جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو 1731 اٽيچمينٽ ڏسو استاد بخاريءَ جو اصل نالو سيد احمد شاهه هو. هن 16 جنوري 1930ع ڌاري دادو ضلعي جي ڳوٽ غلام چانڊيي ۾ سيد حاجن شاه جي گهر ۾ جنم ورتو. جيئن ته استاد پنهنجو ٻالڪپڻ درياءَ ويجهو ڪانهن جي اڇن گلن ۽ سرنهن، ٻاجھر، جوئر، ڪڻڪ توڙي مٽرن جي کيتن ۾ ڊڪندي ڊوڙندي گذاري، ان ڪري سندس طبيعت ۾ رنگيني ۽ ميٺاج جو سمائجي وڃڻ فطري عمل هو. هو ننڍپڻ کان ڏاڍو ذهين هو، تعليمي لحاظ کان پهرين درجي کان سنڌي فائينل تائين پهرين پوزيشن کڻندو رهيو. استاد، عالم ، فاضل ۽ اديب واريون ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1946ع ۾ پهرين نوڪري روينيو کاتي ۾ تپيدار طور ڪئي پر هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هن نوڪري ۾ رهي، ڪير ڪيترو به چاهي، ڪنهن درد مند جي دوا نه ٿو ڪري سگهي. ان ڪري استاد جي طبيعت کي به هي نوڪري بلڪل ڪو نه وڻي ۽ جلد ئي هو اداري کان ناتا ٽوڙي تعليم کاتي سان رشتو جوڙي ويٺو. استاد پرائمري ماستر بڻجي مستقبل جي معمارن کي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي. هونءَ ته استاد شاعري 1946ع ۾ شاگردي واري زماني کان شروع ڪئي هئي پر 1951ع ۾ جڏهن کيس ايليسمينٽري ڪاليج مٺياڻي ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي کيس نامور شاعر عبدالله اثر جي صحبت نصيب ٿي ته استاد جي اندر جي ڏات تڙپي اٿي. سندس من ۾ متل مانڌاڻ نيٺ اٻري ٻاهر نڪري پئي، مشاعرن جون محفلون مچي ويون. پهريون استاد پنهنجو تخلص ” آسي“ ۽ ”دردي“ استعمال ڪيو پر پوءِ جلد ئي پاڻ کي استاد سڏائڻ تي رضامند ٿيو.استاد جي شاعريءَ جي ڪچي ڪلي کڙي گل ٿي پئي، جنهنجي خوشبو سموري سنڌ ۾ واسجي وئي. استاد ڌرتي، دل وارن ۽ سونهن جو شاعر بڻجي ويو. سندس گيت نگر نگر گونجڻ لڳا. سچ ته استاد جي شاعري ۾ سلاست، بلاغت ، جماليات ۽ هر اُها خوبي موجود آهي، جيڪا علم ادب جي دنيا ۾ هڪ شاعر کي اعلى درجي ۽ مقام تي آڻي بيهارڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. استاد جي شاريءَ مان جماليات ايئن اڀري نڪري ٿي جو محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هاڻي هاڻي سونهن مشڪ عنبر سان وهنجي سهنجي ريشم جو ڀرت ڀريل رنگين پڙو اوڙهي آئي آهي. استاد نه صرف سونهن پرست هو پر ڌرتيءَ کي پنهنجي سرتي بڻائي ويٺو هو. ياد ٿو اچي ته استاد پنهنجي ڪتاب ” ڌرتيءَ ــــــ سرتي“ جي ارپنا ڪجھه هن طرح ڪئي آهي:پنهنــــــــــــــــــــــجي دل جي ناليمنهنـــــــــــــــــــــــجي دل دادو آهيدادو ســــــــــــــــــــــنڌ جي دل آهيسنڌ وري ڪائنات جي دل آهي.ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته استاد رڳو سنڌ لاءِ نه پر سموريءَ ڌرتيءَ جي گولي تي آباد ٽئين درجي جي ماڻهن لاءِ تڙپيو آهي هو سموري ڪائنات جو شاعر آهي پر هن ڪڏهن به اها دعوى نه ڪئي هئي (هاڻي به ڪجھه حال حيات شاعرن جيان) ته هُو شيخ اياز کان وڏو شاعر ۽ لطيف ثاني آهي. استاد ته ڪڏهن به پاڻ کي وڏو شاعر به محسوس نه ڪيو هو هر نئين لکندڙ سان بنا ڪنهن مت ڀيد ۽ فرق ڏيکارڻ جي ايئن ئي سڪ ۽ اڪير وچان ملندو هو ڄڻ پاڻ به انهي ٽهيءَ جو آهي. جڏهن ته اسان جا گهڻا سينيئر جونيئرن کي منهن پري ڪري ٻن آڳرين جو هٿ ڏيندا آهن. ان ڀيٽ ۾ استاد ته هر هڪ کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هو. هو هڪ عظيم شاعر هو. ادبي ڪسوٽيءَ موجب عوامي شاعر ئي سڀني کان وڏو شاعر هوندو آهي ڇو ته عوام جنهن کي گهڻو مان مرتبو ڏي اهو ئي وڏو آهي. وقت ثابت ڪيو آهي ته استاد جي شاعري هر هنڌ، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ۾ ايتري ئي مقبول آهي، جيتري شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري عوام ۾ مقبول آهي. استاد پروفيشنل حساب سان سورنهن سال گلن جھڙن ٻارڙن جي تربيت ڪرڻ کان پوءِ پهريون سيڪنڊري ۽ 1963ع ۾ ليڪچرار ٿيو. هن دوران هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ليڪچرار کان پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو، جنهن تان 60 سالن جي ڄمار ۾ رٽائر ڪيائين. سندن علمي خدمتن عيوض سنڌ سرڪار ڊگري ڪاليج دادو جو نالو استاد بخاري ڊگري ڪاليج رکيو آهي.استاد بخاري نه صرف لائق استاد ۽ سٺو شاعر هو پر هُو هڪ سٺو موسيقار پڻ هو. هن پنهنجي ڪيترن ئي گيتن جون ڌنون ترتيب ڏنيون. استاد سموري حياتي شاعري جي جھول ۾ تازا توانا گيت ڀيٽا ڏنا. شاعري سندن رت ۾ رڌم بڻجي ڊوڙندي رهي. استاد بخاري بلڊ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو هو، سالن کان چنبڙيل ڪينسر جا جراثيم سندس حياتي پيئندا رهيا پر پاڻ ڪڏهن به هانءَ نه هاريائين. مرڪ سندس چپن تان ڪڏهن مٽجي نه سگهي. موت سان وڙهندي استاد لنڊن مان بلڊ ٽرانفريشن به ڪرائي پر موت جو راڪاس سندن حياتي مٿان ٽڪ ٻڌي بيٺو رهيو ۽ نيٺ 9 آڪٽوبر 1992ع ۾ اوچتو ڀڙڪو کائي استاد جي حياتيءَ کي جھپي اڏامي ويو. اها شام سمنڊ ماٺيڻو ٿي ويو، وڻ ٽڻ اداس نظر اچڻ لڳا، پکين جي نڙين ۾ سندن لاتيون اٽڪي بيهي رهيون، سنڌ سموري سوڳوار بڻجي وئي ۽ هينئر جڏهن 19 سال گذري چڪا آهن تڏهن به استاد جي شاعري ساڳي پاٻوهه ۽ شوق سان پڙهي وڃي ٿي. سچ ته ڏات امر آهي. استاد جي شاعري جنهن ۾ استاد نالن جي سولائي، سهل ۽ سليس نالا اهڙا رکيا آهن جو ٻڌڻ سان خبر پئجي ٿي وڃي ته ان جو مفهوم ڇا آهي.جھڙوڪ؛ ”نه ڪم نبريو نه غم نبريو“ ”اوتون جو تون “، ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ “، ”سوچون ڀڻڪا واڪا “، ”ڌرتي سرتي“ ، ”گيت اسان جا جيت اسان جي“، ”ڪاري ڪڪر هيٺ“، ”زندگي زندگي“، ”ماندي ٿيءُ نه مارئي“، ”ولولو ۽ ووڪ “ وغيره.آهي.’’’’’’’’’’’’’’’’اسين پيار ڪرڻ وارا ماڻهو ساجد چانڊيو 1732 اٽيچمينٽ ڏسو هر تخليقڪار جو ڪنهن نه ڪنهن قوم ۽ ڌرتيءَ سان واسطو هجي ٿو، تخليقڪار جنهن ماحول جو رهاڪو هوندو آهي، اهو پنهنجي شاعريءَ ۾ ان ماحول ۽ زندگيءَ جي نمائندگي ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ’شيلي‘ پنهنجي هڪ مضمون ’شاعريءَ جو بچاءُ‘ ۾ شاعر کي ”دنيا جو غير تسليم شده قانون ساز‘ سڏيو آهي. هڪ سچو شاعر آهي به اهو ئي، جيڪو پنهنجي ڌرتي، اتان جي رهندڙ ماڻهن جا درد پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪرڻ کي پنهنجي فرض ۾ سمجهي ٿو، جنهن به شاعر جي شاعريءَ ۾ پنهنجي ڌرتي، اتان جي ماحول، ماڻهن جي ڏک، سور، درد جي ڳالهه نه آهي، اهو شاعر پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ سان بيوفائي ڪري ٿو ۽ ان جي شاعريءَ جو ڪو به ڪارج نه رهي. ’ايمليڊڪنس‘ شاعر لاءِ ڪيڏا نه خوبصورت لفظ چيا آهن ته: شاعر ديپ جلائين ٿا،۽ پاڻ وسامي وڃن ٿا،پر سندن ٻاريل چراغ،جيڪڏهن تابانيءَ سان روشن آهي،ته سچ جي مهارت سان،هر دؤر کي هڪ آتشين،شيشو ڏئي ڇڏيندا آهن،جيڪو سندن سوچ جو گهيرو،ڦهلائيندو رهندو آهي.ايئن ئي اسان جي ڌرتي به تخليقڪارن جي ڌرتي آهي. ڌرتيءَ جي خمير مان جنم وٺندڙ تخليقڪار، ڌرتيءَ جهڙو ئي حسن رکن ٿا. استاد جون تخليقون سندس دائمي وجود جو دليل آهن. پنهنجي مٽيءَ جي خوشبوءِ سان محبت ڪندڙ هي شاعر محبت جو شاعر هو. ڌرتي ۽ ڌرتي وارن جو شاعر هو. هونءَ ته مٽيءَ جي چپٽي آهيان،جيئي سنڌ ته ڌرتي آهيانسنڌ جي ناليواري شاعر استاد بخاريءَ جو اصل نالو احمد شاهه پٽ سيد حاجن شاهه هو. سندس جنم 16 جنوري 1930ع تي تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ غلام چانڊيي ۾ ٿيو. 1944ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪري، 1947ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. 1967ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي بهترين ۽ جديد سنڌي شاعرن ۾ پهرينءَ صف جو شاعر هو. سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾: ’گيت اسان جا جيت اسان جي‘ (1971ع)، ’هي گيت گلابي ٻارن جا‘ (1980ع)، ’اوتون جوتون‘ (1985ع)، ’ڪوڪڻ يا ڪلياڻ‘ (1986ع)، ’سوچون، ڀڻڪا واڪا‘ (1990ع)، ’لهر لهر دريا‘ (1990ع)، ’ڪاري ڪڪر هيٺ‘ (1991ع)، ’ڌرتي سرتي‘ (1991ع)، ’زندگي زندگي‘ (1992ع)، ’نه ڪم نبريو نه غم نبريو‘ (1993ع)، ’جستجو لاتقنطو‘ (1993ع)، ’ماندي ٿيءُ نه مارئي‘(1994ع)، ’ولولو ۽ ووڪ‘ (1994ع)، ’ميلا ملهالا‘ (1996ع)، ’وطن ۽ ويساهه‘ (1997ع)، ’گلدستي ۾ گيت‘ (2007ع)، ’بخاريءَ جا قطعا‘ (2008ع)، ’پير نه هٽن پوئتي‘ (2007ع)، ’ڌوڙ دل تي درد جي‘ (2007ع)، گهڙيا سي چڙهيا‘ (2007ع)، ’هي گجرا هي گولا‘ (1997ع)، ’هڙئي هيج وطن جا‘ (1998ع)، ’لهري لهري ۾ لالاڻ‘ (1998ع)، ’ڳائي پيو جاڳائي پيو‘ (1999ع) ۽ ’تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان‘ (سرائڪي شاعري- 2001ع) شامل آهن. جڏهن ته استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي لغت ”اکر اکر آرسي“ عنوان سان عزيز ڪنگراڻيءَ تيار ڪئي آهي، جيڪا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2009ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي.