ماڻهو!!!

'سنڌي شاعري' فورم ۾ نجم الدين ڪنڀر طرفان آندل موضوعَ ‏23 نومبر 2009۔

  1. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڻهو کي ٿو کائي ماڻهو!!!​


    1 ماڻهو کي ٿو کائي ماڻهو، آهي ڪو سمجهائي ماڻهو.
    آخر ڇاٿو چاهي ماڻهو ؟ مون کي اڄ ٻڌائي ماڻهو.
    2 ضمير اسانجو ستل آهي، جهيڙو ملڪ ۾ متل آهي،
    قتل تي اڄ قتل آهي ، ڪنهن کي اڄ ٻڌائي ماڻهو.
    3 محبت مروت مان لڏيو آ ، علم ادب حياء ُ ڇڏيو آ ه ،
    باقي ا ڄ هت ڇا بچيو آه ، سنگت کي سڻائي ماڻهو.
    4 انسان اڄڪلهه ڀٽڪيل آهي، ڪاوڙ ۾ ته ڪٽڪيل آهي،
    حوس راهه ۾ اٽڪيل آهي، جنهن کي ڪوئي ڊاهي ماڻهو.
    5 نفس پرستي جو ذڪر آهي، ملت جو ڪو فڪر ناهي،
    پر نا اميدي ڪفر آهي ، رب ٿو هي سڻائي ماڻهو.
    6 ڪاوڙ ڪلفت مٽائي جيڪو، حسد هوڏ ڀڄائي جيڪو،
    پنهنجو پاڻ بچائي جيڪو، پيار جا گيت سڻائي ماڻهو.
    7 نئين نسل کي ڇوٽ ٿا ڇوڙيون، تعليم جو ٿا ٻيڙو ٻوڙيون،
    پنهنجو پيا ٿا ڪيتو لوڙيون، ڪو ساٿين کي سمجھائي ماڻهو.
    8 امير غريب ته سڀڪو ويندو، نيٺ ته آخر ڇيڙو ٿيندو،
    باقي رب جو نالو رهندو، آخر لا ڪو ٺاهي ماڻهو.
    9 جڏهن ملڪ مٺي ۾ جھيڙو ٿيندو، خلق اتي اچي ڀيڙو ٿيندو،
    ”ڪنڀر“ تنهن مان ڪهڙو ٿيندو. سچ سڀن سڻائي ماڻهو.
    10 تنهنجي منهنجي نيت کوٽي، ڪم جا آهيون سڀئي ٽوٽي،
    ”ڪنڀر“ اڄ تون ڪر ڪسوٽي،” ٺڪر“ کي جيئن ٺاهي ماڻهو.​
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب شيئرنگ آهي ادا نجم الدين ڀاءُ
    توهان جي شيئرنگ هر دفعي سان مختلف رهي آهي

    بهترين ڪوشش آهي ادا
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    تمام تمام تمام سُٺو نظم آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جي سمورن دوستن کي مُبارڪون هُجن ته ادا نجم الدين ڪنڀر هڪ بهترين شاعر اسان جي سٿ ۾ شامل ٿي ويو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا نجم الدين ڪجهه پنهنجي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ ٻُڌايو تعارف واري شعبي ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اصل ڪٿي جا، تعليم ڪيتري، ڇا ڪندا آهيو؟ مشغلو، ۽ اسان جي هن محبتي اڱڻ سنڌ سلامت جو ڏس پتو ڪنهن ڏنو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جي واندڪائي هُجي ته ڪجهه حال احوال ونڊي سگهو ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔ شال جُڙيا هُجو۔۔۔۔۔ پنهنجي پيارن سان۔۔۔۔۔
    توهان جو دعاڳو
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    بهترين خيالن تي مشتمل لفظ آهن ۔۔۔۔ محترم نجم الدين صاحب سنڌ سلامت کي فخر آهي توهان جهڙو قابل شاعر اسان جي سٿ ۾ شامل آهي۔۔۔ اميد ته پنهنجي اهڙن خوبصورت لفظن کي سنڌ سلامت جي زينت بڻائيندا رهندا۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو