معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بهتريءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ نياڻي
سونهن لڌي رستماڻي
1735 اٽيچمينٽ ڏسو 1734 اٽيچمينٽ ڏسو
سونهن لڌي رستماڻي جو جنم 30 آگسٽ 1992ع تي واهي پانڌيءَ جي ڳوٺ غيبي خان رستماڻي ۾ ٿيو، پرائمري تعليم مهراڻ يونيورسٽي پبلڪ اسڪول ڄامشوري، ميٽرڪ روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ڪراچي، انٽر گلشن ڊگري ڪاليج ڪراچي، جڏهن ته انڊر گريجوئيٽ ايڪسچينج جي اسڪالرشپ تي پينسيلوينيا جي ڪلرين يونيورسٽي جو پنڌ ڪيو، سندس پيءُ ڊاڪٽر ڪرم رستماڻي ۽ امڙ زاهده پري سونهن رستماڻي کي مرڳو هڪ پٽ جيان پاليو پر هن سان گڏوگڏ هن جي تربيت به ڪجهه اهڙي انداز سان ڪئي آهي جو اڄ هوءَ ننڍي عمر جي نوجوان (شاگردن) جي ڀيٽ ۾ ملڪي سياست، علمي، ادبي ۽ سماجي حالتن جو تمام گهري نظر سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪري ٿي، هو مرڳو عملي طرح سماجي سرگرميون جاري رکي ٿي پر ان سان گڏوگڏ مشاهداتي طور تي انهن کي پروڙي ان جي حل ۽ حاصلات لاءِ قلم جو سهارو وٺي مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ مضمون وغيره به لکندي رهي ٿي. سونهن لڌي رستماڻي ذهين شاگردياڻين مان هڪ آهي، جنهن جي وجود ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ دل ڌڙڪي ٿي، اهڙين نياڻين کي جيڪڏهن اڳتي آندو وڃي ته هو ملڪ ۽ عوام لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿيون، هن جي والدين ته پنهنجو فرض هن نياڻي کي پڙهائي دنيا ڏيکاري پنهنجو فرض پورو ڪيو، باقي ارباب اقتدار ۽ ڪرتا ڌرتا هن نياڻي جي ڪيتري ۽ ڪهڙي سهائتا ڪن ٿا۽ هن کي ڪيترا وسيلا مهيا ڪن ٿا، ته جيئن هي پنهنجي سماجي ڪمن کي اڳتي وڌائي سگهي. هو جڏهن يو ايس اي مان واپس پهتي ته هن ذهين سنڌياڻي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، جيڪا هن ريت آهي
چيم:سونهن!توکي سڌريل ملڪن ۽ هتان جي ملڪ جي تعليمي نظام ۾ ڪهرو فرق ڏسڻ ۾ آيو؟
چيائين: اسان وٽ تعليمي ادارن ۾ جيڪو پرتشدد سياسي رجحان ڪاهي پيو آهي، ان نه رڳو شاگردن جي ذهني تربيت توڙي استادن جي صلاحيتن کي به مونجهاري جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي يو ايس اي جي ڪلرين يونيورسٽي ۾ جيترا ڏينهن به مون گذاريا، تنهن دوران اتي ڪنهن به سياسي پارٽي يا تنظيم جو ڪو جهنڊو نظر نه آيو ۽ نه وري اسان جي مادر علمين وانگي اتي روزاني احتجاجي جلوس نظر ايندا آهن، اهڙي ڪا به سرگرمي اتي نظر نه آئي، جنهن ۾ ڪو پرتشدد واقعو پيش آيو هجي،
چيم:سنڌ جي مادر علمي ادارن ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
چيائين: سنڌ ۾ جيڪڏهن تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻو آهي ته سڀ کان پهرين روين ۾ تبديلي آڻڻِي پوندي، ذهن مان جاگيرداريت جا جيوڙا ۽ جراثيم ڪڍڻا پوندا ۽ مادر علمي ادارن ۾ مئچوئر شاگرد کي نظرياتي سياست ڏانهن راغب ڪيو وڃي ته اتي تعليم جي ميدان ۾ انقلابي تبديليون اچي سگهن ٿيون،
چيم:ڇا سنڌي نياڻيون تبديلي نه ٿيون آني سگهن؟
چيائين: سنڌي نياڻين کي جيڪڏهن اعلى تعليم جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ائون دعوى سان چوان ٿي ته سنڌ جي نئين نسل جون نياڻيون تمام گهڻو اڳتي نڪري سگهن ٿيون. چيم:سياسي ماحول کي توهان ڪيئن محسوس ڪيو آهي؟
چيائين: سياست جيڪڏهن عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪئي وڃي ته سياست خدمت ڪرڻ جو بهترين پليٽ فارم آهي ۽ جيڪڏهن سياست کي رڳو اسان پنهنجي مفادن ۽ حاصلات جو محور بڻايون ته اهڙي سياست جو ڪو به ڪارج نه ٿو رهي ۽ ان سياست کان سماجي ڪم وڌيڪ اهميت رکن ٿا، جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ مسڪين ۽ بي پهچ بڻيل سماج جي بهتر خدمت ٿي سگهي ٿي،
چيم:پرڏيهه ۾ سنڌ بابت ڇا خيال آهي؟
چيائين: جڏهن مون يو ايس اي جي ڪلرين يونيورسٽي ۾ سنڌي سماج جي حوالي سان هڪ ليڪچر ڏنو ته اتي موجود ڪجهه استادن ۽ شاگردن وڏي حيرانگي محسوس ڪندي مون کان سوال ڪيا، سنڌ ۽ پاڪستان جو تصور جيڪو اتي ماڻهن جي ذهن ۾ آهي، توهان ان کان تمام مختلف (ڏيکاري) پيش ڪري رهيون آهيو ته مون کين چيو ته ناانصافي اها آهي ته اسان وٽ ڪڏهن به عام ماڻهن کي مڃتا ناهي ملندي، جيڪڏهن عام حالتن ۽ عام ماڻهن جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو وڃي ها ته اڄ صدين جي تاريخ رکندڙ ڌرتي ترقي ۽ تعمير ۾ سڀ کان اڳ ڀري هجي ها، پر تنهن هوندي به هر ماڻهو تمامبهتر نموني پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت جي حفاظت ڪري رهيو آهي،
چيم:سنڌي نياڻي ٿي ڪري پرڏيهه ۾ پڙهڻ دوران تڪليفون ۽ سماجي محروميون ته پلئه پيون هونديون؟
چيائين: منهنجي لاءِ اهو اعزاز آهي ته ڪراچي يونيورسٽي مان آئون پهرين سنڌياڻي آهيان، جنهن پنهنجي محنت سان اعلى تعليم لاءِ اسڪالرشپ ورتي ۽ شايد منهنجي امڙ ۽ والد جي تربيت ۽ دعائن جو ان ۾ عمل دخل به آهي، جن مون کي ان قابل بڻايو جو آئون هزارين شاگردن مان اڪيلي چونڊجي وئي هيس،
چيم:ڀلا !يونيورسٽي جي ماحول مان مطمئن آهين؟
چيائين: يونيورسٽين ۾ جيڪو هاڻ ماحول مچيو آهي، اهو ايندڙ وقت ۾ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن شاگردن اهو محسوس نه ڪيو ته مادر علميون صرف علم حاصل ڪرڻ لاءِ آهن نه ڪي عشق ۽ محبتن جون آماجگاهون، ته سنڌ جي تعليم تي وڏو اثر پوندو. محبتون مزاجي تسڪين لاءِ آهن پر درسگاهن ۾ رڳو علم حاصل ڪجي ته بهتر ٿيندو،
چيم:سونهن سنڌ واسين کي ڪو سنديش ڏيندينءَ؟
چيائين: ها ڇو نه! جيڪڏهن حالتون ۽ وقت مهربان ٿيو ته آئون پنهنجي سماجي ڪمن کي ترجيح ڏيندي هڪ اهڙي تنظيم جوڙڻ جي خواهش رکان ٿي، جنهن ۾ انتهائي پٺتي پيل علائقن جي نياڻين جي تعليم تي ڪم ڪيو ويندو،