سنڌ سلامت جي جهوني نثارناز جي نڪور شاعري

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏14 جنوري 2013۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
    ڪافي ڏينهن کان مونکان مُنهنجي رُسڻي محبوبه (ڏات جي ديوي) رُسي وئي هُئي پٽڪا پلاند پوتيون، ٽوپيون لاهڻ کان پو اجهو هن ريت پرچي منهنجي حال ڀائِي ٿي آهي، رُسڻي محبوبه جيئن ئي مون سان حال ڀائي ٿِي آهي تيئن مان ڀي توهان سان حال ڀائي ٿيان پيو هڪڙو غزل ڇير نه تون ڇمڪا سَکِي ڙِي ۽ هڪڙو آزاد نظم ناتا رشتا توهان سان ونڊ پيو ڪريان، ائين سمجهو پنهنجا نمبر پيو وڌايان هاڻي اهو توهان ڀائرن ۽ ڀينر تي منحصر آهي ، ته منهنجي هن شاعري کي ڪيئن ٿا سمجهو۔ مهربانيون توهان سڀني جون ۔

    [​IMG]
    ڇير نه تُون ڇمڪا سَکِي ڙِي۔۔۔!!​
    ميت نه ڪنهنکي ڀا سَکِي ڙِي​
    ڪير به ڪنهنجو ناههِ سَکِي ڙِي​
    پير جَهلي ڇڏ پنهنجا پيارِي​
    ڇير نه تُون ڇَمڪا سَکِي ڙِي​
    خُود غَرِِضِي جي طُوفان آڏو،​
    دل کي رکجان جا سَکِي ڙِي​
    وحشت واري راڄ ۾ هر پل،​
    دل کي رکجان جا سَکِي ڙِي​
    ”ناز“ پٿر جِي مورت اڳيان،​
    ڪڏهن نه ڪنڌ جُهڪا سَکِي ڙِي​
    نثاراحمدناز​
    [​IMG]
    آزاد نظم: ناتا رشتا۔۔۔۔۔۔!!​
    توهان جا اصول ،​
    توهان کي پرتا،​
    اسان جو خُلوص، اسانجو ساٿِي،​
    آهي وڙ توهان جو ،​
    ڀَلي مُنهن سُڄايو،​
    ڏَئِي مُنهن کي موڙا !​
    اسان کان سچايون ڇِنِي ڪونه سگهندا،​
    اسان نينهن جا پيا،​
    نعرا هڻون ٿا،​
    وفائن تي پنهنجي خوش ٿِي کلون ٿا،​
    توهان ڪُوڙ تي جي،​
    سندو ٻَڌو ٿا،​
    جَلِي کامِي بلڪل جلو ٿا،​
    اسان جُون وفائون ،​
    لِڪِي ڪونه سگهنديون،​
    اسان جا بڻايل سڀئي ناتا رشتا،​
    قرآن ، گيتا ۽ انجيل جهڙا،​
    سڀئي پاڪ پويتر،​
    سڀئِي ڏاڍا سُندر،​
    اسان جا سي ناتا۔۔۔۔!​
    اسان جا سي رشتا ۔۔۔۔!​
    نثاراحمدناز​
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. خليل جبران

    خليل جبران
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2013
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مزو اچي ويو۔نثار ناز صاحب جي شاعري ته تمام سٺي آهي، الائي ڇو هو هن فورم تي پنهنجي شاعري گهٽ پوسٽ ٿاڪن۔ اسن انهن کي چواندسين ته پنهنجي وڌ ۾ وڌ شاعري هت پوسٽ ڪن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ناز پٿر جي مورت اڳيان
    ڪڏهن نه ڪنڌ جهڪاء سکي ڙي۔

    واهه واهه ٿي وئي ۔۔۔ اسان ته سوچيو هو ته ڏات ديوي اوهان وٽ قيد آهي ۽ جڏهن چاهيو ته سهڻي شاعري پيش ڪري وٺو ۔۔۔ پر ڏات ديوي جو اوهان کان به رسي وڃڻ ڪجهه عجيب لڳو۔

