تنهنجي ڪارڻ ڇا نه ڇَڏيو آ،آکيرو جنهن جاءِ اَڏيو آ،سو وڻ تون ئي آهين. تارا جئن فانوس ٻَرن ٿا،لوءِ ڇڏيو ٻي لوءِ لَڏيو آ،آکيرو جنهن جاءِ اڏيو آ،سو وڻ تون ئي آهين. آنءُ ته تنهنجي راهه وَتي هئي،پر هِي ڄاتل ڪيرُ گڏيو آ؟آکيرو جنهن جاءِ اَڏيو آ،سو وڻ تون ئي آهين. جنهن تي پنهنجو پاڻ پَڏيو آ.سو وڻ تون ئي آهين.سو وڻ تون ئي آهين.شيخ اياز
آءُ ارپيان ٿو هي نظم محترم سائين جي ايم سيد کي ۔۔۔ ڇاڪاڻ جي ايم جو وجود هڪ گهاٽي وڻ جيئان هيا جنهن جي ڇانوَ ۾ شيخ اياز جهڙا ڪئي انسان اچي آرامي ٿيندا هيا ۔۔۔ مونکي صحي خبر ناهي پر ممڪن اهو نظم اياز صاحب شايد جي ايم سائينءَ لاءِ ئي چيو هجي، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ به هڪ ٽڪرو مون پڙهيو هيو جنهن ۾ لڳ ڀڳ ساڳيو اظهار هيو۔ عرس سائين تنهنجي اجازت سان اهو فيسبڪ تي ونڊ ڪري جي ايم سيد کي ڀيٽا ڏيندس ۔۔۔ لک قرب۔
آنءُ ته تنهنجي راهه وَتي هئي،پر هِي ڄاتل ڪيرُ گڏيو آ؟آکيرو جنهن جاءِ اَڏيو آ،سو وڻ تون ئي آهين. خوبصورت چوند، هميشه وانگر شاعريء جي چونڊ ته ڪو اوهان کان سکي۔