انسانيت

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ”ڪونهه آڳهه اهڙو، جهڙي محبت من“
    انسانيت
    هزارها سالن جي تهذيبي ارتقا کان پوءِ، فضيلت ۽ ڀل مانسائيءَ جي جنهن بلنديءَ تي اڄ انسان بيٺل آهي، اتان هن جي سامهون انسان ۽ انسان جي وچ ۾ فرق صرف، حق، انصاف ۽ نيڪيءَ جي بنياد تي ئي جائز ٿي سگهي ٿو. رنگ، نسل، مذهب، قوم ۽ اهڙيون ٻيون سڃاڻپ جون صفتون، قدرت طرفان حسن، سگهه ۽ صحت جون عنايتون، زندگيءَ ۾ پنهنجي مـُنهن حاصل ڪيل علم، دولت ۽ عزت و اقبال جون نعمتون- انهن مان ڪا به چيز، بذات خود، هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻئي ماڻهوءَ تي حقيقي فوقيت ڪانه ٿي بخشي. پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي، اهي سڀ چيزون چڱيون ئي آهن، پر انهن مان ڪنهن هڪ جي بنياد تي به پاڻ کي ٻين کان برتر ۽ اعلى سمجهڻ، ۽ ان ابليسي عادت جي اثر هيٺ ٻين کي نفرت ۽ ٻيائيءَ جي نگاهه سان ڏسڻ- فقط انڪري، جو هو ڪنهن ٻئي نسل، ڪنهن ٻئي مذهب يا ڪنهن ٻيءَ قوم سان واسطو ٿا رکن، يا هو شڪل جا ڪوجها، بيمار ۽ ڪمزور آهن، يا هو جاهل، غريب ۽ گمنام آهن- اِهو آهي ماڻهپي واري انهيءَ ليڪي کي ڄاڻي ٻجهي لتاڙڻ، جنهن کي انسانيت پنهنجي سڃاڻپ ۽ امتياز لاءِ جـُڳن جي اڻ ڳڻين ڪشٽن ڪڍڻ کان پوءِ مس مس وڃي هاڻي قائم ڪيو آهي. نظرياتي طور، اڄ ڪو به اهڙو مهذب انسان ڪونهي، جيڪو انسانيت جي انهيءَ ڪسوٽيءَ کان انڪاري هجي. ساڳئي وقت، حق، انصاف ۽ نيڪيءَ جو مفهوم پڻ ذاتي، خانداني، قبائلي، فرقيوار يا قومي مفاد جي دائري کان نڪري، اڄ ساري بني نوع انسان جي مفاد سان اچي همڪنار ٿيو آهي. خالص فلسفو جنهن جو بنياد عقل تي آهي، ۽ خالص مذهب جنهن جو بنياد ايمان تي آهي، سي ٻيئي، هڪ ٻئي سان انيڪ ڳالهين ۾ قطبين جي اختلاف هوندي به، انسانيت ۽ نيڪيءَ جي مٿين ٻن اصولن تي اڄ هر طرح متفق آهن. ”ذات انسان جي پيدائش هڪ نفس واحد مان آهي”، ”الله وٽ ڀلارو اهو آهي، جيڪو نيڪيءَ جو صاحب آهي“، ”نيڪ انسان اهو آهي، جيڪو بني نوع انسان جي ڀلائي ٿو ڪري“- اِهي انهيءَ عظيم مذهب جا فرمودا آهن، جيڪو آخرين مذهب آهي، ۽ جنهن تي مذهبي فڪر جي ارتقا جو اختتام ٿيل آهي. جيڪڏهن انساني اخوت، مساوات ۽ حريت جي هن عالمي مذهب جا ڪا عالم سڳورا اڃا به ان مان ڪي ابتڙ معنائون ۽ مطلب ٿا اخذ ڪن، ته اُهي سندن خالص پنهنجي ذهن جا ڪرشما آهن، جي کين ئي مبارڪ هجن- مذهبي ڄاڻ ۽ ڏاهپ جي اِها چؤنري شال مٿن ئي ڍرندي رهي، ته بهتر. پنهنجو ته واقعي سڌو سنئون ايمان آهي ته ”عشق سارو اسلام، مذهب محبت عين مبارڪ“- پوءِ جيڪڏهن ڪي عقل جا اڪابر، ڪمن جا سچا ۽ هر طرح معتبر فتوا باز اسان تي ڪفر، الحاد يا ڪميونزم جا نالا رکن، ته انهن کي ائين ئي چونداسون ته
    بدم گفتي و خرسندم عفاک الله نکو گفتي!- ”حافظ“
    سندن علمي تبحر اڳيان- جنهن جو واقعي ڪو اٿو مٿو کين به ڪونه ٿو معلوم ٿئي- اسان کي پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ جو احساس آهي؛ پر کين جو ان ۾ گهوتا کائيندي سالن کان پيا ٿا ڏسون، سو چئون ٿا ته ٿورڙو ئي علم، پر صحيح علم ۽ ذهن ۾ رٿائتو رکيل علم جيڪڏهن آهي ته اهوانسان جي صحتمند ۽ سالم نگاهه لاءِ ڪافي آهي. دل جو اطمينان ۽ قلب جو سڪون اهو ئي بس آهي ته پنهنجي آس پاس سان بي لوث ۽ مخلصانه تعلقات هجن. پورهيت ماڻهوءَ جون پنهنجي پورهئي ۾ ئي اکيون سونهن. ٻين کي لقبن لائڻ بدران، جيڪڏهن پنهنجي پاڻ تي ئي اک رکجي، ته هوند دلين جي ڪيني ۽ نفرت جا اوڙاهه از خود ٿڌا ٿي وڃن-
    ”ڪونهه آڳهه اهڙو، جهڙي محبت من“-شاهه
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو