السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته جيئن ته دوستومونکي تمام گهڻي خوشي آهي جومنهنجن ڪجھه سنڌي ڀائرن هي زبردست ڪم سرانجام ڏنوآهي جنهن سان اسان پارن پرديس ۾رهندڙ سنڌين کي سنڌي لکڻ ۽ سنڌي پڙهڻ جي وڏي سهولت ٿي آهي۔ آئون دعاگوآهيان سائين نثار ابڙوصاحب جن جو ۽ انهن سڀني سنڌي ڀائرن جو جن هن نيڪ ڪم ۾ ساٿ ڏنوآهي شال خوش رهو آباد رهو۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت پاران، جمن جمالي مڪه مڪرمه
پيارا دوست جمن جمالي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ اوهان سعودي ۾ رهندڙ دوست سنڌ کي ياد ٿا ڪيو ۽ ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ اوهان جو روح سنڌ ۾ هجي ۽ جسم سعوديء ۾۔ اوهان دوستن لاء دعائون ۽ سلام۔اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ڀامحمد سليمان وساڻ ۽ عبدالغني لوهارصاحب جن جاقرب دوستومنهجي پيدائش سنڌ جي آهي ننڍپڻ کان ئي والدين سان سعودي عرب مڪه مڪرمه ۾ اچي رهائش پذيرٿياسين مان شڪرگذار آهيان پنهجي مرحوم والدصاحب جن جو جن اسانکي پنهجي بلوچي ٻولي سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي جي پڻ تربيت ڏني ۽ ٻه اکر پڙهايا۔ مان خاص ٿورائتوآهيان سائين نثاراحمد ابڙو ۽ پنهجي ڀا سليم خان رند جو، جن مونکي سنڌ سلامت سان متعارف ڪرايو۔ دوستن جا لک قرب ۽ ٿورا ۔۔۔۔ شال جاٿي رهن خوش رهن، سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔۔
جمن جمالي مڪي پاڪ ۾ رهندڙ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر آهي ۔۔۔ سندس شاعري عوامي ۽ جذباتي هوندي آهي، هي دوست حالتن جي حساب سان لفظن سان کيڏندو آهي ۽ حالتن جي تمام سهڻي ترجماني ڪري ويندو آهي۔ ڪنهن پياري دوست جو ڏک يا سک ڏسندي ئي سندس لفظ اڳيان اچي ويندا آهن ۽ بس پو گيت تيار ٿي ويندو آهي۔ منهنجي ساڻس جڏهن ملاقات ٿي ته سچ پڇو ته مونکي پنهنجي ٻولي تي فخر ٿيو جو اسانجي ننڍڙن ننڍڙن جذبن جي اظهار جي سگهه تمام اعلا رکي ٿي۔ جمن جمالي پنهنجن جذبن جو اظهار تمام سهڻي انداز سان ڪندو آهي۔ پيارو ۽ کرو انسان آهن ۔۔۔ رب العالمين کيس پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين جمن جمالي کي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئجي ٿي ۔۔۔ اميد ته هو پنهنجا گيت سهڻي انداز سان لکي پيش ڪندو ته جيئن سندس خيالن کان سنڌ سلامت جا دوست به شامل حال ٿين۔ لک قرب سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جي بلڪل سائين نثارآحمدابڙو صاحب جيڪو ڪجهه لکيو بلڪل سهي لکيو آهي جمن جا جذبا بلڪل سنڌيت سان ڀريل آهن ، هو هڪ پيارو سچو دوست پڻ آهي تمام سٺو شاعر به آهي ، دوست جمن جمالي لا ، کوڙ ساريون دعائون ،،، صدائي گڏ، سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جمن ڀاءِ کي هن سهڻي سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار سدا آباد هجو ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندا رهو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت سدائين گڏ
جمن ڀاءِ کي هن سهڻي سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار اميد ته سنڌ سلامت کي ٻين دوستن تائين پهچائيندا 2222 اٽيچمينٽ ڏسو