سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت(مرڪز) جي گهڻي عرصي کان پوءِ پهرين مرڪزي گڏجاڻي

'تصويرون ۽ وڊيوز' فورم ۾ سهڻي پارس طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2013۔

  1. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت (مرڪز) ڳوٺن کي سڌارڻ ۽ سنڌي سماج ۾ جاڳرا پيدا ڪرڻ لاءِ هِڪ اڻ وسرندڙ تحريڪ رهي آهي.جِنهن جا سرواڻ سنڌ جي سڄاڻ شخصيت ڊاڪٽر خان محمد پنهور صاحب جِن هئا.سندن وِسال کانپوءِ هِن تحريڪ ۾ ڪُجهـ ماٺار اچي وئي.پر اسين ساڳين جذبن ۽ سوچُن سان گڏ نئي فِڪِر ۽ سوچ جوش ۽ جذبي سان اُن ساڳيءَ تحريڪ کي نواڻ بخشي اڳتي وڌڻ جو عهد ڪيو آهي.ڇو تـ سنڌ ڌرتيءَ کي اهڙي تحريڪ جي سخت ضرورت آهي.اُن ڳالهـ کي سامهون رکندي اسان (سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت) (مرڪز)جاڪجهـ پراڻي۽ ڪجهـ نوان ساٿي اڄ اُن لاءِ گڏ ٿيا آهيون تـ جئين پنهنجن ارادن کي عملي جامو پهرائي سگهون.اِهو اڄ بتاريخ12.1.2013 منجهند 12 وڳي جي هِن مرڪزي گڏجاڻي جو اِهو ئي مقصد آهي.گڏجاڻي جي اختتام تي بهترين۽ سنڌ جي سريلي راڳي محترم ٻالڪ سنڌي چند ڪلام ٻڌائي هِن گڏجاڻي کي معتر ڪري ڇڏيو.هِن گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانِ خاص محترم عبدالغفار ملِڪ چئرمين (سنڌ ڊولپمينٽ سوسائٽي)،محترم غلام مصطفيٰ بلوچ(ريجنل هيڊ ايس پي او حيدرآباد)،محترم قمر شيخ (ريٽائرڊ ڊي ايس پي)،محترم صدرالدين جتوئي،محترم سُميرزمان ميمڻ، محترمـ فردوس سانگي(چئرمين اي بي سي ڊي)،محترمـ عارفـ سيال،محترمـ زرينـ گهانگهرو،سرفراز ٻگهيو،عبدالمجيد پنهور(ڊپٽي ريجسٽار سنڌ يونيورسٽي)،گُل محمد ٻگهيو،احمد سومرو،نسيم خان پنهور هئا۔۔ن

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر خان محمد پنهور صاحب جي شخصيت سماجي خدمتن جي حوالي سان امر شخصيت آهي۔ سندس خدمتن مان هڪ ڳوٺ سڌار سنگت جو بنياد هو۔ اسان جي اميد آهي ته ڪاش ڳوٺ سڌار سنگت پهريان وانگر ٻيهر فعال ڪردار ادا ڪري۔

    مهرباني جو اوهان رپورٽ پيش ڪئي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    مهرباني ادا سليمان ۔۽ مان اِها ئي ڪوشش ڪندس تـ بابا سائين جي رهجي ويل مِشن کي مُڪمل ڪري سگهان توهان دوستن جو ساٿ هر پل کپندو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ادي ميٽنگ ۾ محترم گل محمد ٻگهيو ته نظر اچي ٿو الائي نه باقي محترم رسول بخش ٻگهيو جن نمايان نظر اچي رهيا آهن ڪاٿي ان کي ته گل محمد ٻگهيو سان متعارف نه پيو ڪرايو وڃي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ابا! محترم گُل محمد ٻگيو پڻ موجود هئا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو