اي آر ناگوري: هڪ عظيم مُصور

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    1721 اٽيچمينٽ ڏسو

    اي آر ناگوري: هڪ عظيم مُصور
    مصطفى ملاح

    پوري زندگي آرٽ کي ڏيندڙ ۽ رنگن سان آمريت خلاف جدوجهد ڪندڙ اي آر ناگوري جي وڇوڙي کي ٻه سال گذري ويا آهن. اي آر ناگوري کي سنڌ ۾ مُصوريءَ جو بنياد وجهندڙ چئجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، ڇو ته هن پنجاب جي ڪوهاٽ واري فائن آرٽ کي ڇڏي، سنڌ جي ماڻهن جون مصوريءَ ڏانهن ڌيان ڇڪرايو، هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فائن آرٽ جو بنياد وڌو، پر اڄ هن کي اسان سڀ وساري ويٺا آهيون، سنڌ جي دردن کي چِٽيندڙ ۽ سياسي احتجاجن کي فن ذريعي متعارف ڪرائيندڙ پهريون سياسي مصور اي آر ناگوريءَ جو اصل نالو عبدالرحيم هو، اي آر ناگوري جو ننڍپڻ ٺٽي ۾ ملاحن سان کيڏندي گذريو، هن کي چترڪار ٿيڻ جو شوق ننڍڻ کان ئي هو، اي آر ناگوري ننڍپڻ ۾ ڀِتين تي ڪوئلي سان تصويرون ٺاهيندو هو.

    سنڌ پرست چترڪار اي آر ناگوري 1939ع ۾ اک کولي، اهڙيءَ طرح هن حيدر آباد مان تعليم پرائي، مصور ٿيڻ لاءِ هن لاهور جي نيشنل ڪاليج مان ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي، اي آر ناگوري ٽوڙي ڦاٽڪ، ايم آر ڊي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سنڌ جي اصلوڪن رهواسين، ڪولهين، ڀِيلن، ميربحرن، ٿري ماروئڙن ۽ ڪارو ڪاريءَ تي پنهنجا شاهڪار چِٽيا، شايد ڪو اهڙو سنڌ جو درد هجي، جو هن رنگن ذريعي بيان نه ڪيو هجي. 1966ع کان 1970ع تائين اي آر ناگوري ايجوڪيشن آفيسر ايئر فورس ۾ نوڪري ڪئي.

    جڏهن ته 1983ع ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ طرفان اي آر ناگوري جي تيار ڪيل تصويرن جي نمائش لڳائي وئي، اي آر ناگوري سنڌ جو پهريون چترڪار آهي، جنهن جي تصويرن جا موضوع ڪي خوبصورت چهرا نه هئا، پر هن جي تصويرن جا موضوع هيٺئين طبقي جا پيڙهيل ماڻهو ۽ سنڌ جا اصلوڪا وارث هئا، 1986ع ۾ ڪراچيءَ جي انڊس گئلريءَ پاران اي آر ناگوري جي ڊڪٽيٽر مخالف تصويرن جي نمائش لڳائي وئي، 1984ع کان 1985ع تائين يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن اسلام آباد جو ميمبر رهيو، 1985ع ۾ وفاقي تعليمي وزارت جو آرٽ ٽيچر ٽريننگ پروگرام جي ڪريڪيوليم ڪاميٽيءَ جي چيئرمين واري عهدي تي فائز رهيو، اي آر ناگوري 1985ع کان 1995ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽ اينڊ ڊيزائن ۾ پروفيسر ۽ چيئرمين طور خدمتون ڏيندو رهيو، 1988ع ۾ انڊس گئلريءَ ۾ ”جمهوريت ڏانهن رستو“ جي عنوان هيٺ تصويرن جي نمائش منعقد ڪئي وئي، اي آر ناگوريءَ جي پينٽنگس ۾ انتهائي تيز گهرا رنگ هوندا هئا.

    1990ع ۾ ڊچ بئنڪ جي سهڪار سان آءِ ايم يو جي نالي سان روڊن جي ٻنهي پاسن کان هولڊنگ بورڊ تي تصويرن جي نمائش منعقد ڪئي وئي ۽ 1990ع ۾ عورتن جي ڏند ڪٿا جي عنوان هيٺ ڪراچيءَ جي انڊس گئلريءَ ۾ نمائش لڳائي وئي، اي آر ناگوري، فن ۾ نوان ٽرينڊ متعارف ڪرايا، هن سياسي ۽ احتجاجن جي فن کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو، هو پاڪستان ۾ سياسي مصورن جو باني هو، اي آر ناگوري 14 جنوري 2011ع تي وڏو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
    _____________________
    اي آر ناگوري:
    اي آر ناگوري (عبدالرحيم ناگوري) 1938ع ۾ جهونا ڳڙهه ۾ جنم وٺندڙ واحد چترڪار آهي، جنهن سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي مصوريءَ جي جديد تقاضائن مطابق دنيا آڏو آندو. هو پنجاب يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس ڊپارٽمينٽ مان ماسٽرس ڪرڻ بعد اُتي ئي ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ٻين ڪيترن ئي جڳهن تي آرٽ جو استادرهڻ بعد هن 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انوقت جي مثالي وائيس چانسلر غلام مصطفيَ شاهه جي اسرار تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فائن آرٽس شعبي جو بنياد وڌو. هو هن اداري جو سرگرم ۽ پهريون هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هو ۽ هن جي ڪوشش سان علي نواز ڦلپوٽو ۽ مسرت مرزا بعد ۾ هن شعبي جا استاد مقرر ٿيا. اِهو ناگوري صاحب جو سنڌ جي آرٽ جي سکيا وٺندڙن لاءِ هڪ ناقابل فراموش ڪارنامو رهندو ته هن شعبي کي وڏي جاکوڙ ڪري جاري ڪرايو. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن فنون لطيفه لاءِ سنڌ جي اُسرندڙ چترڪارن کي هن فن لاءِ هڪ اعليٰ درجي جي يونيورسٽي سطح جهڙي آرٽ جي اداري جي شديد ضرورت هئي. هن وقت ناگوريءَ کي ملڪ جو سوشيو پوليٽيڪل آرٽسٽ مڃيو وڃي ٿو. گرنار جي پهاڙن تي هن جي ننڍپڻ جي پيرن جا نشان ڇڏيل آهن، جيڪا سر زمين صوفين بزرگن کان مشهور آهي. هن چترڪار پنهنجي شروعاتي دور جي منظر ڪشي، ڊيڪوريٽو،کليل، رنگن معرفت سان سينگاريل چترڪاريءَ جي موضوعن کي 1983ع ۾ الوداع ڪري پنهنجي فن کي هڪ نئون موڙ ڏنو. جنهن ۾ عالمي دهشتگردي هن انهن جي غربت مٿان باهوڙ، نسل ڪشي، وحشياڻي روين ۽ ٻين بينالاقوامي داداگيرين خلاف پنهنجي برش وسيلي رنگن سان مزاحمتي تاريخ لکي آهي. سنڌ لاءِ هن جون ٺاهيل پئنٽنگس، علامتي طور وڏيرا شاهي، حڪومت جي قاري قانون، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آهن. هو امن لاءِ جاکوڙ ڪندي ميگهواڙن، ڀيلن، ٿر ۾ بکاڃ ۾ پاهه ٿيندڙ ماڻهن لاءِ ۽ سنڌ تي وقت جي سامراجي قوتن جي راتاهن خلاف پئٽنگس وسيلي اظهار ڪيو۔
    انسائڪلوپيڊيا سنڌيانه جي ٿورن سان۔​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو