• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڪبر لاکو صاحب کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار

اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

علي ظفر

نائب منتظم
انتظامي رڪن




اسلام عليڪم دوستو

مهمان نوازي جو فرض نڀائيندي مان سنڌ سلامت سٿ پاران پهنجي محترم ۽ پرين پياري ڀاء ادي اڪبر لاکي جن کي سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چوان ٿو ۽ مون ادا جي لاء کوڙ سارا گل به آندا آهن اميد ته مهجي سر جي سائين کي قبول پوندا ادا اڪبر جيڪڏهن اوهان پهنجو تعارف ڪرائڻ پسند ڪيو ته اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي










]​
 
ادي اڪبر لاکي کي هي ناچيز هن فورم تي دل جي گهراين سان خوش آمديد چوي ٿو، گل ته ادا علي علي اڳواٽ پيش ڪري چڪو آهي، پر اسان جون دعائون توهان سان، گڏ آهن، ادا جيڪڏهن توهان پنهنجي تعارف ڪرڻ پسند فرمايو ته اوهان جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻي اسان کي تمام خوشي محسوس ٿيندي۔
 
صحيح ۾ ٻيهر ڪنهن به فارم جي لنڪ نه لڳائيندا
ترميم ڪندڙ عامرضياء چارڻ۔
عامرضياء چارڻ جيڪڏهن لنڪ ڪنهن سنڌي سائٽ يا فورم جي آهي ته لڳڻ کپي۔ان سان اسان وڌيڪ سنڌي ٻولي ترقي ڪندي وڌيڪ اوهان جي مرضي۔
 
منهنجا پيارا مٺڙا ڀائرو، اهو سڀ ڪجهه انهي ڪري ٿيو آهي جو سنڌ سلامت فورم جا هن وقت تائين Rules & Regulation لاڳو نه ٿيا آهن۔ ڪنهن سائيٽ جو لنڪ ڏيڻ يا حوالو ڏيڻ بابت اڳ ئي سنگت مشورا ڏنا آهن ته جيڪڏهن سائيٽ سنڌي آهي ته ان جو لنڪ ڏئي سگهجي ٿو۔ ادا اڪبر جيڪڏهن توهان کي ڪنهن ڳالهه جو ڏک رسيو هجي ته درگذر ڪندا
 
صحيح ۾ ٻيهر ڪنهن به فارم جي لنڪ نه لڳائيندا
ترميم ڪندڙ عامرضياء چارڻ۔
عامرضياء چارڻ جيڪڏهن لنڪ ڪنهن سنڌي سائٽ يا فورم جي آهي ته لڳڻ کپي۔ان سان اسان وڌيڪ سنڌي ٻولي ترقي ڪندي وڌيڪ اوهان جي مرضي۔

ادا توهان بلڪل صحيح ٿا چئو پر اسان جا ميمبر سنڌي سائيٽ جي لنڪ ڏئي سگهن ٿا پر ڪنهن به فارم جي لنڪ نه ٿا ڏئي سگهن چاهي اهو سنڌي فارم هجي، اڃان تائين فارم جا Rules نه آهن لاڳو ڪيا ويا وڌيڪ ادا رشيد جي جواب جو انتظار رهندو۔ ۔ ۔ ۔
 
محترم اڪبر لاکو صاحب مطلب اسان جو بهترين دوست سنڌ سلامت جي اڱڻ تي آيو هو، سندس لک لائق ۽ قرب جو بحيثيت سنڌي جي پنهنجو ناتو نڀايو اٿس، اهي ته سائين اڪبر جا ٿورا چئبا جو پاڻ پنهنجي هزارين مصروفيتن مان ڪجهه لمحه ڪڍي پنهنجو ناتو نڀائڻ آيو ۽ سنڌ سلامت فورم جا ڀاڳ جاڳائڻ آيو، پر مونکي هڪ ڳالهه جي خبر نه پئجي سگهي ته سائين اڪبر لاکي پنهنجي لکڻي ڇو ختم ڪري ڇڏي، ٿي سگهي ٿو سائين اڪبر لاکي صاحب کان سندن لکڻي غير ارادي طور ختم ٿي وئي هُجي، افسو س مان اها لکڻي پڙهي سگهان ها ته سنڌي ٻوليءَ جي هڪ سرويچ هڪ عظيم دوست ڇا لکيو هو، مونکي خبر آهي ته سائين لاکو بحثيت سنڌي ءُ جي سنڌ سلامت جي سڀني نوجوانن کي مفيد مشورن سان ضرور نوازيندو، ۽ کين آئي ٽي جي دنيا جون نيون راهون ڏيکاريندو، ادا علي علي تُنهنجا لکين ٿورا جو توهان سنڌ سلامت تان سائين اڪبر لاکي جو مانائتو استقبال ڪيو، باقي سگنيچر ۽ پنهنجي پنهنجي فورم جي لنڪ ڏيڻ ۽ نه ڏيڻ واري ڳالهه مُنهنجي سمجهه ۾ نه آئي، سنڌ سلامت جي نوجوانن کي مُنهنجي گُذارش آهي ته هُو محبتون ورهائڻ سکن، پنهنجي فورم جي وشال اڱڻ تي پيار ورهائڻ سکن، پنهنجي سينئر چاهي جونيئرن سان پريت ۽ چاهت وارو ورتاءُ ڪرڻ سکن، هيءَ زندگي انتهائي ٿوري آهي سندن ڪاميابي انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته پاڻ ان وڻ جي مثل ٿين جيڪي سارو ڏينهن ڌوپ ۾ رهي ٻين کي ٿڌيون ڇانئون ڏين ٿا، جيڪڏهن توهان کي پنهنجي چمن جي ساک برقرار رکڻي آهي ته پنهنجي چمن مطلب گُلشن مان سارن ڪنڊن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ته جيئن پرين ان گُلشن ۾ گهمڻ اچن ته سندن پير زحمي نه ٿين، اهي لکين قرب کڻي توهان وٽان وڃن. الله سائين توهان سڀني دوستن کي ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون عطا ڪري آمين​
 

سائين ناز صاحب واقعا اسان کي اوهان تي ناز آهي ۽ هر ان نو جوان تي به ناز آهي جيڪو سنڌي زبان جي ترقي لاء جاکوڙي رهيو آهي
باقي ادا اڪبر پوسٽ ڪئي ۽ پوء ان کي ختم ڪري ڇڏيو واقعا اهو بهتر نه هو خير اسان ڪي هر سنڌي نوجوان کي پاڻ سا گڏ وٽي هلڻو آهي ۽ هن فورم جو به مقصد اسان پاڻ ۾ محبتون ۽ چاهتون ورهائڻيون آهن ان ڪر اسان کي ادا اڪبر جو هر انگل منظور آهي ان ئي ڪري اسان سنڌ سلامت فورم جي قاعدن قانون ۾ به ڪجه تبديلي پڻ آندي آهي ادا اڪبر کي مان هڪ دفعو ٻيهر عاجزاڻي التجا ڪندس ته توهان فورم تي ضرور اچو پهنجا خيالات اسان سڀني دوستن سان شيئر ڪيو ۽ اوهان پهنجي سڪنيچر ۾ جيڪا لنڪ ڏيو ڏئي سگهو ٿا هي اوهان جو پهنجو فورم آهي جلد بازي ۾ اسان جي جنهن ڀاء کان ڪا به هيٽ مٿانهي ٿي ته ان لاء اسان اوهان کا معزرت خواه آهيون اميد ٿو ڪيان ته اوهان ضرور هن فورم تي ايندا ۽ اسان سڀني کي پهنجي دست شفقت کان محروم نه ڪندا ۽ اسان جي محبتن جو قدر ڪندا​
 
محبتن چاهتن جي هن ساٿ ۾ ڪنهن سان نفرت جو اظهار نه فورم جو حصو بڻيو آهي ۽ نه وري ڪو سنڌي جوڌو بنائڻ ڏيندو۔
سنڌ ۽ سنڌ سلامت تي پنهنجي هر مهمان کي کلين ٻانهن آڌر ڀاء ڪرڻ ته اسان جي ثقافت آهي۔
هي ته اهو پليٽ فارم آهي جتان هڪ ٻئي سان محبت ته ڪبي ئي ڪبي پر نفرت کي به ختم ڪبو۔
مڃيم ته پنهنجا پنهنجا جذبات هر انسان کي عزيز هوندا آهن پر خدارا پنهنجي ذاتي رنجشن کي فورم جو حصو بنجڻ نه ڏيو۔
ادا اڪبر توهان کي فورم تي ڀليڪار۔ توهان جي ساٿ کي فورم تي ڏسي اسان جا حوصلا وڌندا ان ڪري سنڌ سلامت توهان جو منتظر آهي
 
فورم جا قانون جلد لاڳو ڪيا ويندا۔
فورم سڀني سنڌي ڀائرن جو آهي ان ڪري ڪوشش ڪري ڪنهن جي دل آزاري نه ڪئي وڃي۔
اڪبر کان معزرت ڪئي وئي آهي ۽ کيس ٻيهر فورم لاءِ دعوت به ڏني وئي آهي ان ڪري هن موضوع کي هتي ختم ڪيو ٿو وڃي۔
 
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
Back
Top