مياري آھيان

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
مان تنھنجي مياري آھيان
ڇو تـ تو چيو ھو!
منھنجي وئي کان پوءَ
مون کي نـ سارجان
پر اي پرين!
مان مجبور آھيان
پنھنجي ذات مان
تنھنجي ذات کي
ڇني ڌار ڪرڻ،
نا ممڪن آھي
۽ تنھنجي وئي کان پوءَ
مان ارپي ڇڏيو،
تنھنجي ياد کي پنھنجو پاڻ!
 
Back
Top