تعليم جي تباهيء جا اصل ڪارڻ

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ شعيب محمد طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2013۔

  1. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    تعليم جي تباهيء جا اصل ڪارڻ

    شعيب محمد

    ڏٺو وڃي تہ هن وقت سنڌ جي تعليم جي حالت تمام گهڻي خراب آهي .پر اها خراب حالت بہ ڪن ڪارڻن جي ڪري آهي جيڪڏهن اسان مجموعي طور تعليم جي تباهيء جي سببن کي ڏسنداسين تہ تمام گهڻا سبب نظر ايندا جن ۾ ڪاپي ڪلچر تعليم جو تبقاتي فرق تعليمي ادارن ۾ سياست ڪرپشن گهٽ حآضري سرفهرست آهن .پر انهن سڀني سببن هوندي تمام گهڻي سوچ ويچار کان بعد مان تعليم جي تباهي جي اصل سببن کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ مون کي تعليم جي تباهي جا ذميوار ٻہ سبب معلوم ٿيا .جن ۾ پهريون ڪاپي ڪلچر ۽ ٻيون نوڪرين ۾ ميرٽ جو قتل عام آهي .۽ تعليم جي تباهيء جا ٻيا سبب انهن ٻن سببن جي ڪري آهن بنيادي طور اهي ٻہ سبب ئي ذميوار آهن .هاڻي اچو تہ انهن ٻن سببن جي ڪري تعليم جي ٿيندڙ نقصان جو جائزو وٺئون .ڪاپي ڪلچر کي هڪ ڪينسر سان اگر تشبيع ڏجي تہ غلط ڪانہ ٿيندو ۽ ان جهڙي بدررين ڪينسر جو مثال اسان کي سڄي دنيا ۾ ڪا نہ ٿو ملي. سڄي دنيا ۾ ههڙي ويڌن جو تصور بہ ڪانهي ڪو جتي سڄو سال نہ پڙهڻ وارو تمام سٺن نمبرن ۾ پاس ٿئي پيو ء پڙهڻ واري کي بنهنجو حق ڪا نہ ٿو ملي استاد بہ سڄو سال ان فهم ۾ مبتلا هوندا آهن تہ پڙهايون يا نہ پڙهايون ڪو فرق ئي ڪا نہ ٿو پوي هونئن ئي امتحان ۾ ڪاپي ڌوم تي هلندي پاڻئي شاگرد پاس ٿي ويندا.ڪاپي ڪلچر جي ڪري ان ڳالھ جي تہ خبر پوندي ئي ڪا نہ آهي تہ ڪهڙي سبجيڪٽ ۾ شاگرد گهٽ پاس ٿيا ۽ ان جو سبب ڪهڙو هيو ايئن تہ ڪا نہ هيو جو ان سبجيڪٽ جي استاد پڙهايو ئي ڪا نہ هجي .جو ان کان پڇا ڪئي وڃي هتي ماشالله سان رزلٽ 97 سيڪڙو کان گهٽ ڪا نہ ايندو آهي ۽ شاگرد تقريبن سڀني سبجيڪٽن ۾ پاس ٿي ويندا آهن .ان ڳاله گوسڙو ۽ نہ پڙهائيندڙ استادن کي تمام گهڻو آسرو ڏنو آهي تہ بابا ڪجه بہ ڪا نہ ٿيندو هويئن بہ سڀ شآگرد پاس ٿي ويندا ۽ انهن ڳالهين پڙهائيندڙ استادن ۽ پڙهندڙ شآگردن کي بہ تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي .پڙهائيندڙ استاد بہ ان ماحول ۾ رهي آهستي آهستي ان ماحول جو شڪار ٿي ٿا وڃن . ۽ پڙهندڙ شآگرد جڏهن امتحاني حال ۾ ڪاپي ٿيندي ڏسن پيا تڏهن اهي پنهنجي ذهن سان لکڻ بدران مجبورن ڪاپي ڪلچر ۾ مبتلا ٿين پيا ظاهري ڳاله آهي جڏهن هر هڪ ڪاپي پيو ڪري ۽ انصاف جا سڀ در بند پيل هوندا تڏهن مجبورن پڙهڻ وارا شاگرد بہ مجبورن ڪاپي ڪن ٿا ايئن سڄو نظام بگڙجي ٿو وڃي .تعليم جي تباهي جو ٻيو بنيادي ڪارڻ نوڪرين ۾ ميرٽ جو قتلام آهي .هتي نوڪريون پيسي ۽ سفارش کان سواء ملن ئي ڪا نہ پيون. نوڪرين وٺڻ لاء ٿيندڙ امتحان ڪنهن ڊرامي کان هر گز گهٽ ڪا نہ آهن جنهن ۾ بوڪنگ پهريان ئي ٿيل هوندي آهي ۽ صرف ڊرامي رچائڻ ۽ خانا پوري ڪرڻ جي لاء امتحان ورتو ويندو آهي .عام طور تي نوڪري جي اشتهار اچڻ کان بعد ئي جوڙ توڙ شروع ٿي ويندي آهي ۽ هر هڪ وڌ کان وڌ سفارش ۽ پيسي آڇڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ڳالهيون وڃي منسٽرن تائين پهچنديون آهن .پوء ڀلا ههڙي ناحق ۾ شاگرد ويچارا ڪٿي پڙهندا جتي محنت ڪري پڙهڻ جو ڪو ئي فائدو نظر ئي ڪا نہ ٿو اچي .۽ انصاف جا سڀ در بند پيل آهن.هتي تہ پبلڪ سروس ڪميشن تي بہ آگريون کڄن پيون.منهنجي خيال مطابق شاگرد صرف پنهنجي اڪيڊمڪ دور ۾ ئي صرف ڪا نہ پڙهندا آهن پر اهي پاس آئوٽ کان بعد نوڪري وٺڻ لاء سخت محنت ڪندا آهن مطلب تہ شاگرن لاء محنت ڪرڻ جا ٻہ اهم دور آهن هڪ اڪيڊمڪ پڙهڻ وارو ۽ ٻيو پاس آئوٽ کان نوڪري وٺڻ وارو دور ۽ ٻئي هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿين پيا.هتي عام طور جيئن تہ پڙهڻ جو اصلي مقصد ئي نوڪري وٺڻ هوندو آهي ان ڪري ٻيون دور بہ تمام اهم آهي.۽ هتي نوڪرين جو حال ڏسي ڪري بہ شآگردن ۽ نوجوانن مان محنت ڪرڻ جو جذبو نڪريو وڃي. هاڻي اچو تہ ان ڳاله تي ٿوري نظر وجهون تہ ان سڄي عمل جو ذميوار ڪير آهي . بظاهر تہ ان سڄي عمل ۾ اسان کي سڀ جا سڀ ذميوار پيا نظر اچن مثال جي طور تي جيئن شاگرد استاد حڪومت بورڊ يونيورسٽيون ۽ سياستدان پر حقيَت ۾ اهو نج گورمنٽ جو ڪم آهي تہ اها ان جو نوٽس وٺي .۽ حڪومت جي ان معاملي ۾ تمام گهڻي عدم دلچسپي ڏٺي وئي آهي . ان جو وڏو سبب آهو آهي تہ حڪومت ۾ موجود ڀوتار ذهنيت جا ماڻهون اهو سڀ ڪو نہ ٿا چاهن تہ ڪو نظام مٽجي ڇو تہ موجوده نظام ۾ انهن جا مفاد لڪيل آهن جيڪڏهن نظام مٽجي ويندو تہ پوء انهن جي اولاد ۽ برادري ڪيڏاهن ويندي.اهو ئي سبب آهي جو سڀ خاموش ويٺل آهن پر مون کي حيرت ٿيندي آهي اسان جي قومپرست ۽ ٻين سياسي پارٽين تي جن ڪڏهن بہ ان مسئلي کي سنجيدگيء سان ناهي ورتو.ٻيو تہ ٺهيو پر اسيمبلي ۾ بہ ان مسئلي تي ڪو ئي آواز ٻڌڻ ۾ ڪا نہ ٿو اچي .