You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly.
You should upgrade or use an
alternative browser.
ھوءَ منھنجو اڌ ھُئي
جيڪا مون کان وڇڙي وئي
منھنجي سڏ تي
ارڏي ٿي ويندي ھئي
سندس پويان ڊڪندي ڊڪندي،
ٿڪجي آخر!
مان رسُي ويندي ھئس،
پوء ھوءَ مون ڏي
ايندي ھئي،
مُرڪي مون کي چوندي ھئي،
مان امان کان کٽي ويس،
مان امان کان کٽي ويس!
ھا!واقعي ھوءَ مون کان
کٽي وئي،
۽ مون کي ھميشـ لاءَ
ڇڏي وئي،
وڏو وڇوڙو ڏئي وئي
ھا ھوءَ مونکان رسي وئي
ھا ھوءَ مون کان کٽي وئي!
ھا ھوءَ مون کان کٽي وئي!!!!!
مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
وڏو وڇوڙو ڏئي وئي
ھا ھوءَ مونکان رسي وئي
ھا ھوءَ مون کان کٽي وئي!
لفظن ۽ اظهار ۾ ڏک، پيڙا ۽ درد سمايل آهي، اوهان جا احساس ڏک ڀرين لمحن سان ٽمٽار پيا لڳن، ڪنهن پنهنجي جو ڏک جيڪو نه وسرندڙ هجي