ساٿيو منهنجي سؤٽ زُبير لغاري جيئن ئي اسڪالرشپ حاصل ڪري پي ايڇ ڊي شروع ڪئي آهي چائنا جي وُهان يونيورسٽي ۾ ته هن پاران مسلسل فون، اي ميل ايندا رهيا آهن ته اسان جي تصور کان وڌيڪ اسڪالرشپس چائنا ۾ موجود آهن پر اهي سڀ نان سنڌي حاصل ڪري رهيا آهن۔ الاءِ ڇو اسان جا سنڌي نوجوان انهي جي ڄاڻ نه ٿا رکن يا دلچسپي گهٽ اٿن۔ هُن جي بار بار اسرار تي سندس پاران موڪليل هڪ لنڪ ۽ تفصيلي طريقيڪار هتي ونڊ ڪجي ٿو۔ هُن ڪافي ٻين دوستن کي به مٿين لنڪ موڪلي ۽ اپلاءِ ڪرڻ جو چيو پر شايد ڪجهه دوست ڳالهه سمجهي نه سگهيا سو هُن سڄو طريقيڪار سنڌي ۾ لکي اسڪين ڪري موڪليو آهي۔ جيڪو جيئن جو تيئن هيٺ ڏِجي ٿو۔ هيٺ ڏنل سمجهاڻي مطابق مٿين لنڪ ۾ ڏنل فارم ۽ گهربل شيون ڀري موڪلڻ لازمي آهن۔ 1723 اٽيچمينٽ ڏسو 1724 اٽيچمينٽ ڏسو 1725 اٽيچمينٽ ڏسو 1726 اٽيچمينٽ ڏسو 1727 اٽيچمينٽ ڏسو 1728 اٽيچمينٽ ڏسو ڪنهن به قسم جي پريشاني ٿئي ته پنهنجي فيس بوڪ اڪائونٽ تي لاگ آن رهندي مٿي ڏنل نالي زبير لغاري تي ڪلڪ ڪري کائنس سوال ڪري سگهجي ٿو۔ پر مهرباني ڪري پهرين هن کي چڱي طرح پڙهي وٺو۔
تمام سٺو۔۔۔ دوستن کي گهرجي ته وڌ کان وڌ پنهنجي عزيزن، مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان هيء خبر شيئر ڪن جيئن وڌ کان وڌ سنڌي نوجوان علم جي حاصلات لاء نڪري پون۔