سنڌي زبان جو هيءُ ٻهڳڻو شاعر آخري عمر ۾ ڪينسر جي موذي مرض ۾ وٺجي ويو ۽ انهيءَ مرض سبب 9 آڪٽوبر 1992ع تي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ وفات ڪيائين. سندس شخصيت ۽ فن تي تاج جويي جو ”قوم چوي ٿي ٻول“ نالي ڪتاب سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد پاران 1993ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس زندگيءَ ۽ فن تي ٻيو اهم ڪتاب نوجوان اديب علي دوست عاجز ”آديسي استاد“ نالي لکيو آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران سال 2005ع ۾ ڇپيو آهي. ان کان سواءِ استاد بخاريءَ جي نثري لکڻين، انٽرويوز، مهاڳ وغيره تي مشتمل ڪتاب آزاد انور ڪانڌڙي ترتيب ڏئي ”سمي دريا، سمي صحرا“ عنوان سان ڪويتا پبليڪيشن پاران 2007ع ۾ ڇپايو آهي.استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي هر سٽ ۾ جاڳ ۽ سجاڳيءَ جا اهڃاڻ موجود آهن، سندس شاعريءَ ۾ مارو ماڻهن جا ڏک، درد، سور به سمايل آهن ته خوشين جا جمالا به! استاد بخاريءَ وٽ سنڌ ۽ سونهن محور هئا. سندس گيتن جي گونجار گنجي پاتل غريب توڙي سهولت ۽ عياشي واري زندگي گذاريندڙ امير ماڻهن تائين پهتل آهي. استاد جتي حسن جو طواف ڪندڙ شاعر هو، اتي ڌرتيءَ تي سِرُ ڏيندڙ شاعر پڻ هو. استاد بخاريءَ پنهنجي لاءِ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”مون کي ننڍي هوندي کان ئي لکيل سبق تي عبور حاصل هوندو هو، يعني فقط اهو سمجهندو هوس ته اهو سچ لکيل آهي، پر چوندو هوس ته ايئن ضرور ٿيڻ به گهرجي.“ ان ايمان ئي منجهس هڪ تخليقي قوت پيدا ڪئي، جنهن جي ذريعي هن اکر اکر ۾ ساهه ۽ سٽ سٽ ۾ اتساهه جا رنگ ڀريا.لفظ ڄام به ٿين ته ڄامڙا به! قدآور به ته ڪوتا قد به! ڇو ته اهي ماڻهن وٽ پيدا ٿين ۽ پلجن ٿا، پر جڏهن لفظ شاعر وٽ پيدا ٿين ۽ پلجن ته لفظ پنهنجو پاڻ ڳالهائڻ لڳندا آهن. خوبصورت لفظ شاعريءَ جي حسن کي ائين ئي حسين بڻائن ٿا، جيئن مهندي رتا هٿ ۽ سونا ڳهه ڪنهن ڪنوار جي حسن کي نکاريندا آهن. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ جتي ڪيترائي لفظ ’موناليزا‘ جي مرڪ کان وڌيڪ پرڪشش آهن ته اتي ئي سندس گيت روپلي ڪولهي، هيمون ڪالاڻي ۽ هوشوءَ جي بدل به آهن.هڪ پنهنجي آجي تر لئه، ٻيو سهڻا تنهنجي سِر لئه،تڪرار ڪرڻ وارا ماڻهو، اسين پيار ڪرڻ وارا ماڻهو.استاد بخاريءَ پنهنجي زندگيءَ جي هر پل کي حسن، انساني زندگي ۽ آزاديءَ کي ارپي ڇڏيو. استاد هاڻي سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ عظمت جي علامت بڻجي چڪو آهي. سندس هر گيت ڌرتي ڌڻين لاءِ وڏو سهارو ۽ وڏي وٿ آهي. شيخ اياز لکيو آهي ته: شاعر جي سماجي ذميواري اها آهي جو سندس خواب ڪڏهن به نڪما نه ٿين“. استاد بخاريءَ جي شاعريءَ کي ملندڙ مڃتا، انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته استاد هردم زندهه رهندو، جيسين پنهنجي ٻولي، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجا ماڻهو زندهه آهن.جو قد جيئاري، اهو جيئندو رهندو.جو عام اجاري، اهو جيئندو رهندو.مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي.جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهندو.استاد بخاري پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي ڪافي عوامي مقبوليت حاصل ڪري ورتي هئي، استاد جي شاعري اسان لاءِ روشن مشعل آهي. سندس شاعريءَ سان اسان الائي ڪيتريون حياتيون روشن گذاري سگهون ٿا. استاد بخاري سنڌي ادب ۾ ڪنهن گهاٽي نم جي ڇانَوَ کان هرگز گهٽ ناهي. سندس ڪوتائون اسان لاءِ آزاديءَ ڏانهن ويندڙ گس آهن. ڪنول گل مان ڪو ڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو.بخاريءَ کان دوکو، نه ٿيندو نه ٿيندو.ملهائي ٿڃ نه جي جيجل جي لوڪو،اهڙو ڪوئي ٿوڪو نه ٿيندو، نه ٿيندو.’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’سنڌو جي اٿل سمجهه عقيدا منهنجا 1733 اٽيچمينٽ ڏسو استاد بخاري جو پورو نالو احمد شاه بخاري هو. سندس جنم دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاه جي گهر ۾ ٿيو . شروعات ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان ڪم ڪيائين، بعد ۾ ڪاليج ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ پروفيسر ٿي دادو جي ڊگري ڪاليج مان رٽائرڊ ٿيو۔. استاد بخاري 1950ع کان باقاعده مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو ۽ سندس شعر مختلف رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. استاد بخاري جي سڃاڻپ هڪ عوامي شاعر جي حيثيت ۾ پوري سنڌ ۾ ٿي، سندس ڇپيل شعري مجموعن ۾ ” ڪوڪڻ ۽ ڪلياڻ“، ”ڪاري ڪڪر هيٺ“، 1991ع ، ”ڌرتي سرتي“ 1991ع ” نه ڪم نبريونه غم نبريو“، 1992ع، ”زندگي زندگي“ 1992ع ، ”پير هٽن پوئتي” 1992ع، ” اوتون جوتون“ 1994ع ” ماندي ٿي نه مارئي“ 1994ع، ولولو ۽ روڪ“ 1994ع، ”وطن ۽ ويساهه“ 1997ع ، ” هر ئي هيڄ وطن جا“ 1998ع، ”ٿڙ ٿڙ تيڏيان ڳالهايان“ (2000)، ”گهڙيا سي چڙهيا“ (2001)، ” گيت اسان جا جيت اسان جي“، ”لهر لهر دريا“، سوچون ڀڻڪا واڪا“، ”گيت گلابي ٻارن جا“، ” ميلا ملهالا“، ” لهر لهر ۾ لالاڻ“، ڳائي پيو جاڳي پيو“، ”گلدستي ۾ گيت“ ۽ ٻيا مجموعا آهن۔. استاد بخاري سنڌي شاعري ۾ هڪ وڏو نالو آهي، هو شاعري جي افق تي عوامي ترجما نگار جي حيثيت سان اڀريو. سندس شاعري عشق، حسن ۽ قوميت جو سنگم آهي. راشد مورائي سندس شاعري لاءِ لکي ٿو ته ” استاد بخاريءِ سونهن، سچ ۽ پيار جو شاعر آهي ۽ انهن موضوعن کي نهايت سادي، سولي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ اهڙو ته خوبصورتي سان پيش ڪيو اٿس، جو سندس شاعري ۾ چمڪ پيدا ٿي پئي آهي، ” استاد بخاري حسن ۽ عشق مان وڏو اتساهه ٿو وٺي، هو حسن ۽ عشق کانسواءِ زندگي جو تصور اڌورو ٿو سمجهي۔.او عشق نه ڇڃ مون کان، او سونهن نه ڇڏ پاسونه ته مان ڊڄان ٿو پيو هن هانءُ جي دهڪن کاناستاد بخاري لفظن ۾ ساهه ڀرڻ سان گڏ لفظن ۾ جادو به ڀري ٿو. لفظ استاد اڳيان ڇيرو پائي نچندا نظر اچن ٿا. سندس شاعري جي سٽ سٽ ۾ حسن ۽ عشق جو پيغام آهي. هو چوي ٿو ته ؛زندگي تي ناهي ڪوئي ڀروسو،حسن کي پوڄي وٺو پوجي وٺوڪائنات حسن ۾ هلندو وتان،ڄڻ ته بحر حسن ۾ ترندو وتان،حسن کي ڏسندو وتان ٺرندو وتان،حسن ٿو ڏئي استاد ڏاڍو مزواستاد حسن جي ڪائنات ۾ گذاريندي، وڇوڙو، رسڻ، پرچڻ، چوٽ، درد، سور، سوز، انتظاري، بيقراري جهڙين ڪيفيتن مان گذري ٿو. دل تي درد سهندي، برهه مان باهه ٻارڻ جو ڪيڏو نو سهڻو اظهار ڪيو اٿائين.جيءُ جنهن کي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليمچوٽ ڏاڍي رسيم، پر ڪيم درگذرڪيس ڪيڏا ڪيئي حسن جي انڌ تيباهه ٻاري وڌءِءِ هانءَ جي هنڌ تيغير جي پنڌ تي پير تنهنجا ڏٺمچوٽ ڏاڍي رسيم، پر ڪيم در گذرڪو به اديب، شاعر، سگهڙ يا سياستدان پنهنجي قوميت کان دستبردار نه ٿيندو آهي. ڪيڏا به ساڻس ها ڃا ٿين، ليڪن انساني سڃاڻپ قوميت سان ئي منسوب آهي. استاد بخاري جا گيت، غزل، وايون ۽ باقي سڀ صنفون سنڌ ڌرتيءَ جي قوميت جي رنگ ۾ رنگيل آهن، ڇو جو خودئي وڏي واڪي چيو اٿائين ته؛اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندواستاد بخاري کي کڻي دفن ڪيوڌرتي کان مگر ڌار، اهو ڪيئن ٿيندوسنڌ، جيڪا ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين پکڙيل آهي، ان لاءِ ”استاد“ چوي ٿو ته؛سنڌو جي اٿل سمجهه عقيدا منهنجا،منڇر جا ڪنول سمجهه عقيدا منهنجامهراڻ ۽ منڇر جي لٿل ٿا ڏسجناولاد لٿل سمجهه عقيدا منهنجااستاد کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان محبت آهي، هتان جي ماروئڙن، جهانگيئڙن جا حالات زار ڏسي هو بي چين ٿي پوي ٿو؛مان ڪيئن سيج سمهان، منهنجا ماروئڙامنهنجا سانگيئڙا، پڌر پٽ سمهنتنهنجي ميزن تي، سهسين کاڄ اچنکائن ڪانگ ڪتا، جوٺا جام بچنمان ڪيئن لوڻ چکان، منهنجا ماروئڙامنهنجا سانگيئڙا، روزا روز رکناستاد بخاري خاموش ٿي ويهي رهڻ کي غلط ٿو سمجهي، سنڌ جي مسئلن لاءِ وڙهڻ جي ترغيب ڏئي ٿو، هو مرشد جي فيض ۽ ڌرتيءَ لاءِ حق وٺڻ لاءِ چوي ٿوسون مرشد کان ڳنهي وٺبو آفيض مرشد کان وٺبو آجو به سمجهو اوهان جو حق آحق مڙسي سان ڇني وٺبو آاستاد بخاري هن ڌرتي جو نظرياتي سوچ وارو دانشور ۽ انقلاب جي علامت آه، ڪنهن وڏي منزل تي رسڻ تائين اهو ئي چوڻ به حق