نثارابڙو
نائب منتظم
عشق

جي ايم سيد جا قول
عشق
اهو قانون فطرت جو ڪثرت کي وحدت ۾ سمائي ٿو ان جو ٻيو نالو عشق آهي
عشق کي اهل تصوف ٻن قسمن تي مشتمل ڪيو آهي ( 1 ) مجازي عشق ( 2 ) حقيقي عشق
مجازي عشق کي ٽن درجن ۾ ورهايو ويو آهي ( 1 ) شخصن سان محبت ( 2 ) قوم جي محبت ( 3 ) انسان ذات جي محبت
چونڊيل دوستي وڻ جي ٿڌي ڇانو ۾ گرميءِ وقت آرام وٺڻ جي مثال آهي
مون سنڌي قوم جي عشق ۾ منجهس هيٺيون خوبيون ڏٺيون آهن
( 1 ) وفاداري
( 2 ) ڪم آزاري
( 3 ) مهمان نوازي
( 4 ) رواداري
( 5 ) غيرت
( 6 ) حيا ۽ ادب
( 7 ) پيغام محبت ۽ امن
جتي سونهن آهي اتي خدا جو نور آهي
حسن عشق جو ڪارڻ ۽ روح جي راحت آهي
حسن خلقت ڪائنات جو محرڪ آهي
جيئن گلاب جي گل سان ڪنڊا به شامل رهن ٿا اهڙيءِ طرح هر خوبصورت نظاري پويان بدصورتي به ڇپيل رهي ٿي پر حقيقت جي نظر سان ڏسڻ مان پتو پوي ٿو ته اهي سڀ نظر جا ڌوڪا هئا ورنه حسن جي حڪومت هر جاءِ تي قائم آهي
محبت جي دنيا سوداگر واري نه آهي هن ۾ ڏي وٺ نه ٿيندي آهي
شخصي محبت جا مقصد، پائيدار دوستي، رفاقت، باهمي تعاون ۽ هڪ ٻئي کان سبق پرائڻ ٿين ٿا ليڪن ماڻهو جڏهن بنا تميز جي صرف ظاهري شڪل شباهت تي موهجي محبت ڪرڻ لڳي ٿو ته مٿي ذڪر ڪيل چارئي مقصد حاصل ٿي نه سگهندا
عشق حقيقي مجازي مرحلا طئي ڪرڻ بعد شروع ٿئي ٿو خدا جي سڃاڻپ لاءِ ميدان مجازي عشق ۾ هموار ٿئي ٿو تنهن ڪري مجاز ۽ حقيقت کي جدا ڪري نٿو سگهجي اهي رڳو عشق جا مرحلا آهن
علم جا ٻه پهلو آهن هڪ روحاني ٻيو مادي ٻئي رجحان تنها مفيد ٿي نٿا سگهن ٻنهي جو سنگم لازمي آهي جو صرف محبت يا عشق ذريعي ٿي سگهي ٿو
ٻن شين جي محبت هڪ وقت رکڻ دوئي آهي
عبادت جيڪڏهن سڪون ۽ دل جمعي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ علم کري ۽ کوٽي جي تميز پيدا ڪرائي ۽ عمل زندگيءِ ۾ تحرڪ پيدا ڪيو ليڪن عشق مجازي انهيءِ ۾ هم آهنگي يڪجهتي پيدا ڪري منزل مقصد طرف هلڻ جي جرئت پيدا ڪئي
عبادت مون کي خودي بخشي ۽ عشق بي خودي عطا ڪئي
علم مون کي شڪ ۽ شبهن جي دنيا سان واقف ڪيو عشق انهن کي بدلائي يقين محڪم سان رڱي ڇڏيو
اها عشق جي ڏات هئي جنهن مون کي اسلام جي صحيح معني کان واقف ڪيو
عشق اهي ڳالهيون سيکاريون جي نه ذڪر نه علم نه فڪر سيکاريون هيون
مجازي عشق مون کي خبر ڏني ته دائره عقل کان مٿي به ڪا دنيا آهي
عشق مون کي پاڻ تي رضاڪارانه پابنديون وجهڻ سيکاريون جن اخلاقي قدرن جي صورت ورتي عشق علم ۽ عمل کي ملائڻ جو ذريعو آهي
عشق بي ڪيف زندگيءِ ۾ سرور پيدا ڪرڻ جو وسيلو آهي عشق بذات خود هڪ ڪيفيت آهي جنهن جي موجودگي ٽامي کي سون بنائي ٿي خاڪ کي ڪيميا جو درجو ڏئي ٿي
محبت جي ڪري شڪ شبها ۽ خوف خطرا نڪري وڃن ٿا
محبت مذهب جو روح آهي محبت مان اتحاد پيدا ٿي امن لاءِ ماحول پيدا ڪري ٿو امن جو پيدا ٿيڻ انساني ترقي لاءِ لازمي امر آهي