1، فعال رڪن ڇا آهي؟2، رجسٽر رڪن ؟3، جونيئر آهي ته نئون رڪن چوڻ جو مطلب؟4،ساٿ نڀائيندڙ ۽ ٻين سان ساٿ ڇا آهي سمٍجهايو؟شايد مون جهڙا ڪئي رڪن اهڙا به هوندا جن کي هي سنڌ سلامت جو ڳجهيل جهان وڌيڪمجهائيندو هجي؟ يا شايد مان اجايو گهڻو سوچان ٿي ۽ ڪم سان ڪم نه ٿي رکان، مان هتي پڇڻا نه مجهڻا وارو رستو اختيار ڪيو آهي۔
ڀيڻ ان متعلق اڳ به سائين ذيشان رشيد جن ڪجهه معلومات ٻڌائي هئي ليڪن وري به پاڻ صحيح نموني توهان کي ٻڌائيندا فعال رڪن ته اهو آهي جيڪو فورم تي باقاعده تحريرون موڪليندو رهي ٿو۔ جونيئر ۽ سينيئر به لفظن مان ظاهر آهي۔ وڌيڪ وضاحت سائين ذيشان رشيد جن ڪندا۔
اتفاق سان انهي موضوع تي سنڌ سلامت جي انتظاميه پاران رکيل گڏجانين ۾ ايترا دلچسپ تبصرا ٿيا آهن جو اهو بحث ڇِڙي ٿو ته کِل ٿي اچي۔ هر ڪنهن جا پنهنجا رايا آهن پر جيڪي سائين نثارابڙو جا آهن سي ته ڪو مَٽ ئي نه ٿا رکن۔منهنجي ذاتي دلچسپي انهي ۾ ناهي رهي۔ پر منهنجي راءِ هنن شعرن واري آهي۔ اکر اکر کي اک،مون جا ڏ ني ماڙهوئا! چيتاري چِت سان،پڙهي پوءِ پرک، ڪک جي هيٺان لک،ڍڪيل آهي ڍولڻا! يا اکران دي وچ جو ئي اڙيا عشق دي چاڙهي مور نه چڙهيا ۔۔۔
سنڌي نور اوهان اها تمام سٺو قدم کنيو آهي ته جيڪا ڳاله سمجه ۾ نه اچي اها پڇجي اوهان جي ڪجه سوالن جا جواب مان مختصر طور تي ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو فعال رڪن دراصل اهو ٽائيٽل آهي جيڪو سنڌ سلامت پنهنجي رڪنن کي سندن سنڌ سلامت جي ڪارڪردگي تي ڏيندي آهي... فعال رڪن کان سواءِ به سنڌ سلامت ڪجهه رڪنن جا ٽائيٽل رکيا آهن جنهن جا تفصيل هن طرح آهن نئون رڪن : رجسٽريشن حاصل ڪرڻ تي ۔۔۔ رجسٽرڊ رڪن : پنج يا مٿي ايوارڊ جون پوائنٽون حاصل ڪرڻ تي۔۔۔ جونيئر رڪن : 25 يا مٿي ايوارڊ جون پوائنٽون حاصل ڪرڻ تي۔۔ فعال رڪن : 45 يا مٿي ايوارڊ جون پوائنٽون حاصل ڪرڻ تي۔۔ سينيئر رڪن: 75 يا مٿي ايوارڊ جون پوائنٽون حاصل ڪرڻ تي۔۔ وڌيڪ ادا ذيشان رشيد کي عرض آهي ته باقي وضاهتون پيش ڪري
صرف مواد لکڻ يا گھڻو لکڻ جا ايوارڊ يا سينيئر جو عهدو يا مان نه ڏيڻ گهرجي پر جيڪو مواد بهترين لکي ان جون پوائينون ۽ ايواڊ ان جي حساب سان هجڻ لازم ڪيو، نه ته مون جھڙا وٺ وٺان لائي ڌيندا لکڻ ۾ ڀلي مواد ۾ ڪو مقصد ئي نه هجي۔ وڌيڪ توهان ئي سنڌ سلامت جا ٺيڪدار آهيو۔
جي اوهان جي اها ڳاله به درست آهي ان ۾ به وزن آهي پر اسان وٽ بهترين مواد جي ڪا به ڪسوٽي نه آهي هڪ شي ممڪن آهي اوهان جي نظر ۾ ڀلي هجي مون کي يا ڪنهن ٻي مميبر جي نظر ۾ سٺي نه هجي ۽ وري ان جي الٽ به ٿي سگهي ٿو مطلب ته هر ڪنهن جي پسند ان جي حساب سان آهي ۽ ان جي نظر معيار مطابق ئي اهو ان کي پسند ڪندو يا مان ڏيندو آهي ان ڪري ان ڪري اسان لاء معياري مواد جي پرک ڪرڻ مشڪل آهي ليڪن ان باوجود به ڪافي دوست آهين جيڪي تمام بهترين سٺو لکندا آهين ان ڪري جتي سٺيون ۽ مياري مواد هوندو اتي مون جهڙا به ليکک آهين جيڪي پهنجا نوان تجربا به ڪري رهيا آهين انهن جي ااصلاح جو رستو به بند نٿو ڪري سگهجي ان ڪري هر لکندڙ جي همٿ افزائي سنڌ سلامت جي فرض ۾ شامل آهي ان باوجود به اوهان جو پيغام دوستن تائين ضرور پهچي چڪو آهي ته هر فرد ڪوشش ڪري ته گهڻو مود نه پر سٺو مواد موڪلڻ جي ڪوشش ڪري ٿورا ڪڻا ٿالهي ۾ گهڻا ۔۔۔۔۔۔ باقي سنڌ سلامت جو هر سنڌي ٺِڪيدار آهي سنڌ سلامت ڪنهن هڪ جو نه آهي ۔۔۔۔