ٿو سمجهي ته؛جو قوم جياري جئندو رهندو،جو عام اجاري اهو جئندو رهندومون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهيجو سنڌ سنواري اهو جئندو رهندواستاد بخاري جتي حسن، عشق ۽ قوميت جي ڳالهه ڪري ٿو، اتي بين الاقوامي امن، انسانيت کي به نٿو وساري، ڇو جو سندس شاعري صرف سنڌ جي سرحدن تائين محدود نه آهي. نفرت کي لعنت ٿو سمجهي، ذاتين، مذهبي فرقي بازن کي انسانيت لاءِ هاڃو ٿو سمجهي؛ٿو ٿو ٿو ٿو، نفرت نفرت هيڙو هيڙو لعنت لعنتظلم جي هي ڇيڙ، جوڳي، جهٽ ڪر، ڇيڙون ڇيڙاڪلفت فتنا ۽ ناسازيون ذاتيون مذهب فني بازيونسڀ تي پيار پکيڙ، جوڳي جهٽ ڪر ڇيڙون ڇيڙاجڏهن دنيا ۾ ايٽم بم جي ايجاد سان وڏي پيماني تي تباهي ٿيڻ لڳي، تڏهن استاد چوي ٿو ته ؛ايٽم هٿ ۾، انسان بڻيو، انسان جو ويرييا ڪندا هي دنيا تنهنجو ڍينگوئي ڍيريمطلب ته استاد پنهنجي سچ، سونهن، حسن، عشق، قوميت ۽ بين الاقواميت جي موضوعن سان سنڌي شاعري کي عظمت ۽ انفراديت بخشي . سندس شاعري جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته اها وڏي پيماني تي ڳائي وڃي ٿي ۽ ٻڌي وڃي ٿي سندسن شاعري جي عظمت ان وقت اڃان به وڌي وڃي جڏهن ان ۾ عوامي ترجماني جا سڀئي پهلو ملن ٿا
استاد بخاري جي اربع 16 جنوري2013ع تي سالگره آهي،ان بابت ”سنڌ سلامت“ جي محبتي دوستن کي سڏ ٿو ڏجي ته اهي سنڌ جي هن ساهتي سورمي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪن
”بخاري، غير حاضر ٿو رهين يارن جي محفل ۾“اهو ڇوٿا هڻو ايڏو وڏو الزام ۽ منهن تياوهان ويٺا ته آهيو دوست منهنجي ديد ۾ دل ۾ سنڌ جي سونهن، سنڌ جي سچي قومپرست شاعر استاد بخاري کي سندس جنم ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔ سونهن پرست بخاري جي شاعري ۾ بس سنڌ ۽ پيار ئي ته ملي ٿو۔ جو قوم جيئاري، اهو جيئندو رهندو.جو عام اجاري، اهو جيئندو رهندو.مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي.جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهندو.
اسان جو به ڪوشش آهي ته پرڏيهه ۾ اهڙو هڪ تنظيم تيار ڪريو جيڪو استاد بخاري جهڙن مهان شخصيتن کي سالگره توڙي ورسي تي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ هنن جي ناءِ شام ملائڻ جو پڻ بندوبست ڪريو ۽ هنن جو پيغام هر هڪ سنڌي تائين پوهچائڻ لاءِ ڪم ڪري،
اسين اڌ ـــــــــ ڍاوا، اوهين وڌ ڍاوا، اسين ڦٿڪون ٿا اوهين ڦاٽو ٿا. ڪٿ پينگھي پاليل اَنگ اَٻل، ڪٿ تڙڪي تاتيل جُنگ جبل، اسين باهه ـــــــ بَٺا، اوهين نازڪڙا، اسين تڙپون ٿا، اوهين تپجو ٿا. اسين رِيءَ سنڀال ڪروڙن ۾، اوهين پهرن هيٺ به خطرن ۾، اسين ٽوهه ڪڙا، اوهين گسَ ـــــــــــ گدرا، اسين پکڙون ٿا، اوهين پٽجو ٿا. اسين بيٺا آهيون لوهه لڳا، اوهان ڪوهه پري ته به ڇرڪو ٿا، اسين سَچ ـــــ عصا، اوهين ڪَچَ ـــــــ ڪاوا، اسين ٽڪرون ٿا، اوهين ٽِڙڪو ٿا. استاد بخاري