منهنجي 16 سال اڳ لکيل هڪ تحرير

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    لکڻ پڙهڻ جو شؤق ننڍي هوندي کان هو. ٻاراڻي دؤر ۾ هرو ڀرو پيا تخلص به رکبا هئا. هي 16 سال اڳ يعني مئي 1997 جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻولي جي ارچڪ مرچڪ کان پوءِ بچيل واحد رسالي گل ڦل ۾ لکندا هئاسين. منهنجي هڪ تحرير کي گل ڦل پاران انعام به مليو هو. اڄ نيٽ گردي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سائيٽ تي هن لنڪ تي اهو مضمون مليو. هڪ پراڻي ياد تازه ٿي. مضمون ڪجهه هن ريت هو.
    نياڻين جي تعليم جي اهميت
    نياڻين جي تعليم جي تمام گهڻي اهميت آهي. ۽ انهي طرف هر ڪنهن کي توجه ڏيڻ گهرجي؛ ڇو ته صرف ڇوڪرا ئي پڙهي، اسان جي ملڪ جو نالو روشن نه ڪندا، پر نياڻيون به پڙهي اڳتي هلي ملڪ جي خدمت ڪنديون. اڳئين دور ۾ نياڻين جي تعليم جي ڪابه اهميت نه هئي. ڇوڪرين جا والدين صرف اهو ئي بهانو ٺاهيندا هئا، ته اسان وٽ ڇوڪرين جو پردي ۾ رهڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو، پر هاڻ نياڻين جي تعليم لاءِ سٺا اُپاءُ ورتا ويا آهن. ڪيترائي اسڪول کوليا ويا آهن. ان مان ظاهر آهي، ته نياڻين جي تعليم جي اهميت تمام اهم آهي.
    ڪنهن گهر ۾، هڪ عورت پڙهيل هوندي، ته ان جو گهر صحيح اصول ۽ طريقي تي هلندو، پر جنهن گهر ۾ ڪابه عورت پڙهيل نه هوندي، اتي ڪوبه اصول ۽ صحيح طريقو نه هوندو ۽ گهر ۾ فائدي بدران نقصان ٿيندو.
    ان لاءِ اسان کي نياڻين جي تعليم لاءِ وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ماءُ، پيءُ کي به گهرجي ته هو پنهنجي نياڻين جي تعليم ڏانهن توجه ڏين ته جيئن، ڇوڪريون به اڳتي هلي پنهنجي ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ جي خدمت ڪن.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جو ان وقت به علم ۽ تعليم سان چاهه جيڪو اڄ به آهي۔

    اوهان عورتن جي تعليم تي مثبت سوچيو ٿا اهو به ڪمال آهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    خوبصورت خيال جنهن کي سنڌ م عملي جامعو پهرائڻ اڄ به ڏاڍو ڏکيو آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان جي تحرير غور سان پڙهيم ۔۔۔ وري به پڙهيم ۔۔۔۔ حيرت ٿيم ته 16 سال اڳ جي لکيل تحرير ڪنهن ٻار جي تحرير نه هوندي ۔۔۔ ان حساب سان مون کي توهان کي چاچو چوڻ گهرجي پر توهان لڳو نه ٿا۔۔۔ ڇا توهان ٻڌائيندو ته توهان ”عبدالحفيظ النواز ملڪاڻي“ کان عبدالحفيظ لغاري تائين پهچندي ڪهڙا بادام ۽ ڪهڙا حلوه کاڌا آهن۔۔۔ ۽ جي واقعي به ڪو نسخو آهي ته مهرباني ڪري چاچا عرس پريو تائين پهتو ڪندا۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هاهاهاهاهاها! بس وڏا! زماني جا ڌِڪا، بابا جا دڙڪا (غير نصابي ڪتاب پڙهڻ تان)، ويلهن کي ٺيلها ئي منهنجا بادام ۽ حلوا رهيا آهن۔ عرس پريو کي کپن ته مولا کي ٻاڏائي۔ ها باقي اسان ٻئي اوهان کي چاچا چئي سگهون ٿا۔ ۽ شايد لڳو به ٿا۔ ڪيئن نثارابڙو صاحب؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ها ا ابا ها اوهان ته هاڻي به اسان لاء 15 سالن جا آهيو ههههههههههههه تمام بهترين تحرير يار
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا عبدالحفيظ لغاري توهان درست چيو اسان جي عمر ڪيتري به هجي پر ايتري لڳندي ڪان آهي ذيشان رشيد ته ڏسڻ ۾ ڏاڏو ٿو لڳي ڀلي سائين نثارابڙو ئي فيصلو ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هڪ طرف ليک آهي جيڪو ان دور جو آهي جڏهن پاڻ وڌي وڻ ٿيا هياسون ۔۔۔ ۽ حفيظ اڃان ننڍڙو گل ڦل ۔۔۔ پر پوءِ به سندس ليک انتهائي ڪارائتو ۽ فهم وارو آهي ۔۔۔ چوندا آهن ته؛

    سڀاڳو ٻار پينگهي ۾ پڌرو ۔۔۔ سمهاريس اونڌو ته سنئون ٿي پوندو ۔۔۔

    جو وڙ جڙي جن سين سو وڙ سي ئي ڪن ۔۔۔

    حفيظ سهڻو ۽ سلڇڻو، سنڌ دوست آهي ۔۔۔ سندس چهري جي مشڪ ڪيترن ئي ڏکايلن کي به سکيو ڪري وجهندي آهي ۔۔۔
    اهڙن انسانن جو آءُ عاشق آهيان ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته اهڙا انسان هوندا ئي پيار جي لائق آهن ۔۔۔۔

    سدا جيئو سهڻا سائين ۔۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    لڳ ڀڳ اهڙي قسم جي هڪ ٻي به چوڻي آهي پر جي ٻڌايم ته عرس پريو ڪاوڙجي پوندو۔۔۔ :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ابارشيد ۔۔۔ محترم واڍي عرس سان گهڻو نه اچاءُ، سياڻو ٿيءُ ۔۔۔ ڇاڪاڻ مونکي پاڻ واري ڪمپيوٽر جي دري لڏندي نظر ٿي اچي ۔۔۔۔ ههههه

    باقي جي چوڻيءَ کي انجي ابتڙ ڪندا ته به مقصد ساڳيو ئي نڪرندو ۔۔۔ هروڀرو ڳالهه ڪا ڏکي ڪانهي ۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو