اڄوڪي ڏينهن 15 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
15 جنوري 1934ع مشهور قومي شاعر ابراهيم منشي جو جنم ڏينهن آهي.
ابراهيم منشي قومي ۽ عوامي شاعر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مير نادر علي ابڙو
اڄ اهڙي شخصيت تي لکي رهيو آهيان، جيڪا ڪنهن به طرح سان تعارف جي محتاج نه آهي. ابراهيم منشي تي لکڻ ڪٿان کان شروع ڪجي. ڪٿي ختم ڪجي. آئون منجهي پيو آهيان، هن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ لفظ به ڪو نه ٿا ملن ته منشي جهڙي سنڌ جي وڏي قدآور شاعر تي ڪيئن شروعات ڪريان.منشي سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۸۸ع ڌاران ٿي، جڏهن هو لاڙڪاڻي ۾ ممتاز علي ڀٽو سان ملڻ سندس وائيٽ هائوس بنگلي تي آيو ۽ مان به ان ڏينهن تي ممتاز علي ڀٽو سان ملڻ آيو هئس. اتفاق سان رش هئڻ سبب، منشيءَ جي ڀرسان جاءِ خالي هئڻ ڪري، ساڻس ڀرسان ويهي رهيس. ڀرسان ويهڻ شرط پڇيائين ته؛ ’ابا ڪير مڙس آهين؟‘
ٻڌايو مانس ته؛ ’ابڙو آهيان.‘
وڌيڪ پڇيائين؛ ’ڪهڙن ابڙن منجهان آهين؟‘
مون پڇيس ته؛ ’اوهان ڪهڙن کي ٿا سڃاڻو؟‘
ٻڌايائين ته؛ ’جمال ابڙو‘.
مون چيو ته؛ ’مان تاج محمد ابڙي جو فرزند آهيان.‘
انهيءَ تي يڪدم اٿي بيهي چيائين ته؛ ’ڀاڪر پاءِ!‘
مان اٿي ساڻس مليس ته وڌيڪ چيائين ته ’تون ته اسان جي محسن جو شهزادو آهين.‘
پوءِ هڪ پنهنجو واقعو ٻڌايائين ته؛ “مون تي مارشلا جي دؤر ۾ هڪ ڪوڙو ڪيس مڙهيو ويو هو. تنهنجو والد تڏهن ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٺٽو هو. جڏهن مون کي سندس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ سندس روبرو آيس ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي رڙ ڪري چيو ته؛ منشي توهان! ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پوليس کي چيو ته؛ هن کي منهنجي چيمبر ۾ وٺي اچو. جڏهن مان سندس چيمبر ۾ جوابدار جي حيثيت ۾ ويس ته ڀاڪر پائي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي آڌر ڀاءُ ڪندي چيائين ته. ’منشي! هاڻي ڀلا ڪو ماڻهو ضامن، ٿورن پيسن ۾ هاڻي جو هاڻي هٿ ڪري سگهندين.‘ چيم؛ ’ها سائين ٿي ويندو.‘ چيائين ته؛ ’پوءِ وارو ڪر ته هاڻي ٿو ضمانت ڏيانءِ!‘ مون چيو ته؛ ’ڪامريڊ! تون ٻچڙيوال آهين، خبر اٿئي ته مون تي مارشلا تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.‘ ان تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وڏو ٽهڪ ڏئي چيو ته؛ ’تو کي هاڻي جو هاڻي ضمانت تي آزاد ڪندس. باقي منهنجي نوڪري چڙهي آڱوٺي تي.‘ سو مان انهي ڏينهن ضمانت تي آزاد ٿيس.“اهي لفظ چئي منشي وڏو ٿڌو ساهه ڀريو ۽ ڪجهه گهڙيون خاموش ٿي ويو.
