ورتن ۾ خودڪشي جو لاڙو ان ڪري وڌيو آهي جو پنهنجن ۾ پنهنجائپ ناهي رهي، صرف نالي جا رشتا آهن، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته غربت کان تنگ ٿي ائين ڪن ٿيون، پر سڀني جو اهو سبب ناهي، پنهنجي جيون ساٿي يا فيملي ميمبرن جو رويو سٺو نه هئڻ، غلط الزام هڻڻ، سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ جي باوجود ان جي ڪم کي ترجيح نه ڏيڻ، ان جي سٺي ڪم مان به غلطي ڪڍڻ، جنهن ۾ هوءَ بلڪل اڪيلي ٿيو وڃي ۽ مجبورن زندگي جي سڀني رنگن کي وساري ۽ هن خوبصورت دنيا کي الوداع چوڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي، جيڪڏهن والدين ۽ مڙس انهن جي خواهشن جو قدر ڪن ته اهي هن خوبصورت دنيا مان ڪڏهن به مايوس نه ٿين. اڄڪلهه عورتن ۾ نااميدي ۽ مايوسي ان ڪري پکڙيل آهي جو گهريلو جهيڙا، زال مڙس جو جهيڙو يا سس ننهن جو جهيڙو، اسان جي سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته عورت ئي عورت جي دشمن هوندي آهي، عورت جڏهن شادي ڪري ساهرن ۾ وڃي ٿي ته ان کي ساهرن ۾ اها حيثيت نٿي ملي، جيڪا هن کي ملڻ گهرجي، ٻيو سبب اهو آهي ته مرد ٻي شادي ڪري ته ان پهاچ جو يعني عورتن جو جهيڙو يا ڏيرياڻين جو پاڻ ۾ جهيڙو، بهرحال پوءِ به عورت کي مايوس ٿي خودڪشي نه ڪرڻ گهرجي، ڪوشش ڪئي وڃي ته مسئلن کي منهن ڏجي.
ها يار ائين ڪر ! اصل توهان ئي ان کي سمجهايو يا وري هيئن ڇو نه ڪن جو خودڪشي پاڻ ڇو ڪن اهڙو طريقار اختيار ڪن جو اڳيون خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿئي وڃي ، وڌيڪ جيڪا سنگت جي صلاح سدائين گڏ