مان سمجهان ٿو ته موجوده طريقيڪار ۾ به ڪا خرابي ناهي، ڇو ته اهو سسٽم جنريٽيڊ آهي ۔۔۔باقي ڪهڙو ليک سٺو آهي ؟ ان جا فيصلا ڪرڻ به ڏکيا آهن؟ شاعر چوندو ته منهنجي شيئرنگ سڀ کان سٺي آهي ۔۔۔ ڪالم نگار چوند ته مان سڀني کان سٺو لکيو آهي ۽ وري ڪمپيوٽر يا سافٽويئر بابت شيئرنگ ڪندڙ پنهنجي ڳالهه ڪندو ۔۔۔ پوء فيصلو ڪير ڪندو ؟؟؟ اهي ۽ ان سان ملندڙ ڪيترائي سوال آهن۔ باقي ڀيڻ اسان ٺيڪيدار ناهيون، سنڌ سلامت سڀني جو فورم آهي، ڇو ته اتي سڀني کي اخلاق جي حدن جي دائري ۾ رهندي لکڻ ۽ اظهار جي هڪجهڙي آزادي آهي۔ اوهان جي استعمال ڪيل مٿين لفظ تي دلي صدمو رسيو ۔۔۔۔۔
هتي هن موضوع ۾ يا وري فورم جي سڀني سيڪشنs ۾ اظهار جي ڪافي حد تائين آزادي آهي۔ پر ڪوشش ڪري اهڙو لکجي جو ڪنهن کي صدمو نه پُهچي۔ انتظاميه يا لکندڙن کان ڪنهن به توقع يا مطالبي وقت هميشه اهو ذهن ۾ رکجي ته هي هيڏو فورم بنا ڪنهن ذاتي غرض يا ڪمائي عيوض هلي ٿو۔ ڪجهه دوست پنهنجي کيسي ۽ وقت جي سهاري هي فورم هلائي رهيا آهن۔ ۽ سڀني کي انهي ۾ ڪنهن به لحاظ کان بهتري جي راءِ يا عملي ڪم جي نينڍ هميشه آهي۔ پر جيئن ته هي سڀ رضاڪارانه ڪم آهن سو ڪميون ڪوتاهيون ته رهنديون۔
ڀاء سليمان وساڻ توهان کي منهنجو لفظ خراب لڳو ته مان معذرت ٿي ڪريان، پر ڀاء منهنجو مطلب ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه هو مان سؤلي سنڌي ٻولي استعمال ڪئي هئي۔ وري ٻيهر به معذرت ٿي ڪيان۔
سنڌ سلامت جو نظام تمام سٺو آهي۔ جتي ڪير هڪ لفظ به لکي پوسٽ ڪري سگهي ٿو۔ جيڪو هڪ لفظ پوسٽ ڪندو، سو هڪ سٽ به لکي سگهندو، هڪ سٽ لکڻ سکيو، ته وري هڪ صفحو به لکي سگهندو، صفحي کي هڪ باب تائين به پهچائي سگهندو، هڪ باب کي نيٺ هڪ ڪتاب ۾ تبديل ڪري سگهڻ جي صلاحيت پيدا ڪري سگهندا۔
مون ته هتان تمام گهڻو پرايو ۽ سکيو آهي،شايد ان ڪري جو هن فورم کي هلائڻ وارن دوستن ۾ سچائي آهي۔۽ اهي بنان ڪنهن ذاتي غرض ۽ لالچ جي هي سڀ ڪم ڪري رهيا آهن۔هتي هر ڪنهن جي همت افزائي ڪئي وڃي ٿي،باقي اعلي معيارن جي چڪرن ۾ پئجي ته تمام ڄاڻو ماڻهو جيڪو تعاون ڪندڙ نه آهي ته نئين سکندڙ کي اهڙو ته بي همت ڪندو جو هو ڪڏهن به پنهجي صلاحيتن کي اجاگر نه ڪري سگهندو۔
ادا پهريان ته اها ڳالهه ڪريان ته مان سنڌ ۾ هر ڀلائي ڪندڙ فورم يا سٿ سان گڏ آهيان ۽ مان انجو ٺيڪيدار به سڏرائيندس مان سنڌ سلامت جو ٺيڪيدار آهيان البته انتظامي سگهه منهنجي پيارن دوستن وٽ آهي جيڪا هڪ بهتر ڳالهه آ ۽ هر ڪو لکي ٿو مواد ونڊ ڪري ٿو بهترين طريقو آهي هن فورم تي سکڻ جو ان سان حوصلو وڌندو آ باقي رهي ڳالهه ايوارڊ جي ته پاڻ ان ۾ الجهون ئي ڪو نه پيا ونڊ ڪيو ۽ سنڌ سلامت کي سنواريو۔ سدائين گڏ
لک قرب حوصلا افزائي ڪرڻ جا دوستو مان وري به ورجائيندو هلان ته سنڌ سلامت اسان سڀ آهيون، سنڌ سلامت نالو آهي اسان سڀني ميمبرن جي گڏيل ڪاوشن جو۔ سچ پڇو ته مون به لکڻ هتان کان ئي شروع ڪيو هو ۔۔۔۔۔ هتي ڪوبه منجهائيندڙ سوال ناهي ۔۔۔ سڀ ڪجهه کليل آهي۔ اسان دوستن لاء هر وقت حاضر آهيون، سچ پڇو ته اسان اوهان دوستن جي رهنمائي سبب ئي اڳتي قدم کڻندا آهيون۔ اوهان ئي اسان جا رهنما ۽ استاد آهيو۔