مطلب تہ اسان سڀني جي ان معاملي ۾ عدم دلچسپي آهي ۽ اسان سڀ جا سڀ خاموش تماشائي ٿي بيٺل آهيون .پر اسان جي خاموش تماشائي ٿي بيهڻ سان نقصان ڪنهن جو ٿي رهيو آهي هي جو غير اهم ۽ معامولي نوعيت جو مسئلو ڪانهي ڪو جو اسان ان کي ايئن ئي ڇڏي ڏيون ايئن سمجهو تہ هي هڪ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي .اسان جي اهليت جو مسئلو آهي دنيا ۾ قومون علم جي ذريعي دنيا کي پيون فتح ڪن.۽ اسان ڪٿي بيٺل آهيون اسان سڀئي انقلاب ۽ تبديليء جون ڳالهيون تہ ڪريون پيا پر تبديلي بہ تہ پنهنجي گهر کان شروع ٿيندي آهي . ڇو نہ اسان ان مسئلي تي هڪ سگھارو اواز بلند ڪريون جنهن ۾ سڄي قوم جي ڀلائي آهي ۽ آخر ۾ مان ڪجھ تجويزون ڏيندس ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاء يا تہ اسان پنهنجي امتحاني طريقي ۾ تبديلي آڻيون ۽ ان کي سيمسٽر وائز ڪري يونيورستي جيان سيٽ اپ ٺاهيون ۽ ٽيچر جي هٿ مارڪون رکون ڪنسرنٽ ٽيچر جي هٿ م معاملو وڃڻ سان بہ ڪافي مسئلو حل ٿي سگھي ٿو .ايـئن ڪرڻ سان هڪ تہ ٽيچر جو رئب بہ ٿيندو ۽ يونيورسٽين جيان ڪافي معاملو ڪنٽرول هيٺ اچي ويندو.ضرورت آهي وک اڳتي وڌائڻ جي ۽ عمل ڪرڻ جي جيڪڏهن اسان پنهنجو جياپو چاهيون ٿا تہ اسان کي ميرٽ کي قائم ڪرڻو پوندو ۽ ناانصافي ختم ڪرڻي پوندي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تعليم ئي هن وقت اسان جي آزادي ۽ انقلاب جو واحد ذريعو آهي۔ پر الائي ڇو نه ته حڪومت ۽ نه ئي وري سماجي ڌريون ان بابت ڪي خاص فڪرمند آهن۔ الائي ڪيترا مارچ ۽ ڌرڻا ٿيا آهن پر هڪ به تعليم لاء ناهي ٿيو۔ اهڙي وقت ۾ اوهان جي هيء تحرير گهڻي ڪم واري آهي۔

    تمام سهڻي شيئرنگ
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    مهرباني سائين قومن جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو اصل سبب تعليم ئي آهي پر اسان جنهن نموني سان تعليم سان ويڌن ڪئي آهي اهڙو مثال سڄي دنيا ۾ ڪٿي به ڪو نه ٿو ملي هن وقت شاه عبدلطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪاليج سائيڊ وارا پيپر هلي رهيا آهن ۽ ڪاپي جي ڌوم متل آهي حالت اتي وڃي پهتي آهي جو بي ڪام جي شاگردن کي سبجيڪٽن جا نالا به ڪو نه ٿا اچن ۽ ايم اي اڪنامڪس جي شاگردن کي ايڪنامس جي وصف ڪو نه ٿي اچي هي ظلم نه آهي ته باقي ڇا آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو