سهڻي پارس
سينيئر رڪن
انسان هميشـ محبتون حاصل ڪرڻ جي جُستُجو ۾ رهيو آهي۔ڪاش انسان اِهو سمجهي وڃي تـ لا حاصل محبتون وڌيڪ مانائيتون هونديون آهن ۽اُنهن جي اهميت وڌيڪ هوندي آهي۔جڏهن انسان محبتون چاهتون حاصل نـ ڪندو آهي تـ اُهو وڌيڪ حساس ٿيندو آهي ،۽ جڏهن حساسيت وڌيڪ مقدار ۾ هوندي آهي تـ انسان کي هر انسان جو احساس ۽ قدر هوندو آهي۔ٻئي جا ڏک سور لُڙڪ پنهنجا محسوس ٿيندا آهن۔حساس ماڻهو ئي انسانيت کي درد کي وڇوڙي کي پيار کي خوشيءَ کي ٽهڪ کي،مُرڪ کي ۽ خاموشيءَ کي سمجهي سگهي ٿو۔ بنصبت اُن جي جِنهن زندگيءَ ۾ هر خوشي حاصل ڪئي آهي۔ڪو ڏُک نـ ڏٺو آهي۔