سهڻي پارس
سينيئر رڪن
تنھنجي ياد کي
پير ھجن ھا!
تـ شايد
تنھنجي راھُن تي
تنھنجي قدمن تي
ھلندي ھلندي
تو تائين ضرور پھچان ھا!
پر جانان!
تنھنجي ياد کي تون
پاڻ جيان
ايترو مغرور
ڪري ويو آھين
جومون کي منھنجي
اندر ۾
ساڙيندي ٿي رھي
ھر پل ماريندي ٿي
رھي
ڇو تـ تنھنجي اجازت
جو مرڪز فقط
ايترو آھي
جنھن ۾مان
پنھنجي ئي آس پاس
توکي محسوس ڪري ٿي سگھان
نڪي اُن کان ٻاھر!
ٻڌاءَ جانان
توتائين ڪئين پھچان!!!!