اِن ٻاهرينءَ دنيا جو ئي هڪ جزو آهيان “.
منهنجي ڳالهين مان، ۽ پڻ ٻين جي ڳالهين مان، اوهان اهو ئي ڪجهه جذب ڪندا، جنهن کي اوهان پاڻ لاءِ موزون ۽ مناسب سمجهندا.
پر جيڪڏهن اهو ڄاڻڻ ٿا گهرو ته جنهن ماحول ۾ اوهين رهو ٿا، تنهن ۾ اوهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي-
ته پوءِ هڪ وار چپ ڪري، پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسو.‘ “
فرئنڪ ٽائون شينڊ
 
Back
Top