• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وهم ۽ وسوسن جو نفسياتي اثر

وهم ۽ وسوسن جو نفسياتي اثر

اها هڪ عام ڳالهه آهي انسان کي جنهن شيءِ يا ڳالهه ۾ شڪ هجي ٿو ته هن کي ان جي باري ۾ ڪافي وهم ۽ وسوسا اچن ٿا ۽ هو ان ڳالهه کي سوچڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو پر تمام گهڻو شڪ، وهم ۽ وسوسا به صحت لاءِ صحيح ڪونه آهن، اهي وهم شڪ يا وسوسا جن جو ڪو سبب ظاهر نه ٿئي ۽ هر وقت انسان کي پريشان ۽ بيزار ڪن ، هو معاشري ۾ Survive ڪرڻ ۾ مشڪل محسوس ڪري ۽ هو هر وقت انهن وسوسن جي باري ۾ سوچيندو رهي پوءِ اداس غمگين پريشان رهڻ شروع ڪري ڇڏي، بيچيني ۽ خوف جي حالت ۾ رهڻ لڳي ۽ پنهنجي انهيءَ حالت کي پاڻ ڪنٽرول ڪرڻ جي لائق نه سمجهي ته اها نفسياتي بيماري آهي اها نفسياتي بيماري جنهن ۾هر وقت انسان کي نه چاهيندڙ سوچ، خيال، منظر، مشوره ذهن ۾ بار بار اچن ۽ هو انسان انهن خيالن منظرن کي روڪي نه سگهي يا وساري نه سگهي ۽ اهو انسان بيزار ڪندڙ سوچن خيالن وهمن ۽ وسوسن جي ڪري ننڊ يا آرام به نه ڪري سگهي ۽ ان ۾ خوف پريشاني جي حالت پيدا ٿي وڃي ته ان کي (Obsessions) چيو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن انهيءَ ماڻهو ۾ انهن سوچن، خيالن، وهمن ۽ وسوسن جي مطابق رد عمل بار بار ڪرڻ جي عادت ٿي وڃي يعني انهيءَ کي هر وقت ڪا ڳالهه بار بار ذهن ۾ اچي ۽ هو انهيءَ ڳالهه تي اهڙو رد عمل ڪندو رهي ۽ اهو محسوس ڪري ته جيڪڏهن هو پنهنجي ذهن ۾ بار بار ايندڙ خيالن ڳالهين، وهمن ۽ وسوسن جي مطابق ڪم نه ڪندو ته هو وڌيڪ پريشاني الجهن ۾ اچي ويندو ته انهيءَ بار بار ڪنهن ڳالهه جي رد عمل ڪرڻ حالت کي Compulsions چيو وڃي ٿو ۽ انهيءَ وهمن ۽ وسوسن جي بيماري کي (Obsessive Compulsive Disorder) چيو وڃي ٿو، مثال طور مريض کي بار بار اهو خيال ڳالهه ذهن ۾ اچي ته هن گهر جا سمورا دروازا بند نه ڪيا آهن ۽ هو بار بار اٿي دروازا بند ڪرڻ شروع ڪري ۽ بار بار دروازا جانچڻ شروع ڪري ۽ بار بار جي خيالن جي ڪري بيزار بيچين رهي ٿو، هن بيماري جو علاج نفسياتي ڪلينڪ ۾ ڪيو وڃي ٿو ۽ انهيءَ بيماري لاءِ مختلف Medicine به موجود هجن ٿيون ان کان علاوه انهيءَ بيماري کي نفسياتي ڪائنونسلنگ ذريعي به گهٽ ڪرڻ ممڪن آهي
 
Back
Top