Nisar Ahmed Abro ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن مڪي پاڪ ۾ رهندڙ سنڌ ۽ سنڌيت جي ديواني نوجوان سليم رند پنهنجي رنداڻي انداز ۾ چيو ته؛ ” سرمد جي ياد ۾ هڪ ڪچهري رکون ۽ سنگت کي به ڪوٺ ڏئي گهرايون“. مون سوچيو ته اهو سنگت سان ملڻ جو هڪ سٺو بهانو آهي، مون کيس همٿ ٻڌائي ۽ پوءِ سليم جهڙو ڳالهه جو تهڙو عمل جو پڪو ... بس پوءِ؛ دل جــــي پرشوق دلاســـن تــي هليا آياسون، سونهــن وارن جي سلامن تـــي هليا آياسون، ڪنهن شهنشاه جو فرمان اسان تي نه هليو، نينهــــن وارن جـــــي نياپـــن تي هليا آياسون. مخصوص ۽ چونڊ دوست؛ جده ۾ رهندڙ اسانجا معتبر دوست نظر پياسي، صغير جتوئي، اعجاز علي ڪٽپر ۽ لال خان رند اچي سهڙيا ... مڪي پاڪ مان سليم رند ۽ اسانجي پياري دوست ۽ سهڻي شاعر جمن جماليءَ ميزبانيءَ جا فرض ادا ڪيا ... ۽ اسانجي بزرگ بگٽيءَ پڻ اسانجو ساٿ نڀايو بس پوءِ ڀاڪرن سان شروع ٿيل اها ڪچهري، جيئن رات ٿڌي تيئن محفل تتي ... سنڌي گيت، غزل، دوهيڙا، ساز ۽ آواز سان گڏ سنڌ جون يادون، سنڌ جون بهارون، سنڌ جون ڳالهيون .... بس سچ پڇو ته بيمار دل به جيئري ٿي پئي. سڀني دوستن پنهنجا گيت گنگائي ٻڌايا ... ادبي ٽيڪاٽپڻي سان گڏ عربي قهوه ۽ کارڪون به هلنديون رهيون ... بادام ۽ مغز منهن مٺو ڪندا رهيا ... ۽ محفل جي ميزبان جمن جماليءَ جي حقي جي گڙگڙ به سازن سان سر ٿي ملايا .... دوست سليم رند مطعم ترڪيءَ جي کاڌي جي ذائقي چکائڻ جو بندوبست ڪيو هو ۽ پوءِ بس اسان مهمانن به ميزبان جو قدر ڪندي اوڳرايون خوب ڏنيون ... ڇاڪاڻ چوندا آهن ته کائي به ويا ۽ اوڳرايون به ڏنائون ... هر محفل جي وقت آخر ختم ٿيو وڃي ۽ اهو ئي ٿيو جڏهن رات جو ٻيو پهر ٿيو ته سنگت موڪلايو .... موڪلاڻيون ته ظاهري ٿيون پر اڃان تائين اها گڏجاڻي ذهن ۾ تازي ۽ تواني، جاري و ساري آهي ... سنگت سدا سلامت رهي ... پرديس ۾ ديس جا مزا وٺندي رهي ۽ محبت جا جهان قائم ٿيندا رهن ... سنڌ سلامت ساٿ سلامت
مونکي ياد ناهي ته شايد هي ساڳيو ليک مون ونڊ ڪيو هجي ۔۔؟؟؟ پر پو به اوهان وري ياد تازي ڪرائي ۔۔۔ تمام سٺي ڪچهري هئي ۔۔۔ لک قرب
سائين اهو ليک اوهان لکيو هو تڏهن مون اوهان جو نالو لکيو آهي جنهن جا به لفظ هجن هن کي هي ڪر يڊيٽ ڏيڻ گهرجي اهڙا جاندار معضمون اوهان هي لکي سگهو ٿا قبله،،،
دوستن جون مهربانيون جواسان غريبن جي ڪوٺ تي هليا آيا حقيقت۾ڪجھ وقت لئ ايئين پئي محسوس ٿيوته ڄڻ سنڌ۾ئي آهيون شال اهي ڀائرآبادهجن ۽ محفلون مچنديون رهن