هيءَ ڪهاڻي آهي هڪ ڪراڙي واڍي جي جيڪو ڪيترن ئي سالن کان هڪ ٺيڪيدار لاءِ ڪم ڪندو هو.. هن ڪيترن ئي گهرن جا خوبصورت دروازا ۽ دريون ۽ ٻيون ضرورت جون شيون بڻايون .... پر هاڻي هو پوڙهو ٿي ويو هو... هن گهر کان پري ڪافي وقت گذاريو هو... هاڻي هو چاهي پيو ته زندگي جا آخري ڏهاڪا گهر ۾ پنهنجي گهر واري ۽ ٻارن سان گڏ آرام سان گذارجن... اهڙو تصور ڪري ئي هو تمام گهڻو خوش ٿي رهيو هو.. تنهنڪري هي ٺيڪيدار ڏانهن ويو ۽ سندس سان اها ڳالهه ڪيائين...
ٺيڪيدار کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته هڪ قابل ماڻهون جنهن پنهنجي ڪم کي بهترين ۽ خوبصورت نموني ڪم ڪيو جي هاڻي کوٽائي ٿيندي... پر هن جي پوڙهائيپ ۽ خواهش کي ڏسندي هن کيس آخري عرض ڪيو ته بس هڪ آخري گهر کي پنهنجي باڪمال فن سان خوبصورت بڻائي ڏي ۽ پوءِ باقي زندگي پنهنجي عزيزن سان آرام سان گذار..“
واڍو جيئن ته هڪ پلان ٺاهي چڪو هو... ۽ گهر ۾ ٻارن ۽ گهر وارن سان مستقل رهڻ جي خوشي کيس معطر ڪري ڇڏيو هو.. ان ڪري ٺيڪيدار جي گذارش کيس بلڪل به سٺي نه لڳي پر اهو سوچي هن ها ڪئي ته اهو ڪم بس سندس جو آخري هوندو ۽ پوءِ هو آزادي سان پنهنجي گهر ۾ بغير ڪنهن ذميداري جي سڪون سان ڏينهڙا گذاريندو....
واڍي ڪم ته شروع ڪيو پر اهو ٿورو وقت گذارڻ سندس لاءِ مشڪل ٿيندو ٿي ويو .... گهر ۾ پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن سان مستقل رهڻ جو تصور ئي سندس لاءِ مسرت سان ڀريل هيو... نتيجي طور هن جي پنهنجي ڪم ۾ دلچسپي نه هئڻ جي برابر هئي ... جنهن ڪري گهر جي اها خوبصورتي نه رهي جيڪا واڍو پهريان ڏيکاريندو رهيو آهي... بس واڍي کي ڪم مڪمل ڪرڻ جي جلدي هئي...
جڏهن ڪم ختم ٿيو ته ٺيڪيدار هن گهر جي چاٻي واڍي طرف وڌائيندا چيو... ”تو پنهنجي زندگي جا قيمتي پل منهنجي ڪمپني کي ڏنا آهن... تنهنجي خوبصورت ڪم ڪمپني کي ڪافي ترقي ڏني... منهنجي طرفان هي هڪ ننڍو تحفو آهي ... هاڻي هي نئون گهر تنهنجو آهي...“
واڍو ڇرڪي پيو ڇو ته هي ڄاڻي پيو ته هن گهر کي خوبصورت بنائڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه ڏيکاري هئي... ۽ جيڪڏهن کيس پهريان خبر هجي ها ته هو هن گهر تي اڃان به بهتر نموني ڪم ڪري ها...
سبق؛ پاڻ کي واڍي جي جاءِ تي رکي سوچيو... توهان ڪنهن به ڪم کي شروع ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندا هوندو پر ڪم جي آخر ۾ توهان جي اها دلچسپي نه رهندي آهي ... جنهنجو نتيجو توهان کي ضرور ڇرڪائيندو... تنهن ڪري پنهنجي ذميدارين کي احسن طريقي سان نڀائجي ... ۽ هر ڪم کي پنهنجي لاءِ سمجهي ڪرڻ گهرجي...