نثارناز
سينيئر رڪن
محترم ساٿيو، سنڌ واسيو، هينئر مُنهنجي هٿن ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي چنڊ جهڙي خوبصورت شاعر محترم ايوب کوسو جو شاعري وارو ڪتاب ”ڪنارن جا سڏ“ موجود آهي، دوستو ايوب کوسو جو جيڪو به ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان ڪوشش ڪري پهرين فرصت ۾ خريد ڪري وٺندو آهيان هي ڪتاب ڪافي عرصو مارڪيٽ ۾ اچي چُڪو هو، پر ڪيڏي مهل کيسي جو خان صفا ڪنگلو ٿيو پوي ته ڪيڏي مهل حيدرآباد وڃڻ ٿئي ته چائينيز هوٽل واري رستي تان گُذر ڪونه ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔حيدرآباد جي حيدر بخش جتوئي وارو چوڪ سنڌي ڪتابن جي مرڪز وارو چوڪ سڏبو آهي پر انهي ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ ڪونه ڪو مسئلو آڏو اچيو وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄ پاڙي ۾ هڪڙي فوتگي ٿي پئي سو مان قبرستان هليو ويس۔۔۔۔۔۔۔۔۔ گهر آيس ته مون واري ٽيبل تي سامهون سامهون اهو ڪتاب پيو هو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الا هي ڪتاب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪنارن جا سڏ ڪير ڏئي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔خوشيءَ وچان مان ٻهڪي اٿيس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ منهنجي ننڍڙي نياڻي ٻاتن ٻاتن ٻولن سان چيو ته ابو۔۔۔۔۔۔ ابو۔۔۔۔۔۔۔ اهو ڪتاب چاچا چريو سائين ڏئي ويو آهي توهان جي لاءِ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڙي سائين زُلفي آيو هو ڇا؟ مون گهر وارن کان پُڇيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ها آيو هو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ميرا ڪپڙا، ڏاڙهي وڌيل، وار وکريل۔ڪپڙا ليرون ليرون، پيرن اُگهاڙو، پوءِ توهان کيس ٻُڌايو ڪونه ته مان قبرستان ويل هُئس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ها اسان کيس چيو هو ۽ ماني جو به پڇيو هو پر پاڻ صرف اهو چيائين ته ڪافي ڏينهن کان ادا نثار کي هن ڪتاب جي ضرورت هُئي؟ مان سوچ ۾ پئجي ويس ته زُلفي ته ٽن مهينن کان مون سان مليو ڪونهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هن درويش کي ڪيئن خبر پئي ته مونکي ايوب کوسي جي هن ڪتاب جِي ضرورت هُئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ايتري ۾ منهنجي ننڍي ڀاءُ مشتاق اهو چيو ته زلفي شاهه اهو به چيو پي ته ادا نثار لاءِ هي ڪتاب مان چوري ڪري آيو آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔بهرحال ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔زُلفي شاهه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بغير مونسان ملڻ جي هليو ويو پر سندس نشاني ايوب کوسي جو هي ڪتاب مونکي ايترو ته وڻيو آهي جو پهرين فرصت ۾ هڪ ڪلاڪ جي اندر اندر 159 پيجن جو هي ڪتاب پڙهي پورو ڪيم۔۔۔ ان جو هڪ غزل وڃايل دلبريون ڳوليون کي ڊيزائنگ سا به پاور پوائينٽ جوڙي راس ڪيو اٿم صرف ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ايوب کوسي جي غزل جي تصويري شڪل توهان کي ڪيئن لڳي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته سُٺي لڳي هوندي۔۔۔۔۔۔۔