• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايڪ قصر در لک ......

نثارابڙو

نائب منتظم
ايــڪ قصر، در لک، ڪـــوڙين ڪڻـــس ڳڙکيــون،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صــــاحب سامهون.
734164_10151341207053948_1917159997_n.jpg

الله جو وجود هوائن ۾ آهي ... جيڪا هر انسان کي مفت ۾ ملي ٿي
الله جو وجود روشنيءَ ۾ آهي ... جيڪا هر انسان جي نصيب ۾ آهي
الله جو وجود نر ۽ ماد جي ميلاپ ۾ آهي ... جتان جيءُ پئدا ٿئي ٿو.
الله جو وجود ٻوٽن تي اڀرندڙ گلن ۾ آهي، جن جي خوشبو هر جيوت لاءِ آهي.
الله جو وجود بادلن جي بوندن ۾ آهي، جيڪي جڏهن وسن ٿيون ته سموري دنيا کي سيراب ڪري ڇڏن ٿيون.
الله جو وجود ماءُ جي ممتا ۾ آهي، جنهن جو پيار انسان کي ٻلوان ڪري ٿي.
الله جو وجود پيءُ جي شفقت ۾ آهي جنهن جي هدايت انسان کي هر مشڪل سان منهن ڏيڻ سيکاري ٿي.
الله جو وجود ماکيءَ جي مک ۾ آهي، جيڪا بنا ڪنهن اجوري جي اهڙو ته مادو پئد ڪري ٿي جو انسان کي سگهه ۽ شفا ملي ٿي.
الله جو وجود ڪڻڪ جي داڻي ۾ آهي، جنهن مان پيٽ جي بک اجهامي ٿي.

سمهان ته خوابن ۾ ميلو، جاڳان ته من ۾ محبوب ....
 
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صــــاحب سامهون

لطيف سائين جي هن بيت جي اهميت جو اندازو لڳايو۽ سندس مشاهدو ۽ لفظن جو سٽاء ڏسو ۔۔۔ لاجواب
 
Back
Top