نثارناز
سينيئر رڪن
ممحترما نسرين الطاف بُنيادي طور نثرنويس آهي منهنجي نظرن ۾ سندس هي پهرين شاعري گذري آهي، نثر کان هٽي ڪري فني لوازمات کان هٽي ڪري مونکي سندس فڪري اُڏام تمام بهترين لڳي، ڪالهوڪي ڪاوش ۾ سندس اها ساڳوڻي شاعري ڇپيل هُئي سانئڻ نسرين الطاف جي جيئن ته پهرين شاعري آهي سنڌياڻي شاعره آهي اسان جي فرضن ۾ شمار ٿئي ٿو ته سندس حوصلا افزائي ڀرپور نموني ڪئي وڃي ته جيئن شاعري جي کيتر ۾ پاڻ اڃان به گهڻي محنت ڪري سنڌ ڌر...تيءَ لاءِ پنهنجا غزل پنهنجا نظم ، پنهنجون ڪويتائون لکي ۽ سنڌ امڙ جو شان ۽ مان وڌائيندي رهي .
غزل
نسرين الطاف
رات سمنڊ چنڊ هوا ۽ مان تنها
تُنهنجي خوابن جي دنيا ۽ مان تنها
ڪاش مُنهنجو به ڪو همراز هُجي ها
مونکان سڄو لوڪ خفا ۽ مان تنها
تون ايندين اٿم پڪ! جو اوسيئڙي ۾
رستا تُنهنجي نيهار جابجا ۽ مان تنها
تو سواءِ جيون جي چئوواٽي تي
تي ڦران بي آس بي آسرا ۽ مان تنها
پيار مُنهنجي ۾ نصيب دُوري ٿِي
بيوفا سمجهين يا باوفا ۽ مان تنها
چنڊ سرگوشين ۾ چيو “نسرين ” ڇو؟
تون به اڄ آهين تنها ۽ مان تنها......!!
