هڪ دفعي هڪ بادشاهه هڪ ڪنڀر جي گڏهن کي هڪ ئي لائين ۾ هلندي ڏٺو ۔۔۔ هن ڪنڀر کي گهرايو ۽ پڇيو ته ”هي هڪ ئي قطار ۾ سڌا ڪيئن ٿا هلن۔۔۔؟“ ڪنڀر چيو ته ”جيڪو لائين ٽوڙيندو آهي مان ان کي سزا ڏيندو آهيان۔۔“ بادشاهه چيو ته ”منهنجي ملڪ ۾ امن امان قائم ڪري سگهين ٿو۔۔ ؟“ ڪنڀر حامي ڀري ۽ بادشاهه سان گڏ هلي پيو۔۔ سلطنت پهچندي ئي درٻار لڳي ۔۔۔ پهريون مقدمو هڪ چور جو آيو۔۔ ڪنڀر فيصلو ڪندي چور کي چوري ڪرڻ جي جرم ۾ هٿ ڪٽڻ جي سزا ٻڌائي۔۔۔ جلاد وزيرِاعظم جي طرف اشارو ڪيو ته چور کي ان جي سرپرستي حاصل آهي۔۔۔ پر ڪنڀر ٻيهر حڪم ڏنو ته چور جو هٿ ڪٽيو وڃي۔۔۔ وزيرِ اعظم سمجهيو ته شايد جج کي پيغام صحيح سمجهه نه آيو ۔۔۔ ان ڪري هو اڳتي وڌيو۔۔۔ ۽ ڪنڀر جي ڪن ۾ چيائين ته ۔۔۔ ”هي پنهنجو ماڻهون آهي۔۔۔“ ڪنڀر بطورِ جج اعلان ڪيو ته ۔۔۔ ”چور جو هٿ ڪٽيو وڃي ۽ وزيرِاعظم جي زبان ڪٽي وڃي۔۔۔“ بادشاهه فيصلي تي عمل ڪرائي ڇڏيو۔۔۔ رت جي راند ۽ باهه ۾ وڪوڙيل ان ملڪ ۾ ان هڪ ئي فيصلي سان عمل ٿي ويو۔۔۔ جيڪڏهن گنهگار جي سفارش ڪرڻ واري جي زبان ڪٽي ڇڏجي۔۔۔ جيڪڏهن پنهنجن جي سرپرستي ڪرڻ ڇڏي ڏجي۔۔۔ جيڪڏهن مخالفن کي ڦاسائڻ جون چالون بند ڪري ڇڏجن۔۔۔ ته گوليون به بند ٿي وينديون۔۔۔ ته قتل غارت گري به رڪجي ويندي۔۔۔ ۽ ملڪ ۾ امن به قائم ٿي ويندو۔۔۔
بس ڙي يار رشيد ۔۔۔۔۔ ڪنڀر ته گهڻا آهن پر اهڙا بادشاهه ڪٿان اچن، هت ته سڀ هڪجهڙا آهن، صرف چهرا ٿا مٽجن۔۔۔۔