    هڪ عرض ڪبو ته ڊزائن سان گڏ ٽيڪسٽ به ڏيندا ڪيو، ڇو ته گوگل سرچ ۾ سنڌ سلامت جو سمورو ٽيڪسٽ شامل آهي ۽ جڏهن به ڪو شاعريء جي ڪا هڪ سٽ به سرچ ڪندو ته اوهان جي شاعريء تائين سولائيء سان پهچندو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اسان ته تعريف ڪرڻ لاءِ به لفظن جا قيدي آهيون۔۔ کٽل آهيون۔۔ واه ئي چئي سگهون ٿا۔۔ واه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ساڳيو ئي عرض مون طرفان پڻ۔۔ جيئن شاعري مختلف بلاگ تي، سنڌي ويبسائيٽس ونڊي سگهجي، سرچ انجڻ ۾ ڳولي سگهجي۔ مهرباني سائين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهربانيون خليل جبران صاحب جون ، ادا حد کان وڌيڪ مصروفيتون آهن، ذاتي مصروفيتن کان علاوه ادبي، سماجي مصروفيتن جي ڪري ڪجهه سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀرڻ جي ڪنجوسي ڪري ويندو آهيان، پر ادا هڪري ڳالهه ذهن ۾ ضرور رکي ڇڏجو ته سنڌ سلامت آهي ته هي نثارناز جهونو سلامت آهي، سنڌ سلامت مونکي سُڃاڻپ ڏني، سنڌ سلامت منهنجو پنهنجو گهر آهي، ۽ پنهنجي گهر کان ڪير به ڏور ڪونه ويندو آهي، اسان جڏهن سنڌ سلامت جي هن محبتي گهر جو ڀيرو ڀريندا آهيون ته قسم سان اسان جا ورهين جا ٿڪ لهي پوندا آهن توهان جي مهرباني جو توهان اسان جي هن ڪچي ڦڪي شاعري کي پسند ڪيو۔ لک لائق ادا توهان جا قرب ادا توهان جا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    چريا چريا او سليمان چريا، محبوبائن کي قيد ڪرڻ محبوبائن جي توهين آهي، ۽ ڏات جي ديوي کي مون رُسڻي محبوبا جو نالو ائين ته ڪونه ڏنو آهي ؟ ڏات جي ديوي اهڙي ته ريسڻي ۽ رُسڻي محبوبه آهي جو پرچي پوي ته هڪڙي ڏينهن ۾ کوڙ سارا گيت غزل نظم بيت وايون لکجي وڃن ۽ جيڪر رُسي وڃي ته سالن جا سال ڪو هڪ شعر به نه لکي سگهجي ، منهنجي خيال ۾ جيڪا ڳالهه توکي عجيب لڳي آهي اها هاڻي غريب ٿي چُڪي ،باقي توهان واهه واهه لکي مون ٽي درجي واري شاعر جي حوصلا افزائي ڪئي آهي ان جون مهربانيون لک قرب ، ٿورا سائين،
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    واه سائين واه تمام بهترين ڏات جي ديوي کي نيت قابو ۾ ڪري ورتو پراڻا جهونا آهيو جهونن و ٽ ته هزارين گر هوندا ديوين کي قابو ڪرڻ جا اصل مزو اچي ويو واه سائين واه ۔۔۔۔۔اسان به جهونا آهيون پر اوهان ته اسان جا ابا آهيو بابا ۔۔۔۔۔جهوني هجھن جا به ڪيئي فايدا آهين جو ديوي نه پر ديويوون مهربان ٿينديون آهين ۽ سڏي پاسي ۾ ويهارينديون آهين ۽ پوء انهن جي هڪ هڪ لفظ مان غزل ٺهندو آهي آهه آهه هي حياتي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو