• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نه ڪم نبريو نه غم نبريو

شيرين

سينيئر رڪن
نه ڪم نبريو نه غم نبريو، جو نبري ويو سو دم هوندو،
جو نکري پيو سو سچ سمجهيو، جو وکري ويو وهم هوندو۔
تکو گهوڙو ڊڪي ڪيڏو، نظر هسوار جي اڳتي،
زمانوتيز تنهن کان تيز تر، پنهنجو قدم هوندو۔
اسان جي شاعري کي انقلابي دور ۾ کڻجو،
جڌهن هر لفّظ پرچم، هر غزل اونچوعيلم هوندو۔
تَشا” واري لِڪل تقدير۔ نه تو سمجهي نه مون سمجهي،
جي ڪجه سمجهي ته هي سمجهي: عمل احسن اُتم هوندو۔
ڪا ڪِٿ ليلا ڪو ڪِٿ مجنون۔ ڪو ڪٿ گهرجي ڪو ڪِٿ گهربل،
ڪا ڪنهن جي لئه اهم هوندي، ڪو ڪنهن جي لئه اهم هوندو ۔
بخاري کي اوهان سڀني کان يارو مان گهڻو ڄاڻان،
ڀلو جي ٿائرن سمجهو ته رهجي ويو ڀرم هوندو۔
(استاد بخاري)
 
هاي ڪم ۽ غم شل ڪا مار پوئي ڪڏنهن نبرندين؟ ۔۔۔تمما بهترين شاعري استاد جي ۽ ان چونڊ کاء اوهان جا لک ٿورا
 
چوان ٿو ته توکان ڇڏيان موڪلائي، متان اوچتو مان وڃان موڪلائي۔

بخاري صاحب هڪ سهڻي اخلاق وارا سهڻا شاعر هئا،سندس شاعري عوامي زبان ۾ ڪيل آهي جنهنجي ڪري کيس عوامي شاعر لقب پڻ ڏنو ويو آهي۔۔استاد بخاري ڪچهري جا ڪوڏيا ۽ محفل جا مور هوندا هئا ڪڏهن هوٽل ۾ ته ڪڏهن روڊ رستن تي ماڻهن سان پيا ڪچهري ڪندا هئا. سندس شاعري جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي۔سندس شاعري سنڌ جي ٻچي ٻچي کي ٻڌڻ تي مجبور ڪندي آهي، بخاري صاحب نه صرف سونهن جا شاعر هئا، مگر پاڻ هڪ قوم پسند شاعر سان گڏ بهترين موسيقار پڻ هئا، ۽ پاڻ پنهنجي شاعري جون ڪيتريون ئي ڌنون پڻ تيار ڪيون هئائين، جيڪي اڄ به سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڏي چاهه سان ننڍا توڙي وڏا ٻڌندا رهن ٿا۔استادبخاري جي وري اهيا خوش قسمتي چئبي جو کيس سندس شاعري کي خوبصورت انداز ۾ڳائڻ وارو سنڌ جو مشهور راڳي منظور سخيراڻي دادو شهر ۾ ئي ملي ويو. جنهن سندس جي شاعري کي پوري سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ۾ پنهنجي جادوئي آواز ۽ انداز ۾ عام ڪري ڇڏيو. منظور جو انداز ۽ سڃاڻپ ڪجهه الڳ ئي حيثيت رکي ٿو جنهن استاد جي شاعري کي وري چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏ يا.
196972_1691067834926_5696497_n.jpg
نوٽ استاد بخاري جون يادگار تصويرون ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو
 
Back
Top