ابراهيم منشي ۱۵ جنوري ۱۹۳۴ع تي، ٽنڊو محمد خان ويجهو، ڳوٺ جنهاڻ سومرو ۾ اک کولي. سندس والد محمد اسحاق، کيس ملان مڪتب ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. منشي چوٿين درجي ۾ هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. جنهن ڪري هو اڳتي پڙهائي جاري نه رکي سگهيو. ۱۹۴۹ع ڌاران هن رومانٽڪ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس والد به مولود لکندو هو. ۱۹۷۰ع ڌاران اليڪشن ۾ جلسن اندر شاعري پڙهڻ شروع ڪئي. تنهن ڪري ئي ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪافي ويجهو رهيو.جيئن ته منشي غريب طبقي سان واسطو رکندڙ هو، ۱۹۶۰ع ڌاران هڪ ٺيڪيدار وٽ بطور منشي ٿي بيٺو، تنهن ڪري ئي مٿس منشي نالو پيو، جيڪو اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ سندس تخلص طور مشهور ٿيو.منشي ابراهيم جي شاعري ۱۹۶۵ع کان باقاعده منظر عام تي آئي. اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. سندس شاعريءَ جا ۵ مجموعا پڻ ڇپيا. منشي قومپرست پارٽين ۾ شاعري جي حوالي سان جلسن ۾ جوشيلي شاعري ڪري عوام کي جذباتي ڪري جوش ولولو پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ صوبي ۾ تمام ئي گهڻو سياسي طرح سان مشهور ٿيو.شروع ۾ سندس وابستگي جي ايم سيد سان رهي. جنهن ڪري ۱۹۷۰ع کان ۱۹۷۵ع تائين جيل جي ياترا به ڪرڻي پيس ۽ پوءِ به ۳ دفعا جيل ۾ رهي آيو. جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ سندس واسطو ممتاز علي ڀٽو سان رهيو. ڪافي وقت ان سان گڏ سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ ڪم ڪيائين. جنهن بعد متحده قومي موومينٽ جي سربراهه الطاف حسين سان ويجهو رهيو. جيڪو سلسلو زندگي جي آخر تائين جاري رهيو. توڙي سندس سياسي وابستگي ڪافي سياسي پارٽين سان رهي پر سندس شاعريءَ جو محور فقط ۽ فقط سنڌ ڌرتي ئي رهيو.ابراهيم منشي جيتوڻيڪ مسڪين ماڻهو هو پر سندس دوستي جو دائرو، پاڪستان جي وڏن وڏن سياستدانن سان، بغير ڪنهن لالچ جي رهيو
. جيڪي هن جي دلي طرح عزت ۽ احترام ڪندا هئا. جن ۾ مير علي احمد خان ٽالپر، غلام مصطفيٰ جتوئي، حاڪم علي زرداري، معراج محمد خان، ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد، شهيد فاضل راهو، ممتاز علي ڀٽو، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا کوڙ سارا سياستدان، سندس محبت ۾ جڙيل رهيا.مان ۱۹۹۳ع ۾ بيروزگار هئس. اوچتو ابراهيم منشي سان حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي وئي. پڇيائين ته؛ نادر لاڙڪاڻي کان حيدرآباد ڇو آيو آهين. مون چيو ته؛ روزگار جي ڳولا پيو ڪريان. اهو ٻڌندي ئي چيائين ته؛ مير منور علي ٽالپر، ايڪسائيز جو وزير، منهنجو دوست آهي. جنهن مون سان واعدو ڪيو آهي ته منهنجي پٽ کي ايڪسائيز جو انسپيڪٽر ڪندو. سو تون منهنجي مرحوم دوست ۽ محسن جو پٽ آهين. اها نوڪري مان توکي ٿو وٺرائي ڏيان. منهنجي پٽ جو ڀاڳ منهنجي پٽ سان. اهو ٻڌي مون الاهي ته ڪيئن منٿون ايلازون ڪري ابراهيم منشي کان معافي وٺي جند ڇڏائي. ته توهان جي پٽ جي نصيب تي مان قبضو ڪونه ڪندس. اها هئي هن جي مرحوم دوست جي اولاد سان سچائي ۽ مرحوم دوست جي قبر کي عزت ڏيڻ.
هو زندگيءَ جي آخر ۾ دل جگر ۽ شگر جي مرض ۾ مبتلا رهيو ۽ ڪافي ڀيرا اسپتال ۾ به داخل ٿيو. ۲۰۰۱ع ۾ کيس دل جي تڪليف ٿي پئي ۽ هو ديوان مشتاق وارڊ ۾ داخل ٿيو. جتي مان ساڻس مزاج پرسي لاءِ عيادت ڪرڻ ويس ۽ مونکي ڏسي يڪدم اٿي بيهي رهيو ۽ خوشيءَ مان ڀاڪر پائي، وڏي گرم جوشي ۽ محبت منجهان مليو ۽ چيائين ته؛ ’نادر بابا! ٻن ٽن ڏينهن کان اسپتال ۾ بستر مرگ تي آهيان، پر ڪوئي به لڙي پڇڻ به ڪو نه آيو آهي.‘ اها ڳالهه ڪري اکيون آليون ڪري ويٺو. سندس زندگيءَ جا آخري ڏينهن، ڪسمپرسي واري حالت ۾ گذريا. سندس دل جا ٽي وال بند هئا. ڪافي دفعا اسپتال ۾ داخل به ٿيو. مالي وسيلا نه هجڻ سبب، سندس دل جو آپريشن نه ٿي سگهيو. بار بار اپيلن باوجود، سرڪار کيس لنڊن نه اماڻيو. آخرڪار هي موتين جهڙو سنڌ جو عظيم ڀلوڙ شاعر، ۳۱ جولاءِ ۲۰۰۳ع تي، دل بيهڻ سبب، هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.ابراهيم منشي سومرو ڪير سڏائي. منشي جهڙا شاعر ڌرتي صدين کانپوءِ پيدا ڪندي آهي. سندن خال واقعي به ڀرڻ مشڪل آهي.